تاج صحرائي
تاج صحرائي: سنڌ جي برک اديب ، شاعر ، قديم آثارن جو عالم ۽ محقق ، تاج صحرائيءَ جو اصل نالو تاج محمد ولد نورمحمد ميمڻ هو . هن 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو . پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين . ان وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا هندستان به گهمي آيو .
هن مئٽرڪ 1942ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان پاس ڪئي . ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو . بي . اي ۽ بي . ٽي جا امتحان پاس ڪيائين .
تاج صحرائي ، ننڍي هوندي کان وٺي ذهين ۽ ڪتابن ڏانهن خاص لاڙو رکندڙ هو . 1945ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ عملي زندگيءَ ۾ هڪ استاد طور پير پاتائين . 1948ع کان دادوءَ ۾ استاد ٿي آيو .
تاج صحرائي 1952ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪري ، ان جو باني هيڊماستر بڻيو . هن 1968ع ۾ علامه آءِ . آءِ . قاضي پبلڪ لائبرري دادو شهر ۾ قائم ڪئي . تاج صاحب 1981ع ۾ رٽائر ڪيو . ان وچ ۾ مارچ 1971ع کان جون 1972ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پهريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو . مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ” سنڌ صدين کان “ سيمينار ۾ سرگرم حصو ورتائين . 1977ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن جي ميڙ ۾ پاڪستان سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو . هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ” هسٽاريڪل سوسائٽيون “ ٺهيون . 1981ع ۾ ” رني ڪوٽ “ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿي رني ڪوٽ تي هڪ زبردست سيمينار ڪرايائين . 1964ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري پساهن تائين قلندر لعل شهباز ميلي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو . زندگيءَ جي آخري سال کيس ” شهباز اوارڊ “ پڻ مليو .
تاج صحرائي هڪ عالم ، آرڪيالاجي ۽ انٿراپالاجيءَ جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ قومي درد رکندڙ انسان هو .
هن 1940ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو . 1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪيائين .
هن آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام واري ڏينهن دهلي جيل ۾ نظربند رهيو . سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو .
تاج صحرائي سنڌ جي قديم تهذيب تي ” تهذيب '>سنڌو تهذيب “ نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ( 1989ع ) لکيو . ان کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن ، جن ۾: ( 1 ) ” سُر سارنگ “ ( مقالو ) ، ( 2 ) ” پڻي لوڪ “ ( مقالو/ ليڪچر: 1996ع ) ، ( 3 ) ” دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾ “ ، ( 4 ) ” کيرٿر جبل “ ، ( 5 ) ” گورک چوٽي “ ( مقالو/ ليڪچر: 1997ع ) ، ( 6 ) ڪتاب “ Lake Manchar ” ( 1997ع ) ۽ ( 7 ) ” نيڻين ننڊ اکوڙ “ ( شاهه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: 2001ع ) قابلِ ذڪر آهن .
کيس پاڪستان سرڪار طرفان ” تمغهءِ حسن ڪارڪردگي “ ۽ ٻيا اعزاز به مليا . تاج صحرائيءَ جي رهائش دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ هئي . هن 28 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه دادو شهر ۾ آهي .
1921.09.11 عيسوي
تاج صحرائيء 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو
2002.10.28 عيسوي
تاج صحرائي 28 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي