داخلا نمبر 2592
عنوان بڪيرائي مراد علي شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 273 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
مراد علي شاهه بڪيرائي

مراد علي شاهه بڪيرائي

بڪيرائي مراد علي شاهه

بُڪيرائي، مراد علي شاهه: نوجوان مراد علي شاهه ’بڪيرائي‘ 19 آڪٽوبر 1974ع تي بڪيرا شريف ۾ سيد علي محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو. 1979ع ۾ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ پراونشل هاءِ اسڪول ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ڪيائين. مراد علي شاهه بڪيرائيءَ جي سڃاڻپ ڪارٽونسٽ، مصور، صحافي، شاعر ۽ ليکڪ طور آهي. لکڻ جي شروعات، 1987ع کان ڪيائين ۽ صحافت جي شروعات 1990ع کان روزاني اخبار ”سرواڻ“ جي عيوضيءَ طور ڪيائين. 1993ع ۾ ساڳيءَ اخبار جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. 9 مارچ 1996ع تي روزاني ”سوال“ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ ڪارٽونسٽ مقرر ٿيو. 22 مارچ 1999ع کان مئي 2000ع تائين هڪ ئي وقت ٻه رسالا ماهوار ”روپا“، حيدرآباد ۽ ماهوار ”ڪوشش“ بڪيرا شريف مان جاري ڪيائين. سندس ڪارٽون سنڌ جي سمورين سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيا ۽ روزاني ”سوال“ حيدرآباد ۾ لاڳيتو ٽن سالن تائين شايع ٿيندا رهيا. 1997ع ۾ سندس ڪارٽونن جو ڪتاب ”انڌن اڳيان آئينا“ شايع ٿيو. 1995ع کان اپريل 1996ع تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي سلسلا پيش ڪندو رهيو. هن وقت روزانه عبرت سان واڳيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.10.19  عيسوي

مراد علي شاهه بڪيرائي 19 آڪٽوبر 1974ع تي بڪيرا شريف ۾ سيد علي محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون