داخلا جي تاريخ 2012-03-24
داخلا نمبر 3731
عنوان بهادر خان ڏاهري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 498 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بهادر خان ڏاهري

بهادر خان ڏاهري: ڊاڪٽر بهادر خان ڏاهري ولد رضا محمد خان ڏاهري دولتپور ۾ ڄائو. حيدرآباد مان ايم. بي. بي. ايس ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. 1993ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو. 2002ع ۽ دولتپور واري تڪ مان 2008ع ۾ مسلم ليگ ق جي ٽڪيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتائين، پر ڪاميابي ماڻي نه سگهيو. سندس والد رضا محمد ڏاهري به تر جي بااثر شخصيت ۽ سياستدان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو