داخلا نمبر 3465
عنوان بيدل فقير
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 1741 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

بيدل فقير

بيدل فقير: بيدل فقير عرف فقير قادر بخش بيدل، سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/ شاعريءَ ۽ تاريخ جو اهم نالو آهي. هو هڪ باڪمال شاعر، وڏو عالم ۽ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان پوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جي شخصيت سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ گهڻ رخي رهي آهي. هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، نثر نويس ۽ جيد عالم به هو. هو هڪ ئي وقت قرآن، حديث، فقهه وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. ان سان گڏ هو تاريخ ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ ۽ برصغير جي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
بيدل فقير جو اصل نالو قادر بخش هو. هن 1815ع مطابق 1231هه ۾ فقير محمد محسن قريشيءَ جي گهر روهڙي ۾ جنم ورتو. سندس فرزند فقير بيڪس، هن جي ولادت جي تاريخ هن طرح ڪڍي آهي.
زغيب آمده روضته العارفين،
بگتم: گلي راحت العاشقين.
ڄمڻ وقت سندس نالو ”عبدالقادر“ رکيوويو، پر جڏهن سن شعور کي پهتو، تڏهن حضرت عبدالقادر جيلانيرح جي عقيدت منديءَ سبب پاڻ کي ”قادر بخش“ سڏائڻ لڳو. اڳتي هلي سندس تصنيفن ۾ ٻنهي نالن جو استعمال ٿيل آهي.
فقير قادر بخش بيدل جو والد فقير محمد محسن هڪ درويش صفت شخص هو ۽ اڪثر وقت رياضت ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. هو ڀاڳناڙيءَ جي سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني جو دست بيعت مريد هو ۽ ان جي وسيلي سان مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي دوئم جو به معتقد ٿيو. فقير محمد محسن (بيدل جي والد) 1259 هه مطابق 1856ع ۾ وفات ڪئي. فقير قادر بخش بيدل، والد جي وفات وقت 29 سالن جو هو. بيدل جا وڏا اصل روهڙيءَ جا رهاڪو هئا ۽ تسر جي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا.
فقير قادر بخش بيدل پنهنجي وقت جو نهايت پڙهيل ڳڙهيل ۽ اعليٰ تعليم يافته شخصيت جو مالڪ هو. هن جي ولادت هڪ درويش ۽ قادري طريقي جي دست بيعت صوفيءَ جي گهر ۾ ٿي. سندس والد وٽ صوفي درويش ۽ مفڪر ايندا هئا، ان ڪري سندس ابتدائي تربيت هڪ عالماڻي ۽ عارفاڻي ماحول ۾ ٿي، جنهن جو ثبوت سندس تصينيفون آهن. فقير بيدل روهڙيءَ جي ڪهڙن مدرسن ۽ ڪهڙن استادن وٽ تعليم حاصل ڪئي، ان جو مستند پتو نه ٿو پوي. فقير بيدل پاڻ به ڪنهن تصنيف ۾ استاد يا مدرسي جو ذڪر نه ڪيو آهي. خانداني روايتن موجب فقير بيدل پنجن کان ٻارهن ورهين تائين مڪتبي تعليم حاصل ڪئي. سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن پنهنجي والد جي صحبت ۽ وقت جي عالمن ۽ صوفين کان تعليم حاصل ڪئي هوندي. بيدل فقير جو برصغير جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس هو. فارسيءَ جو ڄاڻو هئڻ ڪري مولانا رومي، سعدي، حافظ شيرازي ۽ عطار جي ڪلام جو هن گهرو مطالعو ڪيو. ان کانسواءِ سنڌ جي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري به سندس مطالعي هيٺ رهي. هن سنڌ جي علمي ۽ صوفي مرڪزن سيوهڻ، ڀٽ شاهه، جهوڪ شريف، درازا، پير جي ڳوٺ، پريالوءِ، نوشهري فيروز ۽ ڪنڊڙيءَ وڃي هتان جي درگاهن جي فڪري تحريڪ کان آگاهي حاصل ڪئي. صوفي فقيرن سان ڪچهريون ڪيون ۽ سندن فڪري ڪلاسن کان متاثر ٿي رچي ريٽو ٿيو. ڪجهه روايتن موجب هن مير علي گوهر شاهه اصغر کان مثنوي مولانا روم جا سبق ورتا ۽ مولوي عبدالرحمان سکر واري وٽ شرح جامي به پڙهيو. سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن سنڌ جي مختلف عارفن ۽ صوفي درويشن کي پنهنجو مرشد سمجهيو آهي. سندس ڪلام ۾ حضرت قلندر شهباز، جان دين الله شاهه رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست سان عقيدت جو کُليو اظهار ملي ٿو.
فقير قادر بخش بيدل تعليم تربيت ۽ سير سياحت کان پوءِ تصنيف ۽ تاليف جووڏو ڪم ڪيو. هن 59 سالن جي حياتي ۾ عربي فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ نظم ۽ نثر جا 30 ڪتاب تصنيف ڪيا. جن مان اڪثريت عربي ۽ فارسي ٻولي ۾ آهي. سندس مشهور ڪتابن ۾ ”مثنوي رياض الفقر“، ”ديوان سلوڪ الطالبين“، ”رموز القادري“، ”ڪرسي نامه“، ”سرود نامو“ (سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافين جو مجموعو) ”وحدت نامو“ (سنڌي بيتن جو مجموعو) ”غزليات هندي“ (اردو ڪلام) ”ديوان بيدل“ (فارسي) ”پنج گنج“ وغيره شامل آهن.
پنج گنج فقير بيدل جو مقبول ترين ڪتاب آهي، جنهن ۾ قرآن، حديث، مثنوي، فارسي شاعري ۽ شاهه جا سنڌي بيت پڻ ڏنل آهن. بيدل سائينءَ جي صحبتي فقيرن ۾ فقير غلام محمد، قاضي پير محمد، ڪرمچند بجاج ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جن سان سندس مجازي محبت هئي. صوفين جي نزديڪ حقيقي عشق جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ مجازي عشق جو ڏاڪو پار ڪرڻ ضروري آهي. سندس ڪلام کي ”ديوان بيدل“ جي نالي سان ترتيب ڏيئي گرومل کٽڻ مل هرجاڻيءَ پهريون ڀيرو 41-1940ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ديوان بيدل جو هڪ اهم نسخو عبدالحسين شاهه موسويءَ ترتيب ڏيئي ڇپايو.
بيدل جو اردو ڪلام نوجوان محقق ۽ شاعر اختر درگاهيءَ ”اردو ڪلام'>بيدل جو اردو ڪلام“ عنوان سان ترتيب ڏيئي 1997ع ۾ ڇپايو هو. جيڪو ٻيهر ”ديوان بيدل“ (بيدل ڪا اردو ڪلام) عنوان سان 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ لائق محقق بيدل جي سوانح عمري، تعليم ۽ تربيت، بيدل جي صحبتن ۽ تصنيف ۽ تاليف جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
بيدل فقير 16 ذوالقعد 1289هه مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي روهڙيءَ ۾ ميلو ۽ عرس منعقد ٿيندو آهي، ان موقعي تي بيدل ادبي ڪانفرنس جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1815.00.00  عيسوي

بيدل فقير جو اصل نالو قادر بخش هو . هن 1815ع مطابق 1231هه ۾ فقير محمد محسن قريشيءَ جي گهر روهڙي ۾ جنم ورتو .


1231.00.00  هجري

بيدل فقير جو اصل نالو قادر بخش هو . هن 1815ع مطابق 1231هه ۾ فقير محمد محسن قريشيءَ جي گهر روهڙي ۾ جنم ورتو .


1289.11.16  هجري

بيدل فقير 16 ذوالقعد 1289هه مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ وفات ڪئي . هر سال سندس مزار تي روهڙيءَ ۾ ميلو ۽ عرس منعقد ٿيندو آهي ، ان موقعي تي بيدل ادبي ڪانفرنس جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي


1873.01.15  عيسوي

بيدل فقير 16 ذوالقعد 1289هه مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ وفات ڪئي . هر سال سندس مزار تي روهڙيءَ ۾ ميلو ۽ عرس منعقد ٿيندو آهي ، ان موقعي تي بيدل ادبي ڪانفرنس جو اهتمام به ڪيو ويندو آهي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون