داخلا جي تاريخ 2012-03-22
داخلا نمبر 3558
عنوان بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 832 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي: بيگم اشرف عباسيءَ جو جنم 2 جنوري 1925ع تي لاڙڪاڻي شهر جي محلي ”وليد“ ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم سعيد خان هو، جيڪو نالي وارو حڪيم ۽ زميندار هو. پاڻ تيرنهن سالن جي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ (فرسٽ ڊويزن) پاس ڪري سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين. هيءَ پهرين مسلم سنڌي خاتون هئي، جيڪا دهليءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ وئي، پر ننڍيءَ عمر ۾ شادي ڪرڻ سبب دهليءَ ۾ تعليم مڪمل نه ڪري سگهي ۽ بعد ۾ 1953ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. ايس پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيائين. بيگم صاحبه هائوس جاب دوران شڪارپور جي مشهور ليڊي ڊاڪٽر سارا صديقيءَ جي هٿ هيٺ ڪم ڪيائين. پنج سال سرڪاري ملازمت ڪرڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيئي سياست ۾ شامل ٿي وئي ۽ ”اپوا“ توڙي ٻين ڪيترين عورت تنظيمن جي ميمبر رهي. 1965ع ڌاري اولهه پاڪستان اسيمبليءَ لاءِ ميمبر چونڊجي آئي. بعد ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي. 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر پڻ رهي چڪي آهي. صحت ۽ مڪاني ادارن جي وزارت به سنڀاليائين. 1988ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي آئي. هن وقت رٽائرڊ زندگي گذاري رهي آهي. سندس اولاد مان منور عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي سياست ۾ آهن. بيگم اشرف عباسيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ”هيڪليون هلن جي“ عنوان سان لکي، جيڪا سندس پٽ منور علي عباسيءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.02  عيسوي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي: بيگم اشرف عباسيءَ جو جنم 2 جنوري 1925ع تي لاڙڪاڻي شهر جي محلي ” وليد “ ڳوٺ ۾ ٿيو .


1970.00.00  عيسوي

بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي: 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر پڻ رهي چڪي آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون