داخلا نمبر 3470
عنوان بنگال
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 533 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بنگال

بنگال/ بنگالو: هن ملڪ جو اصل نالو ’بنگه’ يا ’ونگا‘ مان نڪتو آهي. هن علائقي ۾ رهندڙ قوم غيرآريائي هئي، جنهن جو ذڪر ”ٻوڌي ادب“ ۾ ملي ٿو. اڳتي هلي اهو نالو بنگال جي ان علائقي لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جتي اها قوم آباد هئي. ’پال‘ ۽ ’سين‘ راجائن جي دور جو بنگال، گنگا نديءَ جي ڪيٽيءَ وارو علائقو آهي. اهڙيءَ طرح الهندي بنگال کي ”گوراڌا“ ۽ اترئين بنگال کي ”پوندرا ورڌن“ چوندا هئا، ليڪن اهو نالو ڪڏهن ڪڏهن سڄي بنگال لاءِ شمار ٿيندو هو. لفظ بنگال پهريون ڀيرو بلبن‘ جي زماني ۾ استعمال ٿيو هو. 1199هه/ 1784ع ۾ قطب الدين ايبڪ جو هڪڙو ترڪ سوار بنگال جي سرحد ۾ داخل ٿيو ۽ شهر بنا لڙائيءَ جي مسلمانن جي هٿ چڙهيو. ان بعد بنگالُ دهليءَ جي مسلمان حڪومت جي ماتحت رهيو. 1947ع ۾ قيام پاڪستان جي معاهدي ۾ اوڀر بنگال جي مسلم اڪثريت واري آباديءَ وارو حصو، مشرقي پاڪستان جي نالي سان وجود ۾ آيو .
براعظم پاڪ هڪ صوبو، جيڪو پاڪستان جي آزاديءَ وقت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصو مشرقي پاڪستان جي نالي سان پاڪستان جو حصو رهيو ۽ ٻيو حصو ڀارت کي مليو. مشرقي پاڪستان وارو حصو 1971ع ۾ پاڪستان کان جدا آزاد ملڪ ٿيو. سن 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ٽالپر حڪمرانن کي بنگال (بنگالي ۾) ۾ نظربند ڪيو ويو هو. مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“ جو جنم، بنگال جي شهر ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري زماني ۾ ٿيو، جتي سندس والد نظربند هو، جنهن کي مير عبدالحسين سانگي هڪ انگريز خاتون مان ڄائو هو. سانگي اٺن سالن جي عمر ۾ سنڌ ۾ آيو. وڏي هوندي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ياد ڪندي شعر لکيائين:
” اسان جو ملڪ بنگالو، الا يا ايها الساقي “


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون