داخلا ؛ 2954
پڙهيو ويو ؛ 706
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-03-16


تصويرون


bilawal-bhutto.jpg
بلاول ڀٽو زرداري
بلاول ڀٽو زرداري



ٽائيم لائين

1988.09.21-A.D
بلاول ڀٽو زرداري، 21 سيپٽمبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.

2007.12.30-A.D
بلاول ڀٽو، 30 ڊسمبر 2007ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو.




sindhianaسنڌيانا--بلاول ڀٽو زرداري

ٽائيٽل ؛ بلاول ڀٽو زرداري


شاخ : سياستدان

بلاول ڀٽو زرداري: -بلاول- ڀٽو زرداري، 21 سيپٽمبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، هو اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداريءَ جو موڀي پٽ ۽ شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- جو ڏهٽو آهي. هن شروعاتي -تعليم- ڪراچي گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. سندس -امڙ- بينظير ڀٽو جڏهن ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿي ته بلاول، فروبيلس انٽرنيشنل اسڪول -اسلام- -آباد- ۾ داخل ٿيو. صدر فاروق لغاري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ مٿس مختلف ڪيس مڙهيا ويا ۽ سندس ور آصف زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن حڪومتي ڪاررواين سندس والده کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ هوءَ -بلاول- ۽ پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ساڻ ڪري دبئي هلي ويئي. -بلاول- راشد اسڪول فار بوائز دبئيءَ ۾ پڙهيو، -جتي- هو شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊيو ويو. هن وقت هو -آڪسفورڊ يونيورسٽي- جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج جو شاگرد آهي. هيءَ اها ئي يونيورسٽي آهي، -جتي- سندس -امڙ- ۽ نانو به شاگرد رهيا هئا .
بينظير ڀٽو جي شهادت -بلاول- لاءِ وڏي صدمي جي برابر هئي. ڇو ته جڏهن هُو اڃا -ٻار- هو، تڏهن کان ئي سندس والد -آصف علي زرداري- مسلسل جيل ۾ رهيو ۽ پيءُ جي شفقت کان محروم رهيو ۽ اهڙي وقت ۾ اها سندس والده ئي هئي، جنهن کيس ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو پيار ڏنو .
بلاول کي محترمه بينظير ڀٽو جي ٽيجهي، 30 ڊسمبر 2007 تي -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. حالانڪه بينظير ڀٽو پنهنجي وصيت ۾ آصف علي زرداريءَ کي پارٽيءَ جو چيئرمئن بڻائڻ لاءِ لکيو هو، پر هن پاڻ کي شريڪ چيئرمئن بڻايو ۽ -بلاول- کي چيئرمئن، ايڏي ننڍيءَ عمر ۾ سندس وڏيءَ سياسي جماعت جي سربراهه طور مقرري دنيا جي -تاريخ- جو پهريون واقعو آهي، انهيءَ سان گڏ -بلاول- جي سڃاڻپ ۾ هڪ ٻي تبديلي به آئي. آصف علي زرداريءَ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته -بلاول- اڄ کان پاڻ کي ’بلاول ڀٽو زرداري‘ سڏائيندو ۽ لکندو .
بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ جي واڳ سنڀالڻ کان اڳ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پنهنجي -تعليم- مڪمل ڪرڻ گهري ٿو. -بلاول- ڀٽو پنهنجي شهيد والده جي -تدفين- ۽ بعد ۾ والد جي صدر طور قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي طور -پاڪستان- آيو هو. -بلاول- انگريزي، -اردو- ۽ عربي ڳالهائي سگهندو آهي. هو ٽائيڪوانڊو جو بليڪ بيلٽ، گهوڙي سواريءَ ۽ ڪرڪيٽ جو شوقين آهي .
بينظير ڀٽو جي هڪ ساهيڙي وڪٽوريا فيلڊ جو چوڻ آهي ته -بلاول- جي ماءُ سان ڏاڍي پريت هئي ۽ هو ماءُ جو فرمانبردار پٽ هو .
2008ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سياست ۾ اچڻ بابت -بلاول- ڀُٽي چيو هو ته ”في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، وقت اچڻ تي ڏسنداسين. آءٌ -پاڪستان- جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيندس پر اهو فيصلو -تعليم- مڪمل ڪرڻ بعد ڪندس“. پر وقت ۽ حالتن مٿس وقت کان اڳ اهو فيصلو مڙهي ڇڏيو ۽ کيس سياست ۾ اچڻو پيو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بلاول ڀٽو زرداري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بلاول ڀٽو زرداري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن