داخلا نمبر 2424
عنوان بقائي، ڊاڪٽر فريدالدين
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 188 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ڊاڪٽر فريدالدين بقائي

ڊاڪٽر فريدالدين بقائي

بقائي، ڊاڪٽر فريدالدين

بقائي، ڊاڪٽر فريدالدين: پاڪستان جي خانگي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو باني 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ٽي. بيءَ جي مرض وگهي گذاري ويو. والده جي نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آيو. پنهنجي ڪئريئر جو آغاز پوسٽ آفيس جي سامهون ويهي خط لکڻ سان شروع ڪيائين. چار درجا پاس ڪري تعليم جو سلسلو جاري رکيائين. 1950ع ۾ ڪراچي بورڊ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1952ع ۾ انٽرميڊيئيٽ ڪيائين. 1958ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪري اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو. اتان 1965ع ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪري وطن موٽيو. 1967ع ۾ انٽرنئشنل ڪاليج آف سرجري شڪاگو مان ايف. آءِ. سي. ايس ڪيائين. 1976ع ۾ بقائي فائونڊيشن قائم ڪيائين. پنهنجي زال ڊاڪٽر زاهده بقائيءَ جي تعاون سان بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1993ع ۾ ايف. سي. پي. ايس ڪيائين. 1997ع ۾ بقائي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ۽ سرجريءَ جي شعبي جو چئرمئن مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ سندس قائم ڪيل بقائي ميڊيڪل اسپتال ڪاميابيءَ سان هلي رهي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.10.15  عيسوي

ڊاڪٽر فريدالدين بقائي، 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون