داخلا ؛ 3510
پڙهيو ويو ؛ 1038
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون


beeram-khan.jpg
بيرم خان
بيرم خان



ٽائيم لائين

1433.00.00-A.D
بيرم خان پنهنجن وڏن مان هڪ شخص علي شڪور بيگ وٽ ملازمت ۾ رهيو . اهو 837هه/ 1433ع جو واقعو آهي ،

1529.00.00-A.D
صرف سورهن سالن جي عمر ۾ همايون جي ملازمت ۾ داخل ٿيو ، جنهن کي بابر 936هه/ 1529ع ۾ بدخشان جي گونري تي مامور ڪيو هو .

0936.00.00-Hijree
صرف سورهن سالن جي عمر ۾ همايون جي ملازمت ۾ داخل ٿيو ، جنهن کي بابر 936هه/ 1529ع ۾ بدخشان جي گونري تي مامور ڪيو هو .

0950.00.00-Hijree
بيرم خان ، راجپوتانا جو رڻ جهاڳي ( 950هه/ 1543ع ) ۾ جُوڻ جي علائقي ۾ آيو ، جيڪو هن وقت ويران حالت ۾ آهي .

1555.00.00-A.D
هندستان جي مهمن دوران بيرم خان ، شاهي فوج جي سالاراعظم جي حيثيت سان همايون لاءِ ڪيترائي ڀيرا فتوحات ۾ سرخرو ٿيو هو . انهن ۾ وڏي جنگ اها هئي ، جيڪا 963هه/ 1555ع ۾ سرهند جي ويجهو ” ماڇي واڙي “ وٽ شيرشاهه سوريءَ کي شڪست ڏيئي فتح حاصل ڪئي ويئي .




sindhianaسنڌيانا--بيرم خان

ٽائيٽل ؛ بيرم خان


شاخ : شخصيت

بيرم خان: ’خان خانان‘ (امير الامراءِ)، جنهن کي اڪبر بادشاهه، ننڍپڻ ۾ محبت ۽ عزت وچان ”خان بابا“ يا ”بابا ام“ چوندو هو، سو ترڪمان قبيلي جي هڪ شاخ ”بهارلو“ جو فرد هو، جنهن ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي وفات کان پوءِ شهر ”بڪر“ ۾ ڪئين ڪارناما انجام ڏنا. -بيرم خان- پنهنجن وڏن مان هڪ شخص علي شڪور بيگ وٽ ملازمت ۾ رهيو. اهو 837هه/ 1433ع جو واقعو آهي، جڏهن ته ابو سعيد مرزا جي شڪست کان پوءِ -ان- جي پٽ محمود مرزا جي ملازمت ۾ رهيو. همدان، دينور ۽ ڪردستان ۾ سندس وڏيون جاگيرون هيون، جنهن خاندان سان -بيرم خان- جو تعلق هو، اهو هميشه بادشاهن ۽ شهزادن جي ملازمت ۾ رهندو هو. سندس ڏاڏو يارعلي بيگ، جيڪو -بدخشان- ۾ رهندو هو. بابر وٽ ملازم هو. سندس پيءُ ’غزنه‘ جو گورنر هو ۽ بابر جي مرڻ کان پوءِ هو همايون جو ملازم ٿي رهيو.
بيرم خان، -بدخشان- ۾ (’غزنه‘) ۾ پيدا ٿيو. ننڍو هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. -ان- کان پوءِ هو -بلخ- ڏانهن هليو ويو. اتي -تعليم- حاصل ڪيائين. سندس زندگيءَ جي حالات مان معلوم ٿو ٿئي ته هن جي -تعليم- نهايت مڪمل هئي. -بيرم خان- نهايت وسيع مطالعي ۽ درٻاري آداب کان پوريءَ طرح واقف هو. صرف سورهن سالن جي عمر ۾ همايون جي ملازمت ۾ داخل ٿيو، جنهن کي بابر 936هه/ 1529ع ۾ -بدخشان- جي گونري تي مامور ڪيو هو. اتفاق سان -ان- وقت همايون ڪابل ۾ هو. -بيرم- خان، همايون سان گڏ هندستان هليو آيو ۽ -ان- سان گڏ ”چوسا“ ۽ ”قنوج“ جي لڙاين ۾ شريڪ ٿيو، -جن- ۾ همايون جون فوجون تباهه ٿي ويون هيون. دشمن جي تعاقب کان بچڻ لاءِ -بيرم خان- هڪڙي زميندار وٽ پناهه ورتي، شيرشاهه سوريءَ، -بيرم خان- کي چوائي موڪليو ته يا ته شيرشاهه وٽ ملازمت ڪري، نه ته سندس علائقي مان هليو وڃي. -بيرم- خان، شيرشاهه سوريءَ جي آڇ کي رد ڪري گجرات ڏانهن هليو ويو. -بيرم خان- گجرات جي -بادشاهه- سلطان محمود جي درٻار تائين پهچڻ ۾ نه فقط ڪامياب ويو، پر سلطان کيس پاڻ وٽ ملازم به ڪري رکيو، ليڪن -بيرم خان- فقط وقت گذارڻ لاءِ حج تي وڃڻ جي اجازت وٺي سورت ڏانهن روانو ٿي ويو. -بيرم- خان، راجپوتانا جو رڻ جهاڳي (950هه/ 1543ع) ۾ جُوڻ جي علائقي ۾ آيو، جيڪو هن وقت ويران حالت ۾ آهي. پنهنجي -بادشاهه- همايون سان اچي مليو. همايون -ان- وقت پنهنجي وڃايل -تخت- ۽ -تاج- حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هو. جڏهن همايون پنهنجي -ڀاءُ- مرزا عسڪريءَ کان مدد وٺڻ لاءِ قنڌار ويو، تڏهن -بيرم خان- ساڻس گڏ هو. هن -ايران- جي شاهه طهماسپ، -ان- وقت -بيرم خان- کي پنهنجي ملازمت ۾ اچڻ لاءِ آڇ ڪئي، ته -بيرم خان- قبول نه ڪري، پنهنجي بدنصيب -بادشاهه- (همايون) جي رفاقت کي ترجيح ڏني. زماني ۾ وفاداريءَ جو اهو مثال قابل قدر آهي. هندستان جي مهمن دوران -بيرم- خان، شاهي فوج جي سالاراعظم جي حيثيت سان همايون لاءِ ڪيترائي ڀيرا فتوحات ۾ سرخرو ٿيو هو. انهن ۾ وڏي -جنگ- اها هئي، جيڪا 963هه/ 1555ع ۾ سرهند جي ويجهو ”ماڇي واڙي“ وٽ شيرشاهه سوريءَ کي شڪست ڏيئي فتح حاصل ڪئي ويئي. انهيءَ فتح همايونءَ جي قسمت کولي ڇڏي ۽ کيس -تخت- ۽ -تاج- موٽي ملڻ جو يقين ٿي ويو، انهيءَ ڳالهه جو مدار ڪنهن حد تائين -بيرم خان- جي وفا شعاري ۽ خلوص جو نتيجو هو، جنهن جي عيوض 962 هه/ 1554ع ۾ کيس شهزادي اڪبر جو اتاليق (اُستاد) مقرر ڪيو ويو، جنهن جي عمر اُن وقت فقط تيرهن سال هئي. -ان- سان گڏ -بيرم خان- کي ”خان بابا“ جو لقب به مليو. -ان- کانپوءِ -بيرم- خان، شهزادي اڪبر سان گڏ پنجاب هليو ويو، جنهن کي اتي جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. سال 1556ع ۾ جڏهن همايون جي اوچتي موت جو اطلاع پنجاب ۾ پهتو، تڏهن -بيرم- خان، سڪندرشاهه سوريءَ جي رهيل لشڪر سان -جنگ- ۾ مصروف هو. هُن بنا دير جي اڪبر جي شهنشاهيءَ جو اعلان ڪري سِرن جو عارضي -ٿلهو- ٺهرائي، -تخت- بنائي، اڪبر جي تاجپوشي به ڪري ڇڏي. اهو عارضي -تخت- اڄ به ’ڪلانور‘ (ضلعي گرد اسپور، ڀارت) ۾ موجود آهي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ هيمو بقال، جيڪو سوري فوج جو سپهه سالار هو، تنهن دهليءَ تي حملو ڪيو. تردي بيگ جيڪو اتي جو گورنر هو، شهر ڇڏي ڀڄي ويو. -ان- تي -بيرم- خان، سندس قتل جو حڪم -جاري- ڪري ڇڏيو. سال 964هه/ 1556ع ۾ جڏهن -پاڻيپٽ- جي ميدان ۾ هيموءَ جي فوج جو شاهي فوج سان مقابلو ٿيو ته -بيرم خان- کي فتح حاصل ٿي. جيئن ته هيمو بقال، هيٺئين طبقي جو هو ۽ باغين جي اشاري تي -بادشاهه- بنجڻ جو خيال سندس دماغ ۾ ويٺل هو، انهيءَ ڪري -اڪبر بادشاهه- هيموءَ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. -بيرم خان- -ان- وقت اختيار ۽ اقتدار جي انتهائي عروج تي هو ۽ نابالغ اڪبر جي طرفان سموري سلطنت تي حڪومت ڪري رهيو هو. ليڪن اڪبر پنهنجي اتاليق لاءِ ناپسنديءَ جو اظهار شروع ڪرڻ لڳو، جڏهن ته -بيرم خان- جي مرضي هئي ته اڪبر ٻاراڻيون دلچسپيون ڇڏي شاهاڻو انداز اختيار ڪري، سال 965هه/ 1557ع ۾ -بيرم خان- جي شادي سليمہ سلطان بيگم سان ٿي، جيڪا همايون جي ڀيڻ گلرخ جي ڌيءَ ۽ اڪبر جي پڦاٽ هئي. اهڙيءَ طرح -بيرم خان- ڄڻ ته شاهي خاندان جو فرد بنجي ويو. -ان- کان پوءِ اقتدار ۽ اختيار ڄڻ ته -بيرم خان- جي لاءِ وبال بنجي ويا. حاسدن طرح طرح جا حيلا هلائي -اڪبر بادشاهه- کي پوريءَ طرح -بيرم خان- جي رويي کان بدظن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو جو اڪبر پاڻ کي -بيرم خان- جي اتاليقي مان جند ڇڏائڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳو. -بيرم خان- اهو محسوس ڪيو ته حالات سندس خلاف آهن، تڏهن هن پنهنجي عيال کي ڀٽنڊه جي قلعي ۾ ڇڏي مڪي معظمہ وڃڻ جي بهاني -جالنڌر- ۾ آيو. سندس نيت -جالنڌر- تي قبضي ڪرڻ جي هئي، پر شاهي فوجن کيس شڪست ڏني ۽ کيس منصبن ۽ خان خانان جي خطاب کان محروم ڪيو ويو. -ان- کانپوءِ -اڪبر بادشاهه- سندس قصور معاف ڪيو، ليڪن سندس هڪڙي دشمن مبارڪ خان نوحاڻي، جنهن جو پيءُ ماڇي واڙي واريءَ -جنگ- ۾ مارجي ويو هو، تنهن کيس دغابازيءَ سان 14 جمادي الاول 968هه/ 31 -جنوري- 1561ع تي قتل ڪري ڇڏيو. -ان- وقت هو پَٽن (انهلواڙ) ۾ منزل انداز هو. سندس خيمو لٽيو ويو ۽ -اهل- و عيال، جنهن ۾ چئن سالن جو ٻارڙو مرزا عبدالرحيم خان به هو، بلڪل خالي هٿين -احمد آباد- پهتو. وصيت مطابق سندس لاش کي مشهد ۾ دفن ڪرايو ويو. هو -امام- موسيٰ رضا جي روضي لڳ اُچي گنبذ واري مقبري ۾ دفن ٿيل آهي. -بيرم خان- هڪ بلند پايه عالم، فاضل، -ترڪي- ۽ فارسي ٻولين جو شاعر، فنون لطيفه جو قدرشناس ۽ آزاد خيال ماڻهو هو. حقيقت ۾ هو ذهني ۽ قلبي صلاحيتن جو مالڪ هو. هو عالمن، فاضلن، شاعرن، مصورن، ڳائڻن، موسيقارن ۽ هنرمندن جو نهايت قدردان ۽ سرپرست هو. سندس ديوان 1910ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو هو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بيرم خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيرم خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن