داخلا نمبر 2953
عنوان بلاول بيلجم
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 304 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بلاول بيلجم

بلاول بيلجم

بلاول بيلجم

بلاول بيلجم: هيءُ سنڌ جو ناميارو سنگيتڪار ٿي گذريو آهي، پر سندس مشهوري ’بينجي‘ ساز وڄائڻ ڪري ٿي. هيءُ ساز سندس سڃاڻپ بنجي ويو ۽ عرف عام ۾ ’بلاول بينجو نواز‘ سڏجڻ لڳو. هن ساز وسيلي تمام گهڻن فنڪارن سان سنگت ڪئي. سنڌ جي نامياري زميندار، اديب ۽ آرٽ جي قدردان، رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ، پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ بلاول بيلجم کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو آهي ته: ”هن جاپاني رانديڪي ’بينجي‘ کي هڪ اهم ساز بنائي ڇڏيو.“ بلاول بيلجم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان هڪ وڏي عرصي تائين لاڳاپيل رهيو. هن ريڊيو ڪراچيءَ تان پڻ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حصو ورتو. هن هڪ سنڌي فلم جو سنگيت به ڏنو آهي .
بلاول بيلجم 1918ع ۾ مڪران جي بونا شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جمعو خان بلوچ، حمال (بار کڻڻ وارو) هو. هي ”ڪورنگ“ نالي بلوچي ساز جو ماهر هو. سندس والده مائي ماڳي سا به راڳ جي ماهر هئي. ڪوئيٽا جي ريڊيو اسٽيشن تان سندس ڳايل بلوڍي نغما ايترا ته مقبول ٿيا جو کيس بلوچ سردارن ”بلوچي ملڪه ترتم“ جو لقب ڏنو. محمد بلاول بيلجم ڪيئن مشهور ٿيو؟ پاڻ ٻڌايائين ته، ”سائين تقي شاهه جي درگاهه ۾ رياض پئي ڪيم ته ٻڌڻ وارن هڪ بيساخته ائين چئي ڏنو ته تون بينجي جو بيلجم آهين. اتان کان آءُ بلاول بيلجم جي نالي سان مشهور ٿيس.“ بلاول فٽبال جو وڏو کيڏاڙي هو. هو ”نيگرو فٽبال ٽيم“ جو ڪئپٽن هو. ڪراچي ۾ هن موسيقيءَ ۾۽ فٽبال جي گڏيل ڪلب جو بنياد وڌو. ”بلاول بيلجم ميوزڪ اينڊ فٽبال ڪلب“ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.00.00  عيسوي

بلاول بيلجم 1918ع ۾ مڪران جي بونا شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون