داخلا ؛ 6096
پڙهيو ويو ؛ 1735
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2013-04-11


تصويرون


tajal-bewas.gif
تاجل بيوس
تاجل بيوس



ٽائيم لائين

1938.09.22-A.D
تاجل بيوس 22 سيپٽمبر 1938ع تي ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو

2008.12.13-A.D
تاجل بيوس 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--تاجل بيوس

ٽائيٽل ؛ تاجل بيوس


شاخ : شخصيت

تاجل بيوس: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ۽ نقاد، -تاجل بيوس- جو اصل نالو -تاج- محمد ولد محمد جعفر سمو هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- نورپور ۽ -ڀونڀٽ پور- اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ثانوي -تعليم- گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ جپان، ٿائيلئنڊ ۽ -آمريڪا- مان مختلف ڪورس ڪري آيو. -تاجل بيوس- 1960ع ۾ -انگريزي- -استاد- طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي -تان- رٽائر ڪيائين. -ان- بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. -تاجل بيوس- ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهي چڪو آهي. -تاجل بيوس- شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ اردو)، سفرنامن، -آتم ڪٿا- ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، -جن- مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
(2) ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
(3) ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ (شاعري:1985ع)،
(4)”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
(5) ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
(6) ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
(7) ”ڏور به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)،
(8) ”ڪنڌيءَ -اڪ- ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)،
(9) ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
(10) -تنهنجا نيڻ غزل- (هڪ سئو غزل:1996ع)،
(11) ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا خط)،
(12) ”چپ -انجيل- جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)،
(13) ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
(14) ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
(15) ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).
تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ -ان- کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. -تاجل بيوس- کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا. سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تاجل بيوس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تاجل بيوس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن