داخلا ؛ 2588
پڙهيو ويو ؛ 520
پسند ڪيو ويو ؛ 5
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بڪيرا شريف

ٽائيٽل ؛ بڪيرا شريف


شاخ : ڳوٺ

بُڪيرا شريف: تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار، جي ديهه ”بُڪيراڻيءَ“ ۾ هڪ مشهور ڳوٺ آهي. هيءَ ڳوٺ نصرپور جي اوريان -ٽن- ڪوهن ۽ ٽنڊي الهيار کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف شيخ ڀرڪيي روڊ تي واقع آهي. هتي غوث -بهاءُ الدين ذڪريا- جي اولاد مان قريشي پيرن جي درگاهه آهي. لفظ بُڪيرا، ”بُڪيءَ وارا“ جي بگڙيل صورت آهي، روايتن مطابق اندازاً اٺين صدي عيسويءَ ڌاري سنڌو درياهه جو وهڪرو، انهيءَ جڳهه کان هوندو هو ۽ درياهه هتان ئي موڙ کائيندو هو. -ان- موڙ وٽ مُهاڻا -آباد- هوندا هئا، جيڪي درياهه جي -ان- موڙ کي ’بُڪ‘ يا ’بُڪي‘ ڪري سڏيندا هئا. بعد ۾ اهو موڙ مهاڻن جي سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ اهي ”بُڪيءَ وارا مهاڻا“ سڏجڻ لڳا. ائين اهو ڳوٺ ”بوڪيل“ سڏجڻ لڳو، جڏهن ته نائين صدي هجريءَ ڌاري بزرگن جي اچڻ ڪري ’بُڪيرا شريف‘ سڏجڻ لڳو. هن شهر ۾ 35 فوٽ اُوچو هڪ دڙو آهي، جنهن تي شهر جي آباديءَ جو چوٿون حصو رهي ٿو. مذڪوره دڙو انتهائي قديم آهي، پر دڙي جي موجوده صورت ۾ اچڻ بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. ڪن روايتن مطابق اهو دڙو دشمن کان بچاءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. ڪن جو خيال آهي ته اهو دڙو، مُهين جي دڙي جيان ڪو تباهه ٿيل شهر آهي. ڪجهه سال اڳ هن علائقي مان چانديءَ جا پُراڻا سڪا مليا هئا ۽ ڪيترين ئي جاين جو بنياد کوٽيندي ڦلهيار، ڪوئلو، مٽيءَ جي ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا، هڏا ۽ ٻيو سامان پڻ مليو هو، جنهن مان هن شهر جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت ”بُڪيرا شريف“ تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار جو اهم شهر آهي. هتي جي پرائمري اسڪول جي پهرين عمارت 1906ع ۾ ٺهي، جڏهن ته ڊسپينسري 1940ع ۾ قائم ٿي. 1960ع ۾ بوائز مڊل اسڪول ٺهيو. هن شهر کي، 1974ع ۾ بجليءَ جي سهوليت ڏني وئي، جڏهن ته 1978ع ۾ حبيب -بئنڪ- هن شهر ۾ شاخ کولي. 1988ع ۾ صحت مرڪز ۽ هاءِ اسڪول قائم ٿيا، 1995ع ۾ -ٽيليفون- ايڪسيچينج ۽ 1999ع ۾ گرلز مڊل اسڪول قائم ٿيو. تاريخي روايتن موجب، جنهن هنڌ هن وقت اهو ڳوٺ -آباد- آهي، اتي 951هه/ 1544ع ڌاري غوث -بهاءُ الدين ذڪريا- جي اولاد مان شيخ فاضل شاهه اچي ويٺو. لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت شيخ شهرالله نالي هڪ بزرگ (جيڪو پڻ غوث -بهاؤالدين- جي اولاد مان هو) نصرپور ۾ اچي رهڻ لڳو. شيخ فاضل شاهه پنهنجي نياڻي شيخ شهرالله کي ڏني. ائين آهستي آهستي ملتاني پير انهيءَ هنڌ -آباد- ٿيندا ويا. مٿين بزرگن مان پوءِ شاهه سراج الدين، شاهه قائم الدين قلندر، مهر شاهه ۽ فاضل شاهه (ثاني)، جئي شاهه ۽ -امام- بخش شاهه پالڪيءَ واري جهڙا بزرگ پيدا ٿيا، -جن- پنهنجي علم ۽ فضل جو ڌاڪو ڄمايو ۽ وڏو نالو ڪڍيو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بڪيرا شريف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بڪيرا شريف - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن