داخلا نمبر 6193
عنوان تاجو فقير اوٺوال
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 127 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تاجو فقير اوٺوال

تاجو فقير اوٺوال: تاجي فقير جو اصل نالو تاج محمد هو . پاڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو وفادار فقير ۽ مغلن کان سنڌ جي آزاديءَ واري تحريڪ جو عظيم ڪارڪن هو . ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ هي ميان دين محمد جي اميرن ۾ به شامل رهيو . دهليءَ جي بادشاهه بهادر شاهه پنهنجي دور حڪومت ۾ مٿس فوج ڪشي ڪرائي ته سنڌ جي ڪلهوڙن جي فوج تاجي فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ مغل فوج جو سخت مقابلو ڪيو ، جنهنڪري شاهي فوج کي شڪست کائڻي پئي . انهيءَ شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ ملتان جو گورنر شهزادو معزالدين پاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو ، ته جيئن سنڌي عوام جي مزاحمت کي نيست ۽ نابود ڪري مغل بالادستيءَ کي قائم رکي ۽ تحريڪ آزادي ۽ آزاد عبوري حڪومت جو خاتمو ڪري . ان وقت آزاد عبوري حڪومت جو اڳواڻ ۽ تحريڪ آزاديءَ جو ساٿ ڌڻي سرواڻ ميان دين محمد هو . ميان دين محمد کي اٽڪل سان شهزادي گرفتار ڪري ورتو ، ميان يار محمد مغل فوج سان مزاحمت ڪئي ۽ گاج وٽ سخت جنگ لڳي . هن خوفناڪ جنگ ۾ تاجو فقير پنهنجي بهادري ۽ جوانمرديءَ جا جوهر ڏيکاريندي شهيد ٿي ويو . سندس مزار ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ موجود آهي ۽ مٿس مقبرو به تعمير ٿيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو