داخلا نمبر 381
عنوان بچو بادشاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 502 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا - جلد پهريون
بچو بادشاهه عرف بچل خاصخيلي

بچو بادشاهه عرف بچل خاصخيلي

بچو بادشاهه

بچو بادشاهه: بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي. هن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو. هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾، موجوده سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو. بچو بادشاهه پنهنجي ساٿين سان گڏجي مکي ٻيلي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ انگريزن جي عملداريءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو سڄو علائقو موجوده دؤر جي زبان ۾ ڄڻ ته انگريزن لاءِ ’نو گو ايريا‘ (No Go Area) بڻجي چڪو هو. هُن پنهنجي ساٿي، پيرُو ڪاسائي عرف پيرو وزير (جيڪو ناري، خيرپورميرس جو رهاڪو هو) سان گڏجي انگريزن خلاف زبردست ڪارروائيون ڪيون ۽ مقامي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته اهي انگريزن کي ڍل ۽ ٻيا ٽيڪس نه ڏين. انگريز سرڪار پير حزب الله شاهه ’ڪوٽ ڌڻي‘ تي دٻاءُ وڌو ته هُو باغين کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪري. انگريزن بچوءَ جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، سندس پيءُ وريام کي گرفتار ڪيو، جيڪو قيد جي تشدد ۾ گذاري ويو. بچو بادشاهه اڳتي هلي، مرشد جو حڪم مڃي، 1896ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيو.
کيس عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ ميرپورخاص موڪليو ويو، جتي انگريز جج مقدمو هلائي کيس ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو. سندس گرفتاريءَ جي هڪ مهيني کان پوءِ کيس سانگهڙ ۾ سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي. کيس سرِ عام ڦاسي ڏيڻ جو ڪارڻ تاريخدانن اهو ڄاڻايو آهي ته انگريزن چاهيو ٿي ته ٻيا باغي پيش پون ۽ سبق سکن. ڦاسيءَ ڏيڻ بعد سندس لاش اُن هنڌ جي ڀرپاسي ۾ دفنايو ويو. سانگهڙ شهر ۾ هن وقت ان بهادر شخص جي نالي سان ’بچو بادشاهه چوڪ‘ پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.00.00  عيسوي

بچو بادشاهه: بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو ، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي . هن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو . هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ، موجوده سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو .


1898.00.00  عيسوي

بچو بادشاهه: بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو ، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي . هن جو اصل نالو بچل خاصخيلي هو . هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ، موجوده سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو .


1996.00.00  عيسوي

بچو بادشاهه اڳتي هلي ، مرشد جو حڪم مڃي ، 1896ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيو . کيس عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ ميرپورخاص موڪليو ويو ، جتي انگريز جج مقدمو هلائي کيس ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو . سندس گرفتاريءَ جي هڪ مهيني کان پوءِ کيس سانگهڙ ۾ سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون