داخلا ؛ 3711
پڙهيو ويو ؛ 886
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-24


تصويرون




ٽائيم لائين

0999.00.00-Hijree
بوهِري/ بُهرِيُون: تعلقي هالا ، ضلعي حيدرآباد ۾ هڪ قديم ڳوٺ جو نالو . هيءُ ڳوٺ آڳاٽي هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ ، تعلقي نصرپور ۾ هوندو هو . 999هه/ 1591ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه ، مرزا جاني بيگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي ٺٽي تي چاڙهي موڪليو ته مرزا جاني بيگ اها خبر ٻڌي ، خشڪيءَ توڙي درياهي لشڪر وٺي ، جنهن ۾ 25 ٻيڙين جو آرماڙ به شامل هو ، هن ڳوٺ ۾ اونهي کاهي کوٽائي ۽ ننڍڙو ، پر مضبوط قلعو ٺهرائي ويهي رهيو هو .

1591.00.00-A.D
بوهِري/ بُهرِيُون: تعلقي هالا ، ضلعي حيدرآباد ۾ هڪ قديم ڳوٺ جو نالو . هيءُ ڳوٺ آڳاٽي هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ ، تعلقي نصرپور ۾ هوندو هو . 999هه/ 1591ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه ، مرزا جاني بيگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي ٺٽي تي چاڙهي موڪليو ته مرزا جاني بيگ اها خبر ٻڌي ، خشڪيءَ توڙي درياهي لشڪر وٺي ، جنهن ۾ 25 ٻيڙين جو آرماڙ به شامل هو ، هن ڳوٺ ۾ اونهي کاهي کوٽائي ۽ ننڍڙو ، پر مضبوط قلعو ٺهرائي ويهي رهيو هو .




sindhianaسنڌيانا--بوهري2

ٽائيٽل ؛ بوهري2


شاخ : ڳوٺ

بوهِري/ بُهرِيُون: تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد ۾ هڪ قديم ڳوٺ جو نالو. هيءُ ڳوٺ آڳاٽي هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾، تعلقي نصرپور ۾ هوندو هو. 999هه/ 1591ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه، مرزا -جاني- بيگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي -ٺٽي- تي چاڙهي موڪليو ته مرزا -جاني- بيگ اها خبر ٻڌي، خشڪيءَ توڙي درياهي لشڪر وٺي، جنهن ۾ 25 ٻيڙين جو آرماڙ به شامل هو، هن ڳوٺ ۾ اونهي کاهي کوٽائي ۽ ننڍڙو، پر مضبوط قلعو ٺهرائي ويهي رهيو هو. انهيءَ ئي ڳوٺ ۾ عبدالرحيم خان خانان به قلعي سامهون اچي ڇانوڻي هنئي هئي. بيگلارنامي جي مصنف لکيو آهي ته ”بُهري يا کهري حقيقت ۾ انهيءَ ڍنڍ کي چيو وڃي ٿو، جا -ٻوڏ- جي پاڻيءَ مان، درياهه جي ڪنڌيءَ لڳ تيار ڪئي ويندي آهي. جهيجن جو ڳوٺ هن وقت اڏيري لال ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي. -بوهري- جنهن کي بوهريون به چون ٿا، اڏيري لال لڳ حيدرآباد ضلعي ۾ آهي.“ مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته ”خان زمان (شاهه قاسم خان)، -امير- خسرو، شيخ سلطان، قاسم علي سلطان ۽ ٻين اميرن کي ساڻ ڪري بوهريءَ وٽ اچي جائيتا ٿي ويٺا، جنهن جي هڪڙي پاسي درياهه، ٻئي طرف جتان دشمن جي لشڪر جو دڳ هو، اهڙي ڌٻڻ هئي، جو انهيءَ کي -ان- پاسي اچڻ جي همت نه هئي، ڇوته اتي جنهن به پير ٿي رکيو، سو ڳچيءَ تائين ڌٻڻ ۾ هليو ٿي ويو. -امير خسرو- اها جاءِ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لشڪرين کي شاباس ڏنائين ته کاهيءَ توڙي ڪوٽ جي لاءِ هن کان وڌيڪ ڪا ٻي جاءِ ٿي نٿي سگهي. بروقت کاهي لاءِ کڏ کوٽڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن سان گڏ سندن لشڪرين -ٺل- ۽ ڪُنگرن سان هڪ ڪوٽ اڏيو، جيڪو -ٿوري- ئي عرصي ۾ تيار ٿي ويو هو. پوءِ نصرپور مان سڄو لشڪر -ان- قلعي ۾ اچي آرامي ٿي ويهي رهيو. هن ماڳ وٽ سنڌين جي لشڪر گوريلا -جنگ- واري حڪمت عملي اختيار ڪري شاهي لشڪر کي گهڻو پريشان ڪيو، تنهن ڪري خان خانان جي لشڪر ۾ افراتفري ۽ مايوسي پکڙجي وئي. طبقات اڪبريءَ مطابق -اڪبر بادشاهه- شاهي لشڪر جي مدد لاءِ لکين رپيا ۽ لکين مڻ -اناج- ۽ راجا راءِ سنگهه هٿان توپون ۽ لشڪر ڏياري موڪليو. خان خانان حالتن کان -تنگ- ٿي، بوهريءَ -تان- گهيرو ختم ڪري فوج کي -ٽن- حصن ۾ ورهائي هڪ حصو سيوهڻ قلعي جي گهيري لاءِ موڪليو، هڪ حصو بوهريءَ وٽ ڇڏيائين ۽ باقي لشڪر وٺي فتح باغ/ -جوڻ- واري پرڳڻي ڏانهن هليو ويو. هن چاهيو ٿي ته مرزا -جاني- بيگ کلئي ميدان تي اچي ته کيس شڪست ڏجي، پر -جاني- بيگ سيوهڻ جي قلعي ڏانهن ويل شاهي فوج جي پٺيان روانو ٿيو. شاهي فوج جو هڪ حصو پٺيان -بوهري- ۾ مورچي -بند- ٿي اچي ويٺو. -جاني- بيگ ۽ شاهي فوج جي وچ ۾ سخت -جنگ- لڳي. مرزا -جاني- بيگ بهادريءَ جو اعليٰ مظاهرو ڪيو. هن چاهيو ٿي ته -جنگ- گڏائي وجهجي، پر سندس ماڻهو کيس -جنگ- جي ميدان مان ڪڍي ويا ۽ ٻيڙين ۾ چڙهي انڙپور هليا ويا. بعد ۾ -جاني- بيگ، خان خانان وٽ پيش پيو ۽ ساڻس گڏجي -اڪبر بادشاهه- وٽ آيو. -اڪبر بادشاهه- کيس معاف ڪري دهليءَ ۾ رهائي ڇڏيو، -جتي- ئي اڳتي هلي -جاني- بيگ وفات ڪئي.
اُن زماني ۾ درياهه هن علائقي مان ساڱري واري پيٽ مان وهي رهيو هو. اُن -جنگ- جي ميدان کي ڀٽ شاهه کان ٽي ميل اُتر -اوڀر- طرف سمجهي سگهجي ٿو. اُتي هن وهڪري جو پيٽ گهڻو ظاهر آهي. مير معصوم جو بيان آهي ته جهيڙي جو پڙ بوهرين کان ڇهه ڪوهه يا 12 ميل پري هو. هن وقت -بوهري- ديهه نصرپور کان 10 ميل کن اُتر ۾ آهي. اُن شهر جا ٿرڙَ هن وهڪري جي پراڻي پيٽ تي اوڀارينءَ ڪنار سان اڄ به ڏسي سگهجن ٿا ۽ ساڳئي نالي سان نئون ڳوٺ انهن پراڻن پڊن کان مُنو ميل کن اترطرف آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بوهري2- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بوهري2 - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن