داخلا نمبر 4097
عنوان بچل شاهه مياڻيءَ وارو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 173 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين جو ضميمو

بچل شاهه مياڻيءَ وارو

بچل شاهه مياڻيءَ وارو: بچل شاهه دادو ضلعي جي مانجهند شهر ۾ 1807ع ۾ ڄائو ۽ 1906ع ۾ وفات ڪيائين.ننڍي هوندي ئي ويراڳ اختيار ڪيائين ۽ آخرڪار ڄمون (ڪشمير) جي صاحب ولايت الف شاهه کان فيضياب ٿيا، 12 سالن بعد موٽي آيو ۽ روهڙي ويجهو ڇپري بند کي پنهنجو مسڪن ۽ اتي سماع جون محفلون مچايائين، بعد ۾ موجوده بچل شاهه مياڻي، سکر ۾ اچي آستانو قائم ڪيائين. جنهن کي پريم نگر چيو ويندو هو. ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس معتقد هئا. سندس ڪلام ناصحانه ۽ عارفانه آهي، جيڪو جهر جهنگ ڳايو وڃي ٿو ۽ سندس مزار تي هر سال عاليشان ميلو به لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو