بيگم گلان جو مقبرو

بيگم گلان جو مقبرو

بيگم گلان جو مقبرو

بيگم گلان جو مقبرو: هي ماڳ ڪلھوڙن جي صاحبي 1873-1800ع دوران اڏيل. ميان نورمحمد ڪلھوڙي جو قبرستان. ديهه ۽ ڳوٺ نورمحمد تعلقو دولتپور، ضلعو نواب شاھ. ھن ماڳ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي نم جو ڳوٺ، اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال، مقيم ڏاھري جو ڳوٺ ھتان کان 3 ڪلو ميٽر اولھه ۾ ۽ مورو شھر ھتان کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ26032\'50\'\' ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 6804\'8\'\' ڊگرين تي موجود آھي. بيگم گلان ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي گھر واري ۽ ميان غلام شاھه ڪلھوڙي جي ماءُ ھئي. سندس مقبرو رٿ ۾ مستطيل آھي. جنھن کي اوڀر ۾ ونگن سان دروازو ڏنل آھي. مھاڙي چئن اڀن ۽ پنجن سڌن پانيلن سان سينگاريل آھي. اڀرندي پاسي کي ڇڏي باقي ھر پاسي واري ديوار ۾ پنج اڀا ۽ پنج سڌا پانيل ٺھيل آھن. ڏکڻ ۾ نوڪدار ونگ سان روشندان (ventilator) لڳل آھي. ڇڄھري مقبري جي چوڌاري ڦريل آھي، جنھن جي ڪنڊن وٽ برجيون (Turrets) ٺھيل آھن. مقبري کي محرابي ڇت آھي؛ جنھن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ٺھيل آھي ان جي مٿان ڪلس ڏنل آھي. اندران ٻاھران گچ گاري سان لنب ٿيل آھي. گل ٻوٽن جا ڌنڌلا عڪس اڃا بيٺا آھن. اندر اولھه واري ديوار تي اندرئين پاسي ونگاوان پانيل ٺھيل آھن. اھڙي طرح ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ به اھڙا گھڻ راسي ونگن وارا پانيل ڏنل آھن. ڀتيون اندرئين طرف چٽيل آھن. ھن وقت مقبري جي حالت سٺي ڪانه آھي. ھنڌان ھنڌان ڏري پيو آھي. چوڌاري جھنگلي ٻوٽا وڪوڙجي ويا اٿس. سم ۽ ڪلر اڏاوت جي رنگيني تي گھڻو اثر انداز ٿي آھي. آرڪيالاجي کاتي جي سنڀال ۾ آيل ھي ماڳ ترت مرامت گھري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1800.00.00  عيسوي

بيگم گلان جو مقبرو: هي ماڳ ڪلھوڙن جي صاحبي 1873-1800ع دوران اڏيل . ميان نورمحمد ڪلھوڙي جو قبرستان . ديهه ۽ ڳوٺ نورمحمد تعلقو دولتپور ، ضلعو نواب شاھ .


1873.00.00  عيسوي

بيگم گلان جو مقبرو: هي ماڳ ڪلھوڙن جي صاحبي 1873-1800ع دوران اڏيل . ميان نورمحمد ڪلھوڙي جو قبرستان . ديهه ۽ ڳوٺ نورمحمد تعلقو دولتپور ، ضلعو نواب شاھ .



قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم حيدري
آمري 1
اسٽوپا
بيگم گلان جو مقبرو
بي ستون
ابل ويسر وارو دڙو
انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان
اڪ پٽِي دڙو
ستي اسٽون
انڌي جي موري
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون