بڀاس (راڳڻي ماروا ٺاٺ)

بڀاس (راڳڻي ماروا ٺاٺ ):هن راڳڻيءَ جا کوڙ اصول آهن، جن تي ڳائجي ٿي. ماروا ٺاٺ ۾ سمپورن آهي. اترانگ تي گهڻو زور اٿس. گنڌار، پنچم ۽ مڌم، ڌيوت جي سنگت رهي ٿي. هن کي بلمپت لئي ۾ ڳائڻ گهرجي. هڪ شاستر ۾ پنچم جو سُر نياس ڏيکاريل آهي. مڌم ۽ نکاد ورج ۽ مڌم نکاد جي سنگت ڏيکاريل آهي. پر انهيءَ مت سان راڳڻيءَ کي جيت کان الڳ ڪري ڪو نه سگهبو. پور وانگ ۾ گوري ۽ اترانگ ۾ ديسڪار ملائڻ سان بڀاس جو روپ ٺهي ٿو.
هن راڳڻي جي خاص تان: پا گي پا- پا ڌي- مي ڌي مي گي - پا گي را سا- ني را گي گي پا گي را سا- پا پا گي را سا آهي. هن جي آروهي: سا ر اسا- گي پا ڌي پا - ڌي سا ۽ امروهي: ساني ڌي پا- مي گي- پا گي- پا گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر گنڌار آهي.
هن راڳڻيءَ جو ذڪر راڳ ساگر ۾ ماروا ٺاٺ جي زمري ۾ ڪيل ڪو نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو