بندرابن

بندرا بن/ برندابَن: ڀارت جي اولهه ۾ اترپرديش جو هڪ علائقو ۽ آبادي. هندن جي روايت موجب شري ڪرشن مهراج پنهنجي جواني هتي گذاري هئي، تنهن ڪري ڪرشن مهراج جي پوڄا پاٺ، سوانح ۽ ڪارنامن ۾ ”برندابن“ جو ذڪر ضرور ٿيندو رهندو آهي. ”برندا بن“ کي عرف عام ۾ ”بندرا بن“ به چوندا آهن. سنڌيءَ ۾ اُن کي ”وندر وڻ“ به چيو وڃي ٿو .


لفظ بندرابنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو