داخلا ؛ 2623
پڙهيو ويو ؛ 770
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون


akbar-bugti.jpg
اڪبر بگٽي
اڪبر بگٽي



ٽائيم لائين

1927.07.12-A.D
نواب اڪبر، 12 جولاءِ 1927ع تي کيتران ۾ ڄائو.

1989.02.04-A.D
اڪبر خان بگٽي، 4 فيبروري 1989ع تي بلوچستان جو وڏو وزير مقرر ٿيو.

2006.08.26-A.D
اڪبر بگٽي کي 26 آگسٽ 2006ع تي ڪوهلو جي جبلن جي هڪ غار ۾ قتل ڪيو ويو.




sindhianaسنڌيانا--بگٽي، اڪبر خان

ٽائيٽل ؛ بگٽي، اڪبر خان


شاخ : سياستدان

بگٽي، اڪبر خان: نواب اڪبر ولد محراب خان بگٽي، 12 -جولاءِ- 1927ع تي کيتران (بلوچستان) ۾ ڄائو هو. اڪبر بگٽي، سر شهباز خان -بگٽي- جو پوٽو هو. ننڍي عمر ۾ هو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ سندس سنڀال ڪجهه وقت علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي گهر واري ايلسا قاضيءَ ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد جي پٽ -امير- حيدر سان گڏ هن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ -ايلسا قاضي- وٽ -تعليم- حاصل ڪئي. -ان- کانپوءِ هن ايچيسن ڪاليج لاهور ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان -تعليم- حاصل ڪئي. هو سنڌي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو .
اڪبر -بگٽي- مئي 1958ع جي ڇوٽي چونڊ ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اها سيٽ ڊاڪٽر خانصاحب جي قتل ٿيڻ تي خالي ٿي هئي ۽ هو سرڪاري ڌر جو حامي ٿي ويو هو. وزيراعظم فيروز خان نون (ريپبليڪن) جي ڪابينا ۾ 20 سيپٽمبر 1958ع کان 7 -آڪٽوبر- 1958ع تائين گهرو معاملن جو وزير رهيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد اها ڪابينا برطرف ڪئي ويئي هئي .
1960ع ۾ کيس گرفتار ڪري فوجي عدالت سزا ڏني ۽ هو ڪنهن به چونڊيل عهدي لاءِ نااهل ٿي ويو. قانوني پيچيدگين سبب هو 1970ع وارين عام چونڊن ۾ اميدوار نه ٿي سگهيو. بهرحال هن پنهنجي ننڍي -ڀاءُ- -اسد- نواز بگٽيءَ جي چونڊ مهم هلائي جيڪو نيشنل عوامي پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي بيٺو هو. بعد ۾ -اسد- نواز -بگٽي- نعپ جي حڪومت ۾ صوبائي وزير به ٿيو. اڪبر -بگٽي- جا نعپ جي قيادت سان خاص ڪري مير غوث بخش بزنجي سان اختلاف ٿي پيا. هن وفاقي حڪومت ۽ صدر ذوالفقار علي -ڀٽي- کي ”لنڊن پلان“ کان آگاه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سردار عطاءُالله جي صوبائي حڪومت 14 فيبروري 1973ع تي برطرف ڪئي ويئي. ٻئي ڏينهن وفاقي حڪومت اڪبر بگٽيءَ کي -بلوچستان- جو گورنر مقرر ڪيو ۽ صوبي ۾ فوج مقرر ڪري ’نعپ‘ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. پهرين -جنوري- 1974ع تي هن گورنريءَ جي عهدي -تان- استعفيٰ ڏني. -بلوچستان- ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ اڪبر بگٽيءَ -ان- آپريشن جي حمايت ڪئي .
1988ع ۾ هو -بلوچستان- نيشنل الائينس ۾ شامل ٿيو ۽ 4 فيبروري 1989ع تي -بلوچستان- جو وڏو وزير مقرر ٿيو. تڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي. بگٽيءَ جي حڪومت ڪجهه معاملن تي ساڻس اختلاف ڪندي رهي. نيٺ 6 -آگسٽ- 1990ع تي صدر جي حڪم تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون برطرف ڪيون ويون .
1990ع وارين چونڊن لاءِ اڪبر بگٽيءَ جمهوري وطن -پارٽي- ٺاهي جيڪا صوبي ۾ اڪيلي اڪثريتي پارٽيءَ طور اڀري. 1993ع ۾ اڪبر -بگٽي- -پاڪستان- جي صدارت جي چونڊ ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو، پر بعد ۾ هٿ کڻي ويو ۽ سردار فاروق احمد لغاريءَ جي حمايت جو اعلان ڪيائين. 1997ع ۾ اڪبر -بگٽي- ٻيهر جمهوري وطن پارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو .
2004ع ۾ -بلوچستان- جي -بگٽي- علائقي ۾ جڏهن هٿيار -بند- ويڙهه شروع ٿي ته هو 2005ع ۾ انڊرگرائونڊ ٿي ويو. -ان- وقت جي -پاڪستان- حڪومت جو خيال هو ته هو ڪاسترو ۽ چي گويرا جي طرز تي گوريلا -جنگ- وڙهي رهيو آهي. لڳاتار سرڪاري حملن بعد کيس 26 -آگسٽ- 2006ع تي ڪوهلو جي جبلن جي هڪ غار ۾ قتل ڪيو ويو. اها جاءِ ڪوئيٽا کان 150 ڪلوميٽر -اوڀر- ۾ آهي. سندس شهادت بعد -بلوچستان- ۾ سخت احتجاج پڻ ٿيو. -پاڪستان- جي تڏهوڪي صدر جنرل مشرف بگٽيءَ جي قتل کي -پاڪستان- جي فتح سڏيو ۽ -ان- ڪارروائيءَ جي اڳواڻي ڪندڙ آفيسرن کي واڌايون ڏنيون. اڪبر بگٽيءَ کي پهرين سيپٽمبر 2006ع تي ديره -بگٽي- جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس ڪٽنب سندس -تدفين- ڪوئيٽا ۾ عوامي انداز سان ڪرڻ گهري پر حڪومت -ان- جي اجازت نه ڏني .
اڪبر بگٽيءَ جو خاندان: اڪبر -بگٽي- ٻه شاديون ڪيون. کيس سليم بگٽي، طلال بگٽي، ريحان بگٽي، جميل بگٽي، جمال -بگٽي- پٽ ٿيا، -جن- مان سليم ۽ طلال -بگٽي- موجوده وقت ۾ سياست ۾ سرگرم آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بگٽي، اڪبر خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بگٽي، اڪبر خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن