داخلا ؛ 6131
پڙهيو ويو ؛ 1012
پسند ڪيو ويو ؛ 8
تاريخ ؛ 2013-04-15


تصويرون


Taj--Muhammad--Amroti.gif
مولانا تاج محمد امروٽي
مولانا تاج محمد امروٽي



ٽائيم لائين

1841.03.22-A.D
مولانا تاج محمود امروٽي 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو

1929.11-05-A.D
مولانا تاج محمد امروٽي 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--تاج محمود امروٽي

ٽائيٽل ؛ تاج محمود امروٽي


شاخ : عالم

تاج محمود امروٽي: ناميارو ديني عالم مولانا -تاج محمود امروٽي- ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو. هن ابتدائي -تعليم- پنهنجي والد مولانا سيد عبدالقادر وٽان حاصل ڪئي. عربي -تعليم- مولانا عبدالقادر پنهواريءَ (تعلقي روهڙيءَ) کان ورتائين. جوانيءَ ۾ حافظ محمد صديق جي خدمت ۾ ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ کانئس -بيعت- ورتائين. سندس ئي هدايت تي اباڻي ڳوٺ ”ديوانيءَ“ کي ڇڏي، ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”امروٽ“ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن بزرگ امروٽ ۾ اچي اتي موجود بدعتون ختم ڪرايون. مولانا امروٽي، وڏو متوڪل ۽ فنا في -الله- بزرگ هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه وقت فاقا به ڪڍندو هو. سندس خانقاهه، ”صفه“ جو نمونو ۽ روحاني فيض جي ڳولائن لاءِ تمام اهم دارالعلوم هئي.
مولانا -تاج- محمود جي شادي سندس چاچي سيد مهر علي شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس ”حسن شاهه“ نالي پٽ به ڄائو، جيڪو ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ٻه شاديون ٻيون به ڪيائين، پر انهن مان به کيس اولاد نه ٿيو. مولانا صاحب کي پنهنجي پٽ ”حسن شاهه“ سان پيار هو، جنهن سبب پنهنجو تخلص ”حسن“ اختيار ڪيائين. سڄي زندگي اسلامي تبليغ ۽ عوامي فلاح جي ڪمن ۾ حصو ورتائين. مولانا صاحب ديني درس تدريس سان گڏ سياسي ميدان ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. خاص طرح”خلافت تحريڪ “،”هجرت تحريڪِ“، ”ترڪَ موالات تحريڪِ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ حصو ورتائين. پاڻ امروٽ ۾ دارالعلوم قائم ڪيائين، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ ستن سالن تائين درس ڏنو. هن مدرسي مان مولانا حماد -الله- هاليجوي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ جهڙا عالم پيدا ٿيا. شيخ الهند مولانا محمود الحسن پڻ -امروٽ شريف- ايندو رهندو هو. مولانا -تاج- محمود، امروٽ ۾ ديني ادب جي -اشاعت- لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس ”محمود المطالع“ قائم ڪري، ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ شايع ڪيو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هو ۽ ڪنهن به -انگريز- جو منهن ڏسڻ پسند نه ڪندو هو.
مولانا امروٽي سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر به هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ -تفسير- سندس اهم ۽ يادگار -تصنيف- آهي. سنڌيءَ ۾ سندس منظوم رسالو ”پريت ناما“ ۽ سورة ياسين جو منظوم ترجمو پڻ گهڻا مقبول آهن. سندس موهيندڙ شخصيت ۽ حسن اخلاق، هندو توڙي مسلمان، ننڍي توڙي وڏي، -ٻار- توڙي ٻڍي، هر فرد کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ڪيترن غير مسلمانن کي -اسلام- جي دائري ۾ آندو. جمعي جي نماز لاءِ شهر جي -جامع مسجد- ڏانهن ويندي، گهٽين ۾ هندو مرد، عورتون ۽ ٻار، دعا يا -پاڻي- پڙهائڻ لاءِ ٿانوَ کنيو سندن انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. -ان- وقت سنڌ ۾ ”شڌي“ پرچار به زور شور سان -جاري- هو ۽ ڪن متعصب هندن، مولانا امروٽيءَ خلاف شور مچايو ۽ مٿس ڪيس به ڪيا، جيڪي سالن جا سال هلندا رهيا. 1922ع ۾ -انگريز- سرڪار، -بئراج- جي واهن جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن کيس اطلاع مليو ته واهن کوٽڻ جي رِٿ مڪمل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ڪي مسجدون به شهيد ٿينديون. اها خبر ٻڌڻ وقت، علالت جي بستري تي هوندي به هڪدم اٿي ويهي رهيو ۽ بلند آواز سان فرمايائين ته ”آهن ڪي مرد مجاهد، جي -الله- جي گهرن کي تباهيءَ کان بچائين، -جن- -الله- جي گهرن جي حفاظت ڪئي، انهن لاءِ -آخرت- ۾ گهر ٺهندو.“ کانئس بيماري وسري وئي ۽ جماعتين کي گهرائي، مسجدن جي تحفظ لاءِ پيغام موڪليائين. هن ڪوشش پٺيان هڪ پاسي شعائرالله (قديم آثار/ خدا جا نشان) کي بچائڻ ۽ -انگريز- سامراج سان -ٽڪر- کائڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ مقصود هو. هن مقصد ۾ مولانا امروٽيءَ کي آخر فتح حاصل ٿي ۽ ڪيتريون مسجدون -بئراج- جي زد کان بچايون ويون. مولانا امروٽيءَ کي سلوڪ جي چئني طريقن- قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سهرورديءَ جي فيض جي -تلقين- مليل هئي، پر قادري سلسلي تي خاص عبور حاصل هو ۽ اڪثر -تلقين- به قادري طريقي جي ڪندو هو. چون ٿا ته انگريزن مولانا -تاج- محمد امروٽيءَ کي ڳجهيءَ طرح زهر ڏياريو هو، جنهن جي اثر کان ڪمزور ٿي، پاڻ 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تاج محمود امروٽي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تاج محمود امروٽي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن