داخلا ؛ 3192
پڙهيو ويو ؛ 516
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-20


تصويرون




ٽائيم لائين

1235.01.01-Hijree
بهاءُ الله بهائِي: 19 صدي عيسويءَ ۾ ، ايران ۾ علي محمد شيرازي ” باب “ لقب جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو . علي محمد شيرازي هڪڙي تاجر جي گهراڻي ۾ ، 1 محرم 1235هه/ 20 آڪٽوبر 1819ع تي ڄائو .

1819.10.20-A.D
بهاءُ الله بهائِي: 19 صدي عيسويءَ ۾ ، ايران ۾ علي محمد شيرازي ” باب “ لقب جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو . علي محمد شيرازي هڪڙي تاجر جي گهراڻي ۾ ، 1 محرم 1235هه/ 20 آڪٽوبر 1819ع تي ڄائو .




sindhianaسنڌيانا--بهاءُ الله بهائي

ٽائيٽل ؛ بهاءُ الله بهائي


شاخ : شخصيت

بهاءُ -الله- بهائِي: 19 صدي عيسويءَ ۾، -ايران- ۾ علي محمد شيرازي ”باب“ لقب جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو. علي محمد شيرازي هڪڙي تاجر جي گهراڻي ۾، 1 محرم 1235هه/ 20 -آڪٽوبر- 1819ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو محمد رضا ۽ ماءُ جو نالو فاطمہ بيگم هو. اڃا ٻن سالن جو مس هو ته سندس پيءُ وفات ڪئي. مامي سندس پرورش ڪئي. ابتدائي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ مامي سان گڏ ’بزازيءَ‘ جو ڪم شروع ڪيائين ۽ تجارتي ڪاروبار لاءِ ’بوشهر‘ روانو ٿيو. ’بوشهر‘ ۾ اچي علي محمد، رياضتن، مراقبن ۽ باطني ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. نٽهڻ اُس ۾، ڇت تي وڃي اگهاڙي مٿي سج جي سامهون ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو رهندو هو ۽ وظيفو ڪڍندو هو. هڪ دفعي ڪربلا جي زيارت جي سفر ۾ شيخ احسانيءَ جي خليفي ڪاظم رشتيءَ (1259هه/ 1843ع) سان مليو ۽ -ان- کان -تعليم- ورتائين، -ان- بعد سندس غالي مريدن ۾ شامل ٿي ويو. ڪاظم رشتيءَ جو خيال هو ته -امام- غائب جي ظهور جو وقت اچي ويو آهي، انهيءَ ڪري وفات کان اڳ پنهنجن مريدن کي -امام- مهديءَ جي -تلاش- ۾ سڄي -ايران- ۾ پکيڙي ڇڏيائين. -ان- وقت علي محمد به ڪاظم رشتيءَ جي ڪن مريدن کي ساڻ ڪري ڪوفي جي هڪڙي مسجد ۾ وڃي چلو ڪڍڻ لڳو ۽ 5 جمادي الاول 1260هه/ 23 مئي 1844ع تي ”باب“ هجڻ جي دعويٰ ڪيائين. -ان- وقت سندس عمر 24 سال، 4 مهينا ۽ 4 ڏينهن هئي. ڪجهه عرصي ۾ کيس مڃڻ وارن جو تعداد 18 تائين پهچي ويو. تڏهن پاڻ سميت مڃيندڙن کي 19 شمار ڪري، انهيءَ عدد جي ’ٻي سگهه‘ (يعني 19x19 = 361) تصور ڪري، انهيءَ خيالي گروهه کي ”ڪُل شيءِ“ جو نالو ڏنائين، پر 19 ڄڻن واري انهيءَ فهرست ۾ حسن علي نوريءَ (جنهن کي علي محمد ’باب‘ پاران بهاءُ -الله- جو لقب ڏنو ويو) جو نالو شامل نه هو، جيڪو ”باب“ جو مريد هو، جنهن بعد ۾ ”بهائي“ مذهب جو بنياد رکيو. پوءِ ”باب“ پنهنجي هڪ سرفروش نوجوان مريد ملا محمد علي بار فروشيءَ کي ساڻ ڪري 1260هه/ -آڪٽوبر- 1844ع ۾ حج -بيت- -الله- لاءِ بوشهر مان مڪي شريف جو سفر ڪيو. تجويز اها هئي ته انهيءَ روايت کي پورو ڪجي، جنهن ۾ لکيل هو ته اهو داعي مڪي مڪرمه مان پنهنجي دعويٰ جي شروعات ڪندو، ليڪن ماڻهن هن جي دعوت کي قبول نه ڪيو.
’باب‘ جا داعي ملڪ ۾ گهميا پئي ۽ سندن جدوجهد حڪومت جي نظر ۾ هئي. آخر هڪڙي موقعي تي ”باب“ جي مريدن شيراز ۾ ٻانگ ڏيڻ وقت هي جملو وڌايو ته ”آءٌ اقرار ٿو ڪريان ته علي نبيل (يعني علي محمد باب) کان اڳ آئينه انفاس خداوندي آهي“. تڏهن ماڻهو مشتعل ٿي ويا. انهن اهو به ڏٺو ته ”باب“ جي تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي درست ناهن. -ان- کان پوءِ 1261هه/ 1844ع کان وٺي حڪومت طرفان سندس گرفتاريءَ، رهائيءَ ۽ گرفتاريءَ جو سلسلو هلندو رهيو. 1266هه/ 1850ع ۾ بابي اڳواڻن بهاءُ -الله- (حسن علي نوريءَ) جي هدايت تي هڪڙو اجلاس ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته باب کي جيل مان ڇڏائڻ جو بندوبست ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ اهو طيءِ ٿيو ته ’بابي‘ گهڻائيءَ ۾ گڏ ٿي، شاهه -ايران- جي خلاف احتجاج ڪن ۽ طاقت جي زور تي ”باب“ کي ڇڏائي وٺن. ڪانفرنس کان پوءِ جناب قدوس ۽ قرة العين گڏجي هڪڙي ئي ڪجائي ۾ سفر ڪيو، جيڪو خود بهاءُ -الله- هنن لاءِ تيار ڪرايو هو. قرة العين روزانو هڪڙو غزل لکي حدي خوانن کي ڏيندي هئي، جيڪي رستي ۾ ڳائيندا هلندا هئا. آخر ۾ 2 هزار بابين جي جماعت مزر شهر کي مرڪز بنائي ويهي رهي. هنن هٿيار گڏ ڪيا، کاهيون کوٽيون، رسد جي فراهمي اردگرد جي آبادين مان زوريءَ ورتائون. مؤرخن ’بابين‘ جي عوام سان ٿيل ڏاڍاين کي وڌائي چڙهائي بيان ڪيو آهي. -جنگ- جي خاتمي کان پوءِ ”باب“ کي وري -تبريز- آندو ويو ۽ سندس ٻن مريدن، ملا محمد علي يزديءَ ۽ -آغا- سيد حسين کي گوليءَ سان اُڏائڻ جي تجويز ڏني وئي. جڏهن انهن ٽنهي کي -تبريز- جي -بازار- مان وٺيو ٿي ويا ته ماڻهن مٿن ملامت ڪئي. -آغا- سيد حسين، بابي عقيدي کان توبهه ڪئي، باقي ’باب‘ ۽ محمد علي يزديءَ کي -تبريز- ڇانوڻيءَ جي هڪ عيسائي پلٽڻ ۾ -آچر- جي ڏينهن، 28 شعبان 1266هه/ 9 -جولاءِ- 1850ع تي ٻنپهرن جو قتل ڪيو ويو. سندس لاش ڪيترن ڏينهن تائين رستن تي گهلبو رهيو. آخر ۾ جانورن جي کاڄ لاءِ جهنگ ۾ اڇلايو ويو. بابي روايت موجب ’باب‘ جا مريد اڌ رات جو لاش مخفي طرح کڻي ويا ۽ پنجاهه سالن تائين لڪائي رکيائون. آخر عبدالبها جو لاش -ايران- کان فلسطين ۾ آڻي، ڪوه ڪرسل تي هڪڙي هنڌ دفن ڪيو ويو. هاڻي -ان- قبر واريءَ ايراضيءَ کي ”مقام اعليٰ“ چيو وڃي ٿو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بهاءُ الله بهائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بهاءُ الله بهائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن