داخلا ؛ 3560
پڙهيو ويو ؛ 931
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون


begam-rana-liaqat-ali.jpg
بيگم رعنا لياقت علي
بيگم رعنا لياقت علي



ٽائيم لائين

1934.00.00-A.D
دهليءَ جي گرلز ڪاليج ۾ اقتصاديات جي استاد مقرر ٿي . 1934ع ۾ سندس شادي نواب زاده لياقت علي خان سان ٿي .

1946.00.00-A.D
1946ع ۾ دهليءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ هندستان ٿي آيو ته بيگم رعنا ، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ سندس صاحبزادي پاميلا مائونٽ بيٽن جي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪئي ، ته جيئن مسلم ليگي عورتون ليڊي مائونٽ بيٽن کي ٻه قومي نظريي ۽ قيام پاڪستان جي اهميت کان واقف ڪن .

1949.02.22-A.D
22 فيبروري 1949ع تي آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن ( اپوا ) ( ڏسو: اپوا ) قائم ڪئي ويئي ، جنهن جو مقصد پاڪستان جي عورتن جي سماجي ، تعليمي ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو . اپوا جون شاخون پاڪستان جي هر علائقي ۾ قائم ڪيون ويون ،

1990.06.13-A.D
بيگم رعنا لياقت علي: هُن 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--بيگم رعنا لياقت علي خان

ٽائيٽل ؛ بيگم رعنا لياقت علي خان


شاخ : شخصيت

بيگم رعنا لياقت علي خان: بيگم رعنا، الموڙه (يوپي) جي سرسبز پهاڙين جي دامن ۾ -جنم- ورتو. سندس تعلق سکن جي هڪ گهراڻي سان هو. ابتدائي -تعليم- ويلزلي گرلس اسڪول نيني تال مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسابيلا شهر برهاني اسڪول ۽ لکنؤ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اعليٰ -تعليم- يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪري، دهليءَ جي گرلز ڪاليج ۾ اقتصاديات جي -استاد- مقرر ٿي. 1934ع ۾ سندس شادي نواب زاده لياقت علي خان سان ٿي. بيگم لياقت علي خان پنهنجي مڙس جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. مسلم ليگ آفيس جو ڪم بيگم رعنا ۽ شمس الحسن جي ذمي هو. وومين مسلم ليگ دهليءَ طرفان جڏهن انڊسٽريل هوم ۽ هڪ خواتين لائبرري قائم ڪئي ويئي، ته -ان- جو افتتاح بيگم رعنا پنهنجن هٿن سان ڪيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ هندستان ٿي آيو ته بيگم رعنا، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ سندس صاحبزادي پاميلا مائونٽ بيٽن جي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪئي، ته جيئن مسلم ليگي عورتون ليڊي مائونٽ بيٽن کي ٻه قومي نظريي ۽ قيام -پاڪستان- جي اهميت کان واقف ڪن. -ان- ملاقات جو ليڊي مائونٽ بيٽن تي گهڻو اثر ٿيو. 1947ع ۾ بيگم رعنا جي ڪوشش سان ڇوڪرين ۽ عورتن کي فرسٽ ايڊ جي -تعليم- ڏيڻ جو انتظام سندن گهرن تي ڪيو ويو. 1947ع ۾ -پاڪستان- جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لياقت علي خان کي -پاڪستان- جو پهريون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. -پاڪستان- ۾ تربيت يافته نرسن جي کوٽ کي محسوس ڪندي، بيگم رعنا لياقت، ڇوڪرين ۽ سندن والدين کي آماده ڪيو ته هن معزز پيشي ۾ اچي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي سارسنڀال لهن. -ان- کان علاوه -پاڪستان- وومين نئشنل گارڊ قائم ڪيائين، جنهن ۾ ٻه هزار چار سئو ڇوڪريون شامل هيون، 22 فيبروري 1949ع تي -پاڪستان- وومين ائسوسيئيشن'>-آل -پاڪستان- وومين ائسوسيئيشن- (اپوا) (ڏسو: اپوا) قائم ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد -پاڪستان- جي عورتن جي سماجي، تعليمي ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو. -اپوا- جون شاخون -پاڪستان- جي هر علائقي ۾ قائم ڪيون ويون، جيڪي عورتن جي معاملي ۾ حڪومت -پاڪستان- جي لاءِ هڪ مشير جي حيثيت رکن ٿيون. -پاڪستان- جي ڪيترن ئي ايسوسيئيشنن جو الحاق -اپوا- سان آهي. 1952ع ڌاري -اقوام متحده- جي جنرل اسيمبليءَ ۾ هن -پاڪستان- جي نمائندگي ڪئي. 1953ع ۾، ملڪه ايلزبيٿ جي جشن تاجپوشيءَ ۾ شاهي مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اصل ۾ ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ملڪن مان واحد عورت بيگم رعنا هئي، جنهن کي شاهي مهمان جي حيثيت سان مدعو ڪيو ويو هو. 14 سيپٽمبر 1954ع تي حڪومت -پاڪستان- بيگم رعنا کي نيدرلئنڊز ۽ 9 جون 1961ع تي اٽليءَ جو سفير مقرر ڪيو. هلال احمر -پاڪستان- جي چيئرپرسن به رهي. 1955ع ۾ بيگم رعنا ايل. ايل. او. ڪميٽي آف ايڪسپرٽ -ان- ڪنونشن جي رڪن بڻجي وئي. -ان- سلسلي ۾ هر سال -جنيوا- جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي هئي. -آمريڪا- جي حڪومت طرفان بيگم رعنا کي ”مادر پاڪستان“ جو خطاب ڏنو ويو. هوءَ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي گورنر به رهي. 1973ع کان 1976ع ڌاري -اقوام متحده- جي جنرل اسيمبليءَ ۾ کيس -بين- الاقوامي ”انساني حقوق اَوارڊ“ ڏنو ويو. هُن 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بيگم رعنا لياقت علي خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيگم رعنا لياقت علي خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن