داخلا ؛ 4233
پڙهيو ويو ؛ 216
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-07


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بکري سيد محمد مڪي

ٽائيٽل ؛ بکري سيد محمد مڪي


شاخ : شخصيت

بکري، سيد محمد مڪي: سيد محمد مڪي بکري اهو بزرگ آهي، جنهن -بکر- ۽ سکر جا شهر -آباد- ڪيا. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: محمد سيد شجاع -بن- سيد ابراهيم -بن- سيد زيد -بن- سيد جعفر -بن- سيد حمزه -بن- سيد هارون -بن- سيد عقيل -بن- سيد اسماعيل -بن- سيد ابو الحسن علي الفتار -بن- سيد جعفر -بن- -امام- علي نقي -بن- -امام- صديقي -بن- -امام- علي رضا -بن- -امام- موسيٰ ڪاظم -بن- -امام- جعفر صادق -بن- -امام- محمد باقر -بن- -امام- علي زين العابدين -بن- -امام- حسين -بن- حضرت علي -بن- ابي طالبعه. هي نسب نامو سيد محمد مڪي جي مقبري جي دروازي تي ڳاڙهي -پٿر- تي لکيل آهي جنهن مان ڪيترائي نالا ڊهي چڪا آهن. مقبري جي ڪتبي مان به خبر پوي ٿي ته سيد محمد مڪي شهاب الدين سهروردي بغدادي جو ڏوهٽو هو. -تحفة الڪرام- ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکيو آهي ته: شجاع مشهد، -ايران- ۾ رهندو هو، اتان حرمين جي زيارت جي ارادي سان ويو. سفر دوران شيخ شهاب الدين صديقي سهروردي (وفات 632هه/1234ع) جي خدمت ۾ پهتو ۽ -ان- جو مريد ٿيو. شيخ صاحب پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح هن سان ڪرايو ۽ کيس حج جي اجازت ڏنائين. هي پنهنجي گهر واري سان مڪي ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي سيد محمد مڪي پيدا ٿيو، سيد محمد شجاع حج مان فارغ ٿي وطن واپس آيو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويو. کيس حضرت -امام- موسيٰ رضا عليھ السلام جي مقبري وٽ دفن ڪيو ويو. -ان- کانپوءِ سيد محمد مڪي مشهد مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي.
ان سلسلي ۾ رضوي بکري سيدن جي پراڻن ڪاغذن مان خبر پوي ٿي ته سيد محمد جو والد سيد شجاع هڪ ڀيرو پهريان به سنڌ آيو هو. موجوده سکر ۽ -بکر- واري هنڌن تي اچي رهيو. والد جي وفات کانپوءِ هن سنڌ جو سفر اختيار ڪيو. -ان- سفر جو تذڪرو هن پنهنجي -تصنيف- ۾ پڻ ڪيو آهي. -تحفة الڪرام- ۾ لکيل آهي ته:’ -بکر- جو پراڻو نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي زماني ۾ هتي ڪو به شهر نه هو. اروڙ جي ويراني کانپوءِ -بکر- جو شهر -آباد- ٿيو. روايت آهي ته جڏهن سيد محمد مڪي -ان- سر زمين تي پهتو ته چيائين ’جحل -الله- بڪر تي في بقحة المبارڪه‘ يعني -الله- تعاليٰ منهنجي صبح -برڪت- واري جڳهه تي ڪرائي. -ان- کان پوءِ بڪر عام ماڻهن جي زبان تي اچي ويو. جيڪو پوءِ تبديل ٿي -بکر- ٿي ويو.‘ ٻي روايت آهي ته سيد محمد مڪي کان هن جي خادمن پڇيو ته آرام لاءِ ڪهڙي هنڌ تي ترسجي؟ تنهن تي پاڻ چيائين -جتي- صبح سوير ڳئون جو آواز ٻڌو. ڳئون کي عربي ۾ ’بقرة‘ چوندا آهن ۽ -ان- جي ڪري -ان- شهر جو نالو -بکر- پئجي ويو. -بکر- ۾ ئي سيد محمد مڪي جو مقبرو آهي، يعني پراڻي ۽ نئين سکر جو وچ وارو حصو. شڪر نالي سيد محمد مڪي جو هڪ مشهور خدمتگار هو، جنهن کي ٻين خادمن سان گڏ سيد صاحب -ان- هنڌ تي رهڻ لاءِ چيو هو، -جتي- هن وقت سکر شهر جو مکيه علائقو آهي. سيد محمد مڪي کي چوڏنهن فرزند ٿيا، -جن- ۾ مشهور عالم سيد -بدر- الدين ۽ سيد صدر الدين به شامل آهن. سکر ۾ درياهه ڀرسان آبادي جو بنياد سيد صدر الدين وڌو، جيڪو اتي اچي رهيو. سيد محمد مڪي 646هه/1248ع ۾ 106 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -بکري سيد محمد مڪي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بکري سيد محمد مڪي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن