داخلا ؛ 6144
پڙهيو ويو ؛ 291
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-04-15


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تاج محمد رضائي

ٽائيٽل ؛ تاج محمد رضائي


شاخ : عالم

تاج محمد رضائي: مولانا -تاج- محمد ولد مير خان کوکر، ڳوٺ -آريجا- تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن پنهنجي -تعليم- نامياري عالم مولانا غلام عمر جتوئيءَ وٽ مدرسي دارالفيض، سوني جتوئيءَ ۾ حاصل ڪئي. هي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڏاڍو ذهين، طبع جو نهٺو ۽ اڪيلائي پسند هو. اڪثر وڻ جي ڇانو هيٺ ڪتابن ۾ منهن وجهي، سڄو ڏينهن پيو مطالعو ڪندو هو. -ان- ڪري سندس -استاد- چوندو هو ته ”اسان جو ڪم هي شاگرد ڪندو؛ يعني مدرسو قائم ڪندو ۽ اسان جو نالو روشن ڪندو.“ مولانا -تاج- محمد، عالم دين هجڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر به هو. هو شاعريءَ ۾ ”رضائي“ تخلص ڪم آڻيندو هو. مولانا -تاج محمد رضائي- عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان جو شاعر هو. کيس شاعريءَ سان ايڏو شوق هو، جو پاڻ جڏهن مڪي شريف ۾ حج ادا ڪرڻ لاءِ ويو، تڏهن حجاز پاڪ مان پنهنجن دوستن ۽ عالمن کي جيڪي خط موڪليندو هو، سي اڪثر شعر ۾ لکندو هو. مولانا -تاج- محمد رضائيءَ جو علمي ۽ قلمي رابطو ملڪ جي مختلف حصن جي ناليوارن عالمن سان هميشه قائم رهيو، اهڙن عالمن ۾ مولانا احتشام -الحق- ٿانوي، مولانا محمد شفيع ديوبندي، مفتي سيد احمد (ناظم مرڪزي انجمن لاحناف هند، لاهور)، مولانا ابوالسعود قادري (ناظمِ اهلِ سنت، -جمعيت- -اصلاح- و -ترقي- -اهل- سنت، بريلوي، هندوستان) وغيره شامل آهن. مولانا -تاج محمد رضائي- شاعر هئڻ سان گڏ اعليٰ درجي جو نثرنگار به هو. هن ڪيترا فقهي، ديني ۽ درسي ڪتاب -تصنيف- ڪيا، -جن- ۾ سيف الرسول، تاج، رهبر فارسي، تحفه حسيني ۽ فيض روضي ڌڻي وغيره قابل ذڪر آهن. مولانا -تاج محمد رضائي- پنهنجي علمي ۽ ديني لياقت وڌائڻ لاءِ فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ملڪن جي سفر تي ويو. هن حرمين شريفين جي زيارت به ڪئي، هندستان ۽ پنجاب جي مختلف شهرن جا دورا ڪيا. -ان- کان پوءِ موٽي اچي پنهنجي ڳوٺ آريجا، تعلقي ڏوڪري ۾ ديني درسگاهه جو بنياد، شوال 1347هه/ 1928ع ۾ رکيائين، جنهن جو نالو ”مدرسه شمس العلوم“ رکيائين، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، جتان ديني علم جا طالب وقت بوقت پنهنجي علمي اُڃ اُجهائيندا رهندا آهن. مولانا -تاج محمد رضائي- پنهنجي عقيدي ۽ طريقي موجب قادري سلسلي سان تعلق رکندڙ هو. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر رحمت -الله- ابڙي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”مولانا غلام عمر جتوئيءَ کيس قادري سلسلي ۾ داخل ڪيو ۽ ذڪر ڪرڻ جي واٽ ٻڌائي. اهڙيءَ طرح مولانا -تاج- محمد صاحب، راشدي گهراڻي جي قادري سلسلي جي طريقت ۾ داخل ٿيو، تنهنڪري کيس ”قادري فقير“ به ڪري ڪوٺيندا هئا.“




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تاج محمد رضائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تاج محمد رضائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن