حرف علت

حرف علت

حرف صحيح

حرف صحيح

بنگالي

بنگالي (Bengali) (ٻولي ):هيءَ ٻولي بنگلاديش (اتر بنگال) ۽ ڪلڪتي (اولهه بنگال) هندوستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڳالهائيندڙن جو تعداد 50 ملين جي لڳ ڀڳ آهي .
هيءَ ٻولي هند آريائي ٻوليءَ جي نک مان آهي. 11 صدي عيسويءَ کان اڄ تائين هن ٻوليءَ جو چلتو ۽ لکت ملي ٿي. زنده ٻولين مان آهي. بشنامينا پوري، مالاچالام هن جون واسطيدار ٻوليون آهن .
هيءَ ٻولي پروٽو بنگالي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي، جيڪا برهمي لپيءَ مان ورتل آهي. آسامي اوريائي، مني پوري ۽ ميٿلي واسطيدار لکتون اٿس. لکت جو نمونو ديوناگريءَ وانگر آهي، جيڪا کاٻي کان ساڄي (ابوگدا) طرف لکي وڃي ٿي. ديوناگري پڻ برهميءَ تان ورتل آهي .
1977ع ۾ چارلس ويڪنس باضابطه لپي تشڪيل ڏني ۽ رواج هيٺ آندي، پوءَ به اڄ تائين ڪن خطن ۾ صورتخطي مستحڪم نه ٿي سگهي آهي. ڍاڪا ۽ ڪلڪتي ۾ لکجندڙ صورتخطي هڪ ٻئي کان قدري مختلف آهي .
هن ٻولي ۾ حرفِ علت جا 11 حرف آهن، جڏهن ته حرفِ صحيح 35 حرف آهن .


لفظ بنگاليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو