داخلا نمبر 6147
عنوان تاج محمد شاهه سيد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 155 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تاج محمد شاهه سيد

تاج محمد شاهه، سيد: سيد تاج محمد شاهه ولد سيد ڏتل شاهه حسيني، رضوي روهڙيءَ جي مشهور ڪوٽائي سيدن مان ٿي گذريو آهي، هن 1902ع ڌاري روڙهي، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم روهڙي شهر مان حاصل ڪئي. هو سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسي به ڄاڻندو هو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سيد تاج محمد شاهه نئين ديري ڀرسان هڪ اسڪول ۾ پرائمري ماستر ٿيو. هن جو علمي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ سٺو نثر نويس ۽ شاعر به هو. سندس گهڻو ڪلام وقت گذرڻ سان ضايع ٿي ويو آهي، سندس صرف ٻه ڪتاب هٿ اچي سگهيا آهن:
(1) ”ڪاشف الڪرب المصائب“: هي مختصر رسالو سيد الشهداءَ حضرت امام حسين عليه السلام جي ڪربلا واري قضيي جي باري ۾ مصائبي مجلس جي انداز ۾ لکيل آهي.
(2) ”تذڪره مير يعقوب علي خان“: هي رسالو در اصل ڪوٽائي سادات جي هڪ بزرگ، سيد يعقوب علي شاهه ’رابع‘ جو لکيل آهي، هن کي پاڻ ٻيهر نقل ڪيو هو.
هن شاعر نثر نويس ۽ خوش نويس شخص 23 ورهين جي ڄمار ۾ 6 مارچ 1925ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو