داخلا نمبر 3242
عنوان بلاول فقير زرداري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 295 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بلاول فقير زرداري

بلاول فقير زرداري: بلاول فقير 1705ع ۾ ڄائو. هيءُ سنڌ جو درويش صفت ماڻهو هو. بلاول، شهزادي ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاهه سان گڏ رهيو ۽ ميان غلام شاهه جو خاص صلاحڪار به ٿي رهيو. سندس وفات 1754ع ۾ ٿي. بلاول فقير جو مقبرو نوابشاهه کان ٽن ڪوهن تي، اتر طرف دوڙ روڊ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، جيڪو هاڻي ”بالو فقير جي قبي“ جي نالي سان مشهور آهي. هن بزرگ جي نالي تي نواب شاه ۾ بلاول انسٽيٽيوٽ آف ڪلچر اينڊ هسٽري قائم ڪيو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1705.00.00  عيسوي

بلاول فقير 1705ع ۾ ڄائو.


1754.00.00  عيسوي

بلاول فقير جي وفات 1754ع ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون