داخلا ؛ 3579
پڙهيو ويو ؛ 1008
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون


begam-mamtaz-rashdi.jpg
بيگم ممتاز راشدي
بيگم ممتاز راشدي



ٽائيم لائين

1934.03.08-A.D
بيگم ممتاز راشدي: بيگم ممتاز راشدي: بيگم ممتاز راشدي ، سنڌ جي نامور عالم ۽ سياستدان پير علي محمد راشديءَ جي گهرواري ، 8 مارچ 1934ع تي ڪلڪتي ۾ ڄائي .

1955.00.00-A.D
بيگم ممتاز راشدي: بيگم ممتاز راشدي 1955ع ۾ شاديءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻارن جي صحت ، عورتن جي رتبي جي واڌاري لاءِ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو .

1959.00.00-A.D
بيگم ممتاز راشدي: 1959ع ڌاري فلپائين ۾ وومين لايرس جي سيمينار جي صدارت ڪيائين .

1984.00.00-A.D
بيگم ممتاز راشدي: 1984ع کان 1986ع تائين پاڪستان سرڪار جي ڪئبينيٽ ڊويزن هيٺ عورتن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ واري ڪميشن جي ميمبر پڻ رهي .

2001.11.01-A.D
سندس وفات پهرين نومبر 2004ع تي ٿي ،




sindhianaسنڌيانا--بيگم ممتاز راشدي

ٽائيٽل ؛ بيگم ممتاز راشدي


شاخ : شخصيت

بيگم ممتاز راشدي: بيگم ممتاز راشدي، سنڌ جي نامور عالم ۽ سياستدان پير علي محمد راشديءَ جي گهرواري، 8 مارچ 1934ع تي ڪلڪتي ۾ ڄائي. شروعاتي -تعليم- 1947ع ۾ -انڊيا- جي دارجيلنگ ضلعي جي ڊائوهل اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1952ع ۾ ايڊن گرلس ڪاليج ڍاڪا مان آرٽ جي اعليٰ امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سندس مضمونن ۾ انگريزي، معاشيات، منطق، علم سياسيات ۽ سنڌ جي -تاريخ- ۽ -تصوف- شامل هئا. ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان -انگريزي- ادب ۽ ٻوليءَ ۾ پهرين پوزيشن ۾ بي. اي پاس ڪيائين. 55- 1954ع ڌاري ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان پهرين پوزيشن ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. 56- 1955ع ۾ -آمريڪا- جي نارٿ ڊئم انڊيانا يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪيائين. -پاڪستان- جي ڪيترين ئي سنڌي ۽ -انگريزي- اخبارن ۾ مضمون لکيائين. کيس انگريزي، فرينچ، بنگالي، -اردو- ۽ سنڌيءَ تي مهارت حاصل هئي. -بيگم ممتاز راشدي- 1955ع ۾ شاديءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻارن جي صحت، عورتن جي رتبي جي واڌاري لاءِ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو. 1959ع ڌاري فلپائين ۾ وومين لايرس جي سيمينار جي صدارت ڪيائين. 1984ع کان 1986ع تائين -پاڪستان- سرڪار جي ڪئبينيٽ ڊويزن هيٺ عورتن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ واري ڪميشن جي ميمبر پڻ رهي. سنڌ ۾ سماج سڌار تحريڪ جي صدر رهي، هن عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀلائيءَ لاءِ سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پڻ ٺاهي، سنڌ ۽ -بلوچستان- ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جي ترقيءَ وارن منصوبن واري نئشنل -پاڪستان- وومين ائسوسيئيشن'>-آل -پاڪستان- وومين ائسوسيئيشن- جي ايڊوائيزر ۽ ڪوآرڊينيٽر رهي. 1986ع ۾ -پاڪستان- طرفان سارڪ ڪانفرنس ڍاڪا ۾ شرڪت لاءِ وفد جي اڳواڻي ڪيائين. 1959ع ۾ يونيسڪو ڪانفرنس منيلا ۾ شرڪت ڪيائين. 1961ع ۾ منيلا ۾ -اسلام- جي ترقيءَ بابت يونيسيف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي. -ان- کان سواءِ هن -پاڪستان- طرفان ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. 1984ع ۾ سندس ’ڊان‘ ۾ ڇپيل علمي ڪالمن جي -اردو- ترجمي جو ڪتاب ”سنڌ نگاههِ قدر شناس“ ڇپيو، جڏهن ته ”ايرانين بليو -ان- سنڌ“ ۽ ”اسلامڪ آرٽ اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ڪتابڙن مان پهريون ڇپيل آهي. 1986ع کان 1989ع تائين قائداعظم اڪيڊمي جي بورڊ آف گورنرس جي -ايگزيڪيوٽو- ڪاميٽيءَ جي ميمبر چونڊي وئي. پاڻ -پاڪستان- نئشنل ڪائونسل آف آرٽس، -اسلام- -آباد- جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ رهي. 1987ع کان 1990ع تائين يونيسڪو سان سهڪار بابت پاڪستاني ڪميشن جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر رهي. 1989ع ۾ بيگم ممتاز راشديءَ کي -تعليم- واري وفاقي وزارت پاران -آثار قديمه- بابت -بين- الاقوامي ڪميشن جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ جي ميمبر پڻ رهي. پير علي محمد راشديءَ جي آخري ڇپيل مشهور -انگريزي- ڪتاب “Sindh Days and Ways” به بيگم ممتاز راشديءَ جو ايڊٽ ڪيل آهي. 1975ع واري ”سنڌ ٿرو سينچري انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ڪراچي جي فعال ۽ متحرڪ ميمبر رهي. سندس وفات پهرين نومبر 2004ع تي ٿي، ۽ کيس ميوا شاهه قبرستان ۾ سندس مڙس پير علي محمد راشديءَ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس اولاد ۾ پٽ عادل ۽ نياڻي عنادل آهن.




رايا ؛
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -بيگم ممتاز راشدي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بيگم ممتاز راشدي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن