داخلا نمبر 3312
عنوان بلوچ عنايت
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 778 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
عنايت بلوچ

عنايت بلوچ

بلوچ عنايت

بلوچ، عنايت: نامياري اديب، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ جو پورو نالو عنايت الله ولد غلام نبي ’اُداسي‘ کوسو بلوچ آهي. سندس والد پڻ پنهنجي دؤر جو اهم شاعر هو. سندس جنم 3 آڪٽوبر 1941ع تي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي لڳ احمد پور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (اسلامڪ هسٽري) آهي. عنايت بلوچ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثرنگار، نقاد ۽ لطيف جو پارکو پڻ آهي. ڪسٽمس کاتي ڪراچيءَ ۾ اگزئمننگ آفيسر جي نوڪريءَ کي خيرباد چئي، 1970ع ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتي هو مختلف هنڌن تي مختلف عهدن تي رهيو، جهڙوڪ: اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد، (جولاءِ 1970ع کان فيبروري 1974ع)، پروگرام مئنيجر ريڊيو اسٽيشن ڪوئيٽا ۽ ڪراچي (فيبروري 1974ع کان آگسٽ 1984ع)، اسٽيشن ڊائريڪٽر تربت، حيدرآباد ۽ اسلام آباد (ڊسمبر 1982ع کان سيپٽبر 1995ع)، ڪنٽرولر هوم (ڊسمبر 1995ع کان نومبر 1996ع) ۽ ڊائريڪٽر پروگرامس پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن اسلام آباد (نومبر 1996ع کان 2001ع)، ان کان سواءِ پنهنجي قابليت جي بنياد تي ڪنسلٽنٽ پيمرا (PEMRA: پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي- آگسٽ 2002ع کان جنوري 2003ع) به رهيو آهي. هي مختلف خانگي ريڊيو چئنلن تي پڻ مختلف عهدن تي رهيو آهي. جهڙوڪ: جنرل مئنيجر سچل. ايف. ايم 105 (سيپٽمبر 2003ع کان ڊسمبر 2004ع) ۽ جنرل مئنيجر، جوش ايف. ايم-99 مارچ 2005ع کان جنوري 2008ع) .
عنايت بلوچ دنيا جي ڪيترن ملڪن مان ريڊيو سان لاڳاپيل ڪورسن، ورڪشاپن ۽ سيمينارن ۾ به شرڪت ڪئي، جن ۾ ريڊيو پراڊڪشن
بي. بي. سي لنڊن (75-1974ع)، پاپوليشن ڪميونيڪيشن ايشيا پئسيفڪ انسٽيٽيوٽ فار براڊ ڪاسٽنگ ڊولپمينٽ ڪوالالمپور، ملائيشيا (1980ع)، اسٽڊي ٽوئر وائيس آف آمريڪا ريڊيو/ ٽي. وي نيٽ ورڪ وغيره (1986ع)، براڊ ڪاسٽ مئنيجمينٽD.W ، جرمني (1997ع)، مئنيجمينٽ آف چينج فار براڊ ڪاسٽرس D.W-A.M.I.C (ايشين ميڊيا انفرميشن سينٽر)، سينگاپور (1998ع)، براڊ ڪاسٽنگ ايگزيڪيوٽوز سيمينار، جپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جپان (2000ع) .
عنايت بلوچ کي ريڊيو پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت سان ٻه دفعا محترمه بينظير ڀٽو شهيد سان گڏجي ٻاهرين ملڪن جي سفر ڪرڻ جو اعزاز مليو. پهريون ڀيرو 1989ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت سان ترڪيءَ ۽ عراق جو دؤرو ڪيو ۽ ٻئي دفعي 1994ع ۾ جڏهن محترمه ٻيهر وزيراعظم ٿي ته هن 1994ع ۾ برطانيه جو سرڪاري دورو ڪيو. عنايت بلوچ طرفان، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي دؤري تي مشتمل ريڊيو رپورٽن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو هو .
ان کان سواءِ عنايت بلوچ، ريڊيو پاڪستان جو واحد براڊڪاسٽر آهي، جنهن کي ٻه دفعا ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪوَريج جي سلسلي ۾ ٻاهر موڪليو ويو. پهريون ڀيرو 1983ع ۾ ٽئين پروڊينشل ورلڊ ڪپ جي ڪمينٽريءَ جي انتظامن ڪرڻ لاءِ کيس انگلينڊ ۽ ويلز موڪليو ويو. ٻئي دفعي 1992ع ۾ پنجين بينسن ۽ هيجز ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي سلسلي ۾ عنايت بلوچ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ويو، جتي خوش قسمتيءَ سان ڪپتان عمران خان جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان پنجون ورلڊ ڪپ کٽي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. عنايت بلوچ کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته سندس نالو World’s Who’s Who of Poetry ۾ آيل آهي. اهو ايڊيشن انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سينٽر، ڪئمبرج انگلنڊ مان 1978ع ۾ شايع ٿيو هو. ان جرنل ۾ سنڌي اديبن مان ٻيو نالو فهميده ميمڻ (حسين) جو هو .
عنايت بلوچ کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل پڻ مليا آهن، 1987ع ۾ کيس وزيراعظم هٿان ”شهباز گولڊ ميڊل“ مليو ۽ پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان سندس شاعريءَ جي ڪتاب ’تند ڪٽارو ڪنڌ‘ ۽ سندس سفرنامي ’پرين جي پرديس‘ تي کيس انعام ڏنا ويا. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان سندس خدمتن تي تاج پوشي ڪئي وئي. پاڻ ’بزم تعمير ادب‘ جو صدر رهيو آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن اعزازي عهدن تي پڻ فائز رهيو آهي، جن ۾ اردو سنڌي لٽرري فورم جو سيڪريٽري (1980-1973ع)، سنڌ ڪلچر ۽ لٽريچر ڊولپمينٽ جو ميمبر ۽ حيدرآباد جيمخاني جو تاحيات ميمبر پڻ آهي. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
( 1). ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ (شاعري: 1981ع)، (2). ”پرين جي پرديس“ (سفرنامو: 1984ع)، (3). ”پرديسي ڪهڙا پرين“ (سفرنامو: 1987ع)، (4). ”سهسين ٿيا سارنگ“ (سفرنامو: 1995ع) .
مٿي ڄاڻايل سندس ذاتي تصنيفن کان سواءِ عنايت بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي شخصيتن جا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا آهن، جهڙوڪ: (1) ”سڀ ۾ پنهون پاڻ“، (مير سڪندر خان کوسي جو ڪلام: 1974ع ۾ ڇپيل)، (2) ”ڪي پڙاڏا، ڪي سَڏ“ (جي. الانا جي سنڌي شاعري: 1981ع ۾ ڇپيل)، (3) ”پيارن جا پيغام“ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خطن جي ترتيب 2008ع ۾ ڇپيل) .
عنايت بلوچ، سرڪاري ڪمن ڪارين، سيمينارن ورڪشاپن وغيره جي سانگي سيهي سان هيٺ ڄاڻايل ملڪن جو دؤرو ڪري چڪو آهي:
آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيه (جتي هو ڪيترا ڀيرا ويو آهي ۽ پنهنجن پسنديده شاعرن شيڪسپيئر ۽ ورڊس ورٿ جي مزارن تي به ويو ۽ اتي ويهي نظم تخليق ڪيائين). جرمني، جپان، سينگاپور، سعودي عرب، مليشيا، ايران، عراق، ترڪي، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ .
عنايت بلوچ هن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي ۽ قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.10.03  عيسوي

عنايت بلوچ جو جنم 3 آڪٽوبر 1941ع تي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون