داخلا نمبر 3594
عنوان بني هاشم
شاخ قبيلا ۽ ذاتيون
پڙهيو ويو 527 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بني هاشم

بني هاشم: هيءُ قريش قبيلو آهي، جيڪو هاشم جو اولاد آهي. هاشم قريش قبيلي جو معتبر شخص هو. هو 5 صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالشمس جي جاءِ تي ڪعبي جو مُتولي ٿيو، جيڪو حضرت محمد صلعم جو پڙڏاڏو هو. حضرت علي ڪرم الله وجهه ۽ حضرت عباس رضه جو اولاد بني هاشم آهي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين بني هاشم جو همراهه شريف حسين مڪي جو حاڪم هو. پر 26- 1925ع ۾ ابن سعود مڪي تي قبضو ڪري ورتو ۽ شريف حسن کي هٽائي ڇڏيو. انگريزن شريف حسين جي پٽن امير فيصل کي عراق ۽ امير عبدالله کي اردن جو بادشاهه مقرر ڪيو. 1958ع ۾ عراق ۾ انقلاب آيو، جنهن ۾ عبدالڪريم قاسمي، امير فيصل کي مارائي ڇڏيو. هن وقت بني هاشم مان رڳو شاهه حسين، اردن جو بادشاهه آهي، جڏهن ته هاشم جو اولاد دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي پکڙيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0500.00.00  عيسوي

بني هاشم: هيءُ قريش قبيلو آهي ، جيڪو هاشم جو اولاد آهي . هاشم قريش قبيلي جو معتبر شخص هو . هو 5 صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالشمس جي جاءِ تي ڪعبي جو مُتولي ٿيو ،


1925.00.00  عيسوي

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين بني هاشم جو همراهه شريف حسين مڪي جو حاڪم هو . پر 26- 1925ع ۾ ابن سعود مڪي تي قبضو ڪري ورتو ۽ شريف حسن کي هٽائي ڇڏيو . انگريزن شريف حسين جي پٽن امير فيصل کي عراق ۽ امير عبدالله کي اردن جو بادشاهه مقرر ڪيو .


1958.00.00  عيسوي

1958ع ۾ عراق ۾ انقلاب آيو ، جنهن ۾ عبدالڪريم قاسمي ، امير فيصل کي مارائي ڇڏيو



قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون