داخلا ؛ 3164
پڙهيو ويو ؛ 465
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-19


تصويرون


Bena-Masror.jpg
بينا مسرور
بينا مسرور



ٽائيم لائين

1958.01.29-A.D
بينا مسرور 29 جنوريءَ 1958ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي




sindhianaسنڌيانا--بينا مسرور

ٽائيٽل ؛ بينا مسرور


شاخ : شخصيت

بينا مسرور: -بينا مسرور- جو اصل نالو مهه جبين آهي، پر گهر ۾ ننڍي هوندي کان ئي کيس ’بينا‘ سڏيو ويندو هو ۽ اهو نالو ئي ادبي ۽ شوبز جي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. سندس ور جو نالو -بيدل مسرور- آهي. -ان- ڪري هاڻي -بينا مسرور- جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ 29 جنوريءَ 1958ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو نالو صلاح الدين احمد -بلوچ- آهي، جيڪو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل جي عهدي -تان- رٽائر ٿيو ۽ 1984ع ڌاري وفات ڪيائين. -بينا- جي -تعليم- انٽر تائين آهي. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. سندس ڀيڻ سحر امداد به سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعره آهي.
بينا، شاعريءَ جي شروعات 1977ع ڌاري ڪئي. گهڻو ڪري سندس نظم، آزاد نظم، نثري نظم ۽ -ٽيڙو- سنڌي زبان جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس شاعري رومانوي به آهي ته سماجي مشاهدي جي عڪاسي ڪندڙ به آهي، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي. بينا، شوبز جي دنيا جو آغاز 1976ع کان ڪيو. هن جو پهريون ڊرامو شمشيرالحيدريءَ جو لکيل، ستن قسطن جو سيريل ”منزل“ هو، جنهن ۾ هن ليکڪا جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سندس ڪامياب ڊرامن جي هڪ طويل فهرست آهي، -جن- مان ڪي هي آهن: ’زندگيءَ جو زهر‘، ’فرمانبردار‘، ’سفر ۽ ساٿي‘، ’ماٺار‘، ’ڪيڏو ڪارونڀار‘، ’پيڙا‘، ’ناڪيلي‘، ’بري هن -ڀنڀور- ۾‘، ’موتئي جهڙو من‘، ’عيد ٿي وئي‘، ’فيصلو‘، ’خالي گهر‘، ’موت جا پاڇولا‘، ’لڙڪ لڙڪ زنجير‘ ۽ ’انت بحر‘.هن -بيدل مسرور- جي هدايتن هيٺ ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن. مثال طور: ’رابطو‘، ’خوابن جو شهر‘، ’هار جيت‘، ’زندگي هڪ ڪن‘، ’اميد‘، ’مورت‘، ’ساڻيهه جي سڪ‘ ۽ ’دل ڪا معاملا‘ (اردو)، ’دل جي دنيا‘ ۽ مور اڏاڻا مور (سيريز). ڊرامن کان سواءِ، -بينا- ڪيترن ئي ٽي. وي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪئي آهي ۽ هڪ ٻن اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي. -بينا- ٻه ڊراما پڻ لکيا آهن: ’نيلي‘ ۽ ’ٽوپو‘، جيڪي -بيدل مسرور- ۽ محمد بخش سميجي ڊائريڪٽ ڪيا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بينا مسرور- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بينا مسرور - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن