داخلا نمبر 3733
عنوان بهادر شاهه ظفر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 788 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بهادر شاهه ظفر

بهادر شاهه ظفر

بهادر شاهه ظفر

بهادر شاهه ظفر: هندستان جو آخري مغل تاجدار بهادرشاهه ظفر 24 آڪٽوبر 1775ع تي قلعه معليٰ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو . سندس پورو نالو ابوالمظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه غازي هو . ’ظفر ‘ سندس شاعراڻو تخلص هو . هيءُ اڪبر شاهه ثاني جو فرزند هو . پيءُ جي وفات کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ 1837ع ڌاري تخت نشين ٿيو . هيءُ اهو زمانو هو ، جڏهن انگريز هندستان ۾ پنهنجا قدم مضبوطيءَ سان ڄمائي رهيا هئا . خود مغل بادشاهه به انگريزن جا پينشن بردار هئا ۽ کين پنهنجي وليعهد نامزد ڪرڻ جو به اختيار نه هو . اُن ڪري ، بهادرشاهه ظفر به جڏهن بادشاهه بڻيو ته اُن کي به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان سوا لک رپيا پينشن ملڻ لڳي ۽ سندس اقتدار رڳو لال قلعي جي چؤديواريءَ تائين محدود رهيو . بهادر شاهه ظفر موسيقيءَ ۽ فنون لطيفه جو شائق هو . کيس شاعريءَ جو شوق وليعهديءَ واري زماني کان هو . دهليءَ جا مشهور شاعر سندس درٻار سان وابسته هئا . سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ محاورن جي بندش تمام سٺي آهي . هو سٺي شاعر هئڻ سان گڏ ماهر خوش نويس به هو . سندس تصنيفن ۾ شاعريءَ جا چار ديوان ۽ ’شرح گلستان سعدي ‘ ۽ هڪ رسالو ’سراج المعرفة ‘ شامل آهن .
1857ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ٿي ته بهادرشاهه ظفر آزادي پسند تحريڪن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ انقلابين کيس سڄي هندستان جو بادشاهه تسليم ڪري ورتو ، پر ڪيترين ئي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي ڪري ، هيءَ جنگ جلد ئي ناڪام ٿي وئي . جنگ جي خاتمي تي 21 سيپٽمبر 1857ع تي کيس گرفتار ڪري ، 7 آڪٽوبر 1858ع تي رنگون ۾ جلاوطن ڪيو ويو ، جتي هن جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 27 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ وطن جي ڌرتيءَ کان دور اُتي ئي دفن ٿيو . سندس غزل جون هيٺيون سٺون ڪيڏيون نه مٿس صادر اچن ٿيون:
کتنا ہے بدنصیب ظفر ، دفن کے لئے ،
دو گز زمین بھی نہ ملی کوئے یار میں۔


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1775.10.24  عيسوي

بهادر شاهه ظفر: هندستان جو آخري مغل تاجدار بهادرشاهه ظفر 24 آڪٽوبر 1775ع تي قلعه معليٰ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو


1837.00.00  عيسوي

بهادر شاهه ظفر: هيءُ اڪبر شاهه ثاني جو فرزند هو . پيءُ جي وفات کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ 1837ع ڌاري تخت نشين ٿيو . هيءُ اهو زمانو هو ، جڏهن انگريز هندستان ۾ پ


1857.00.00  عيسوي

ع ۾ جڏهن آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ٿي ته بهادرشاهه ظفر آزادي پسند تحريڪن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ انقلابين کيس سڄي هندستان جو بادشاهه تسليم ڪري ورتو


1862.11.27  عيسوي

بهادر شاهه ظفر: جنگ جي خاتمي تي 21 سيپٽمبر 1857ع تي کيس گرفتار ڪري ، 7 آڪٽوبر 1858ع تي رنگون ۾ جلاوطن ڪيو ويو ، جتي هن جلاوطنيءَ جي حالت ۾ 27 نومبر 1862ع تي وفات ڪئي ۽ وطن جي ڌرتيءَ کان دور اُتي ئي دفن ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون