داخلا ؛ 3561
پڙهيو ويو ؛ 940
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون


begam-shaista-ikram-ullah.jpg
بيگم شائسته اڪرام الله
بيگم شائسته اڪرام الله



ٽائيم لائين

1912.00.00-A.D
بيگم شائسته اڪرام الله: بيگم شائسته اڪرام الله سهروردي ، هندستان جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿي

1932.00.00-A.D
1932ع ۾ شائسته جي شادي حافظ محمد ولايت الله جي وڏي پٽ محمد اڪرام الله سان ٿي .

1938.00.00-A.D
1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽيءَ جي ٻيهر تنظيم ڪئي . انهيءَ دوران آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ، جنهن ۾ وومين مسلم ليگ ڪاميٽيءَ جي تنظيم ڪئي وئي ،

1948.00.00-A.D
هن 1948ع ۾ پاڪستاني وفد ۾ ميمبر جي حيثيت سان اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪئي . 1961ع ۾ بنيادي جمهوريت جي ميمبر منتخب ٿي . 1962ع ۾ سندس مڙس محمد اڪرام الله وفات ڪئي .

2000.12.12-A.D
بيگم اڪرام الله 12 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪئي . کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو .




sindhianaسنڌيانا--بيگم شائسته اڪرام الله

ٽائيٽل ؛ بيگم شائسته اڪرام الله


شاخ : شخصيت

بيگم شائسته اڪرام الله: -بيگم شائسته اڪرام الله- سهروردي، هندستان جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿي. سندس والد جو نالو احسان سهروردي هو، جيڪو -بنگال- جي مشهور جيد عالم ميان سهروردي جو پٽ هو. 1932ع ۾ شائسته جي شادي حافظ محمد ولايت -الله- جي وڏي پٽ محمد اڪرام -الله- سان ٿي. -ان- وقت اڪرام -الله- ڊپٽي ڪمشنر هو، جيڪو انهن ٿورن مسلمانن مان هو، جيڪي ابتدائي آءِ. سي. -ايس- آفيسرن مان چونڊيا ويا هئا. بعد ۾ کيس سيڪريٽريٽ دهليءَ ۾ انڊر سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- سب ڪاميٽيءَ جي ٻيهر تنظيم ڪئي. انهيءَ دوران -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ وومين مسلم ليگ ڪاميٽيءَ جي تنظيم ڪئي وئي، -ان- ڪاميٽيءَ جي دهلي برانچ ۾ بيگم شائسته کي بطور رڪن کنيو ويو. 1940ع ۾ راجا صاحب محمود -آباد-، بيگم شائسته کي مسلم وومين اسٽوڊنٽس جو ڪنوينر مقرر ڪيو ۽ بيگم شائسته مسلمان شاگردياڻين کي منظم ڪيو. افسانا نويسيءَ تي پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو لکيائين. قيام -پاڪستان- کان پوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ ڪراچيءَ آئي. 1945ع ۾ -تحريڪ پاڪستان- جي عروج واري زماني ۾، مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم -تان- سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. پاڻ -پاڪستان- جي پهرين -آئين- ساز اسيمبليءَ جي ميمبر رهي. هن 1948ع ۾ پاڪستاني وفد ۾ ميمبر جي حيثيت سان -اقوام متحده- جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ٻيهر -پاڪستان- جي نمائندگي ڪئي. 1961ع ۾ بنيادي -جمهوريت- جي ميمبر منتخب ٿي. 1962ع ۾ سندس مڙس محمد اڪرام -الله- وفات ڪئي. 1964ع ۾ مراڪش ۾ -پاڪستان- جي سفير مقرر ٿي. پاڪستانيات جي موضوع تي مختلف اخبارن ۾ سندس مضمون ڇپجندا رهيا. ”فرام پرده ٽو -پارليامينٽ-“ سندس مشهور -تصنيف- آهي. سندس اولاد مان هڪ ڌيءَ -اردن- جي شاهه حسين جي ننڍي -ڀاءُ- شهزادي حسن سان پرڻيل آهي. بيگم اڪرام -الله- 12 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بيگم شائسته اڪرام الله- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيگم شائسته اڪرام الله - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن