رئيس شمس الدين بلبل

رئيس شمس الدين بلبل

بلبل رئيس شمس الدين

بلبل، رئيس شمس الدين: رئيس شمس الدين ’بلبل‘ 1857ع ۾ ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو بهادر خان شينو ابڙو ھو. سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙي، بلوچستان جا ھئا، جتان لڏي اچي فريد آباد ۾ رھيا ھئا، دستوري تعليم عربي، فارسي ۽ سنڌي پرائي، انجنيئري کاتي ۾ داروغو مقرر ٿيو. هو جلد ئي پنھنجي علمي استعداد ۽ ذھانت ڪري سنڌ مدرسة السلام جي باني خانبهادر حسن علي افنديءَ جي چوڻ تي محمدن ائسوسيئيشن جي تبليغي رسالي ”معاون“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان ھلايائين، ان کان سواءِ ڪيترين ھفتيوار اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رھيو، طنزيه اصلاحي شاعري ۽ قصيده گوئيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو، سندس مشھور تصنيفون ’ديوان بلبل‘، ’ڪريما نيچرل‘، ’رحيما ما مقيما‘، ’قلندر جو ميلو‘، ’چٽ سوال پٽ جواب‘، ’ڪليات بلبل‘، ’مزاحيات بلبل‘، ’جامِ جم‘ وغيره آهن، بلبل صاحب ڀرپور عملي زندگي گذاري. ھن صاحب طرز اھل قلم، جدت طراز شاعر، صحافي ۽ باڪمال طنز گو شاعر، 13 سيپٽمبر 1919ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو