داخلا ؛ 4176
پڙهيو ويو ؛ 264
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-07-03


تصويرون


Bi-Bi-Sughra.gif
بيبي صغرا آپا
بيبي صغرا آپا



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بيبي صغرا آپا

ٽائيٽل ؛ بيبي صغرا آپا


شاخ : شخصيت

بيبي صغرا، آپا: مثالي عورت استادن منجهان آپا بيبي صغرا ڌيءُ غلام علي شاهه بخاريءَ جو نالو سر فهرست آهي، بي بي صغرا 2 فيبروري 1918ع ۾ ابراهيم شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ واقع حويلي سيد محمد شاهه بخاريءَ ۾ پيدا ٿي. کيس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ، لکڻ جو شوق هوندو هو، جيڪو کيس پنهنجي ڏاڏي ۽ پُڦيءَ کان ورثي ۾ مليو هو. سندس ڏاڏي ’بي بي ڀاڳل‘ 1891ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان صوبي سنڌ جي پهرين مسلمان عورت جي حيثيت سان ٽيچرس ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ -تاريخ- جو حصو بڻي. سندن پُڦي ’بيبي ڀاڳل‘ ٽيچرس -ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد- جي پهرين مسلم هاسٽل ميٽرن جي حيثيت سان ڪم ڪيو، پنهنجي گهر ۾ علمي ماحول ڏسي کيس به پڙهڻ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.
بيبي صغرا پنهنجي سموري -تعليم- ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ هن پيشه وراڻه زندگيءَ جو آغاز 1936ع ۾ بابا هاشم خواجه اسڪول ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ ٽيچرس ٽريننگ جي ڪورس ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، ٻيهر وري بابا هاشم جي اسڪول ۾ واپس وڃي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. هي هڪ محنتي ۽ ذهين -استاد- هئي. کيس ڇوڪرين/ڇوڪرن کي -تعليم- ڏيڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس شوق ڏسي بابا هاشم کيس پنهنجي ڌيءَ بڻايو ۽ اسڪول جو انچارج به مقرر ڪيو. -ان- دوران بيبي صغرا جي محنت ۽ ذهانت جي شهرت ٿيڻ لڳي ۽ کيس شهر جي ٻين بهترين اسڪولن مان به نوڪري جون آڇون اچڻ لڳيون، بيبي صاحبه سنڌي گرامر ۽ رياضيءَ ۾ مڪمل عُبور رکندي هئي، کيس مختلف هنرن ۾ به مهارت حاصل هئي. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهندي، بيبي صغرا خواجه ڪميونٽي جي ڇوڪرين لاءِ به -تعليم- جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪيون، تنهنڪري حيدرآباد جي -اسماعيلي- ڪميونٽي اڄ به سندس نالو نهايت ئي عزت ۽ احترام سان وٺندي آهي.
آپا بيبي صغرا 17 -آڪٽوبر- 1941ع کان مئي ’1942ع تائين ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين ۾ ڪم ڪيو. -ان- کانپوءِ وري بابا هاشم خواجه جي اسڪول ۾ -تعليم- ڏيڻ جي سلسلي کي -جاري- رکيائين. هڪ ڀيرو ٻيهر وري کيس ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (وومين) ۾ آپا بدرالنساءِ جي جڳهه تي 30 -جولاءِ- 1942ع ۾ مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته بي بي صغرا کي ئي اهو اعزاز حاصل آهي، جو سندس تقرري لاءِ ليڊي سپرنٽينڊنٽ خود سفارش ڪئي. 13 مئي 1942ع تي کيس ڊي پي آءِ ۽ سنڌ الائونس ڏنو ويو، باصلاحيت -استاد- هئي، هوءَ نصابي سرگرمين کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ شاگردياڻين جي رهنمائي ڪندي هئي. هن ڪيترائي تقريري مقابلا، ڊراما، سبڻ ڀرت جا مقابلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا.
بيبي آپا صغرا پنهنجي پيشه وراڻه زندگيءَ ۾ به تربيت ۽ -تعليم- حاصل ڪندي رهي، جڏهن تريننگ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو مضمون لازمي ڪيو ويو ته هوءَ به امتحان ۾ ويٺي. -ان- کانسواءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ گرلز گائيڊ ’بلو برڊ‘ جي نالي سان شروع ٿي ته ٽريننگ حاصل ڪيائين ۽ ڪاليج پڙهندڙ ڇوڪرين کي سکيا ڏيندي رهي. آپا بيبي صغرا 1966ع ۾ -پاڪستان- گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي ڪوٺايل ٽريننگ پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ٽريننگ جي پڄاڻيءَ تي آرگنائيزنگ سيڪريٽري مسز عصمت نياز کيس تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو. بيبي صغرا جي شاگردياڻين مان ڪيتريون ئي اڳتي هلي سنڌ جي نامور شخصيتون بڻيون. سندس شادي 1942ع ۾ سنڌ جي مشهور خاندان سيد -ثابت علي شاهه ڪربلائي- جي پڙپوٽي سيد ثابت علي شاهه (ثالث) سان ٿي، جيڪو پڻ سرڪاري ملازم هو. سندس اولاد به -تعليم- جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي.
بيبي صاحبه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي هيڊمسٽريس جي عهدي تي -ترقي- حاصل ڪئي. 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ فيميل سپروائيزر بڻي ۽ اتان رٽائرمينٽ ورتائين. بيبي صغرا 27 سيپٽمبر 1991ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -بيبي صغرا آپا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيبي صغرا آپا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن