داخلا نمبر 3489
عنوان بيدل مسرور
شاخ اديب
پڙهيو ويو 1250 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بيدل مسرور

بيدل مسرور

بيدل مسرور

بيدل مسرور: سنڌ جي نامياري فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم ۽ نقاد، بيدل مسرور بدويءَ جو اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي. هن 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، تعليم ايم. اي سنڌي اٿس. هن ايم. اي سنڌيءَ ۾ ”شڪارپور جي لئبريرين ۾ رکيل ڪتابن جو ڪيٽلاگ عنوان“ سان مونوگراف لکيو، بيدل مسرور جو ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان واسطو رهيو آهي ۽ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. هن ميوزڪ ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي چار عدد گولڊ ميڊل ۽ پي ٽي وي اوارڊ حاصل ڪيا آهن. سنڌي موسيقيءَ کي جدت ڏيڻ ۾ هن جون تمام وڏيون خدمتون آهن. خاص ڪري شيخ اياز، امداد حسيني، استاد بخاريءَ ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ کي هن نون سرن ۽ پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ ڳائي سنڌ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. سندس تصنيفن ۾ راڻي (ناوليٽ: 1971ع)، ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻيون 1988ع) چاهتن جي ٽِواٽي تي ۽ آءِ لو يو (ٻه جاڙا ناول: 1999ع) سپنن جو سنسار (ترجمو: 2007ع) ۽ بيدل نامو شامل آهن. سندس تاليف ڪيل ڪتابن ۾ ’ڪليات مسرور‘ ڀاڱو پهريون (2007ع)، ’هير رانجهو‘ (فقير غلام علي مسرور جي مثنوي) شامل آهن. ان کانسواءِ هن جو هڪ ناول ”نظرين جو چڙياگهر ۽ هڪ ڀولو“ ماهوار ”پورب“ ڪراچيءَ ۾ جنوريءَ کان آڪٽوبر 1996ع تائين قسطوار ڇپيو هو. بيدل مسرور جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن شڪارپور جو باني، سنڌي ادبي سنگت، شاخ شڪارپور جي نئين دور جو باني، سنگت شاخ ڪراچيءَ جو ميمبر، سنگت سچل ڳوٺ جي باني ميمبرن مان رهيو آهي، هن شڪارپور مان گلشن سيريز جا پنج ٻاراڻا ڪتاب ۽ محل پبليڪيشن شڪارپور پاران 6 ڪهاڻين جا مجموعا ڇپائي پڌرا ڪيا، جن ۾ مشهور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو، ’ساگر جي لهرن تي‘ (1976ع) به شامل آهي، بيدل مسرور مٿين ٻنهي ادارن جو باني رهيو آهي. بيدل مسرور سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽيءَ جو 5 سال چيئرمئن به رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. (1). پل پوپٽ، پل جگنو (سوانحي ناول)، (2). ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا (اسٽيج ٿيٽر)، (3). اڪ جو پن (شاعري)، (4). چيني رهنما ليوشائوچيءَ جي ڪتاب How to be a good Communist جو ترجمو. بيدل مسرور جا سنڌي شاعريءَ، موسيقي، شخصيات ۽ ادبي ڪتابن تي تنقيد بابت تمام گهڻا مقالا، ڪالم ۽ مهاڳ، اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن جون ٻه شاديون آهن، ٻي شادي ٽيليويزن جي سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪار خاتون بينا سان ٿيل آهي، جيڪا ڊاڪٽر سحر امداد جي ڀيڻ آهي. هو هن وقت هو سچل ڳوٺ، نزد پي. سي. ايس. آر لئبارٽريءَ ملير، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. سندس وڏو پٽ سائرس مسرور پڻ ٽي. وي اداڪار ۽ ماڊل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.11  عيسوي

بيدل مسرور: سنڌ جي نامياري فنڪار ، موسيقار ، شاعر ، ڪهاڻيڪار ، ڊراما نگار ، مترجم ۽ نقاد ، بيدل مسرور بدويءَ جو اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي . هن 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو ،



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻلديو مٽلاڻي
اسماعيل شيخ
امر جليل
اتم اي جي
انعام شيخ
ارباب نيڪ محمد
آسانند مامتورا
بيدل مسرور
آگرو غلام رباني
بهاري لعل ڇاٻڙيا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون