داخلا نمبر 2379
عنوان بشير مورياڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 589 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بشير مورياڻي

بشير مورياڻي

بشير مورياڻي

بشير مورياڻي: شڪارپور جو رهندڙ، مشهور اديب ۽ شاعر آهي. 10 مارچ 1933ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. اول شڪارپور ۾ گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرر هو، پوءِ بي. سي. ايس پاس ڪيائين، ۽ مختلف وڏن سرڪاري عهدن تي رهيو. سيڪريٽري تعليم به رهيو. پاڻ سٺو اديب ۽ شاعر آهي. سندس تصنيفن ۾ ’اصنام خيالي‘ (1955ع)، ’اجنبي‘ (ناول)، ’زندگيءَ جي راهه تي‘ (افسانا)، ’سر سارنگ‘، ’ڪڪر منجهه ڪپار‘ (شاعري)، ’اڌوري اڏام‘ ۽ ’تهذيب اخلاق‘ شامل آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.03.10  عيسوي

بشير مورياڻي 10 مارچ 1933ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون