داخلا ؛ 3573
پڙهيو ويو ؛ 1190
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون


begam-g.h.-hidayat.jpg
بيگم غلام حسين هدايت الله
بيگم غلام حسين هدايت الله



ٽائيم لائين

1945.12.31-A.D
بيگم غلام حسين هدايت الله: 31 ڊسمبر 1945ع تي مسلمان عورتن جو هڪ وڏو جلسو ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾ ، بيگم هدايت الله جي صدارت ۾ ٿيو ، جنهن ۾ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين ” پاڪستان “ ٻڌايو .

1946.01.11-A.D
بيگم غلام حسين هدايت الله: 11 جنوري 1946ع تي آل انڊيا مسلم ليگ خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو ، جتي بيگم هدايت الله يومِ شڪراني جي سلسلي ۾ قائداعظم ڏانهن مبارڪباد جو ٺهراءُ پاس ڪرائي موڪليو .

1946.00.00-A.D
بيگم غلام حسين هدايت الله: 1946ع ۾ صوبه سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي ، جنهن ۾ بيگم هدايت الله کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو .

1946.03.16-A.D
16 مارچ 1946ع تي حيدرآباد ۾ مدرسة البنات ۾ هزارين عورتن جي موجودگيءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارروائي زير صدارت بيگم غلام حسين هدايت الله جي منعقد ٿي .




sindhianaسنڌيانا--بيگم غلام حسين هدايت الله

ٽائيٽل ؛ بيگم غلام حسين هدايت الله


شاخ : شخصيت

بيگم غلام حسين هدايت الله: بيگم هدايت -الله- يا ليڊي هدايت -الله- جو اصل نالو صغريٰ بيگم هو. سندس -جنم- سنڌ جي مشهور شهر شڪارپور ۾ ٿيو. کيس -تعليم- گهر ۾ ڏياري ويئي، جو سندس تعلق -پٺاڻ- خاندان سان هو ۽ ڇوڪرين کي انهن ڏينهن ۾ اسڪول ۾ -تعليم- ڏيارڻ جو رواج ڪونه هو. صغريٰ بيگم جي والد جو نالو يعقوب خان دراني هو، جيڪو پٺاڻڻ جي مشهور قبيلي پوپلزئي درانيءَ سان تعلق رکندو هو. سندن وڏا، -امير- دوست محمد خان جي خاندان مان هئا. -جن- ڏينهن ۾ شڪارپور مان شاهه شجاع جي حڪومت ختم ٿي ۽ محمد زئي خاندان حڪمران ٿيو، انهن ڏينهن ۾ -امير- دوست محمد خان، محمد زئي خاندان جو ساٿ ڏنو ۽ پاڻ به شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ ”سات گام“ نالي هڪ -جاگير- قائم ڪري ورتائين. صغريٰ بيگم جي شادي غلام حسين هدايت -الله- سان ٿي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ لنڊن مان -تعليم- حاصل ڪري موٽي آيو هو. سنڌ صوبو انهن ڏينهن ۾ -بمبئي- پريزيڊنسيءَ ۾ شامل هو. -بمبئي- جي -اسيمبلي- جڏهن ترتيب ڏني ويئي ته سر غلام حسين کي سنڌ جي طرفان وزير کنيو ويو. هو اٺن سالن تائين بمبئيءَ جي حڪومتي وزارت سان منسلڪ رهيو. جڏهن به اليڪشن ٿيندي هئي ته هو ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو هو. سائين جي ايم سيد جي حڪم تي مسلم ليگ وومين سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جي صدر بيگم هدايت -الله- منتخب ٿي ۽ سندس ساٿي ڪارڪنن ۾ بيگم شعبان ۽ مس ولي محمد افندي جا نالا قابل ذڪر آهن.
مسلمان عورتن جي سب ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو، جنهن ۾ بيگم هدايت -الله- ۽ بيگم شفيع تقريرون ڪيون. سنڌي مسلمان عورتن جڏهن ٻيو عام جلسو ڪيو ته -ان- جلسي کي ڦٽائڻ لاءِ ڪانگريس جي طرفان انتها پسند عورتن کي موڪليو ويو. ڪانگريسي عورتون جلسي ۾ داخل ٿيون، پر سنڌي مسلمان والنٽيئر ڇوڪرين، همت ڪري، جلسي کي ڪنٽرول ڪري ورتو. بيگم هدايت -الله- احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته پوليس جي مدد ڏني وڃي. -ان- مطالبي تي حڪومت پوليس کاتي ۾ عورتن جي مقرري ڪئي. بيگم هدايت -الله- سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن ۾ هن مسلمان سنڌي، پٺاڻ، ۽ -بلوچ- عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو. 31 ڊسمبر 1945ع تي مسلمان عورتن جو هڪ وڏو جلسو ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾، بيگم هدايت -الله- جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين ”پاڪستان“ ٻڌايو. انهيءَ موقعي تي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مدد ڪئي وڃي. 11 -جنوري- 1946ع تي -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو، -جتي- بيگم هدايت -الله- يومِ شڪراني جي سلسلي ۾ قائداعظم ڏانهن مبارڪباد جو ٺهراءُ پاس ڪرائي موڪليو. ٺهراءُ جي تائيد بيگم شعبان ڪئي. 1946ع ۾ صوبه سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي، جنهن ۾ بيگم هدايت -الله- کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو. هيءَ ڪاميٽي تنظيمي پروگرامن لاءِ حيدرآباد کان ڪوئٽا وئي، -جتي- -تحريڪ پاڪستان- لاءِ تبليغ ڪئي وئي. 16 مارچ 1946ع تي حيدرآباد ۾ مدرسة البنات ۾ هزارين عورتن جي موجودگيءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارروائي زير صدارت -بيگم غلام حسين هدايت الله- جي منعقد ٿي. بيگم هدايت -الله- صدر ڪانفرنس جو شڪريو ادا ڪندي -تاريخ- مان مسلم خواتين جي بهادري ۽ قربانيءَ جا حوالا ڏيندي چيو ته ”مسلمان عورتن کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي، پنهنجي پيدائشي حق -پاڪستان- جي آخري جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي.“ سنڌ مسلم ليگ جي سرگرم ڪارڪن بيگم طاهره -اعجاز- حسين آغا، هڪ 44 صفحن جو ڪتاب نالي ”اسان جو پاڪستان“ 1946ع ۾ ڇپايو، هن مسلم ليگ جي صدر بيگم هدايت -الله- ڏانهن منسوب ڪيو.
لاهور ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عورتن جو هڪ احتجاجي جلوس صغريٰ بيگم جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتو. جلسي جي ٻنهي طرفن کان پوليس جي ڪمڪ هئي. پوليس جي سپرنٽينڊنٽ صغريٰ بيگم وٽ اچي پنهنجو هٿ صغريٰ بيگم جي مٿان ڏيئي چيو ته ”توهان اڳتي نه ٿا وڌي سگهو.“ صغريٰ بيگم سپرنٽينڊنٽ ڏي نفرت جي نگاهه سان ڏسندي کيس جواب ڏنو ته پنهنجو هٿ پري ڪر، اسان سنڌ مان صرف انهيءَ لاءِ آيا آهيون ته مسلم ليگ جو جهنڊو عمارت جي مٿان کوڙيون ۽ پوءِ جهنڊو کڻي پاڻ ڇٻر تي ويهي رهي. ايتري ۾ هڪ ماڻهو جيڪو نئشنل گارڊ هو تنهن صغريٰ بيگم کي چيو ته گرائونڊ کان جلدي نڪرو، ڇاڪاڻ ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلايا پئي ويا. پر هن کيس جواب ڏنو ته مان ايستائين هتان نه نڪرنديس جيستائين مٿي بلڊنگ واريون ڇوڪريون ٻاهر پهچن، جيڪڏهن اهي فائر ڪرڻ چاهين ته ڀلي ڪن.“ نيٺ هوءَ پنجاب سيڪريٽريٽ بلڊنگ تي جهنڊو چاڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي. تاريخن ۾ پهريون ڀيرو -پاڪستان- جو جهنڊو کوڙڻ واري جنهن گمنام عورت جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، اها سنڌ ڄائي خاتون صغريٰ هدايت -الله- هئي. بعد ۾ صغريٰ بيگم کي گرفتار ڪيو ويو. هن واقعي جي -ٽن- ڏينهن بعد خضر وزارت استعيفيٰ ڏني. ٻئي ڏينهن سڀ قيدي عورتون جيل مان آزاد ٿيون. اهڙيءَ طرح -بيگم غلام حسين هدايت الله- -تحريڪ پاڪستان- جي لاءِ نمايان ڪارناما انجام ڏنا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بيگم غلام حسين هدايت الله- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيگم غلام حسين هدايت الله - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن