داخلا نمبر 3556
عنوان بيگم آغا خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 573 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بيگم آغا خان

بيگم آغا خان

بيگم آغا خان

بيگم آغا خان: اسماعيلي جماعت جي اٺيتاليهين امام ۽ موجوده آغاخان شاهه ڪريم الحسينيءَ جي ڏاڏي سر سلطان محمد شاهه (آغاخان ٽيون) جي چوٿين ۽ آخري بيگم، جنهن جو اسلامي نالو ”اُم حبيبہ“ رکيو هئائون. هوءَ ڏکڻ فرانس جي رياست ”ويٽ بلينچ بيبريس“ ۾ فيبروري 1906ع ڌاري ڄائي هئي. آڪٽوبر 1946ع تي سندس شادي سر سلطان محمد شاهه، (آغا خان ٽئين) سان ٿي. هن خاتون هز هائينيس آغاخان ۽ اسماعيلي جماعت جي ايتري ته خدمت ڪئي جو هزهائينيس مٿس راضي ٿي، کيس جماعت جي ”ماتا سلامت“ جو خطاب ڏنو هو. اهو خطاب کانئس اڳ، هز هائينيس آغا خان جي والده ماجده کي مليل هو. 1957ع ۾ آغا خان ٽئين جي وفات کان پوءِ اسوان (مصر) جي ماڻهن، بيگم اُم حبيبہ کي سندس خاوند جي مقبري تي روزانو گلن جي ورکا ڪندي ڏٺو. بيگم اُم حبيبہ ”مِس فرانس“ به رهي چڪي هئي. پاڻ پهرين جولاءِ 2000ع تي وفات ڪيائين. سندس خواهش موجب کيس سندس خاوند هز هائينيس آغاخان ٽئين جي ڀر ۾ اسوان شهر ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

بيگم آغا خان: جنهن جو اسلامي نالو ” اُم حبيبہ “ رکيو هئائون . هوءَ ڏکڻ فرانس جي رياست ” ويٽ بلينچ بيبريس “ ۾ فيبروري 1906ع ڌاري ڄائي هئي .


2000.07.01  عيسوي

بيگم آغا خان: پاڻ پهرين جولاءِ 2000ع تي وفات ڪيائين . سندس خواهش موجب کيس سندس خاوند هز هائينيس آغاخان ٽئين جي ڀر ۾ اسوان شهر ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون