داخلا نمبر 6196
عنوان تاجو ليکي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 169 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تاجو ليکي

تاجو ليکي: ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ جي اقتدار وارين لڙائين جو اهم ڪردار تاجو ليکي هو. هيءُ راڄي ليکيءَ جو پٽ هو. جڏهن ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کي تخت تان لاهي قيد ۾ وڌو ويو ته سندس ڀاءُ ميان محمود خان حاڪم بڻيو ۽ راڄو ليکي حڪومت جي سڀني انتظامي ڳالهين جو مختيار بڻيو. خزانو به سندس حوالي هو. هن پنهنجي پٽ تاجي ليکيءَ کي محمود خان جو ”مدارالمهام“ بنايو. جڏهن مير بجار خان واپس سنڌ موٽي آيو، تڏهن راڄو ليکي ان صدمي ۾ مري ويو ۽ سندس پٽ تاجو پيءُ جو جانشين بڻيو ۽ سمورا اختيار پاڻ سنڀاليائين. تاجو ليکي سنڌ ۾ ميرن جو وڏي ۾ وڏو دشمن ليکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ هيءُ ڪلهوڙن سان گڏ هو. پوءِ به سندن خيرخواهه نه ٿي سگهيو. جڏهن مير بجار خان، پنهنجي لشڪر سان اڳتي وڌيو، تڏهن تاجو ليکي، الهه بخش جهنجهڻ، محراب جتوئي، پيروز پتافي ۽ ٻين سڀني ساٿين کي گڏ ڪري مير بجار جي مقابلي جي تياري شروع ڪري ڏني، ۽ ان ڏس ۾ هنن مير بجار کي هڪ خط به لکيو هو. جڏهن ميربجار خان عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو، تڏهن به تاجي ليکيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ ميان غلام نبي ۽ الهه بخش جهنجهڻ سان گڏ، 30 هزار سپاهي وٺي وڃي عمرڪوٽ پهتو. جيئن ته عمرڪوٽ جي وسيع، شاندار ۽ مضبوط قلعي اڳيان ٽيهه هزار فوج ڪا اهميت نه پئي رکي، ان ڪري تاجي ليکيءَ، الهه بخش جهنجهڻ سان سِٽ سِٽي، کيس ميربجار خان ڏانهن موڪليو، جتي هن وڃي فريب سان مير بجار خان کان عمرڪوٽ جو قلعو خالي ڪرايو ۽ پوءِ تڪڙ ۾ پنهنجي فوج قلعي اندر ويهاري ڇڏي. جڏهن مير بجار خان ڏٺو ته تاجو ليکي هٿ ڌوئي ٽالپر خاندان جي تباهيءَ لاءِ ڪاهي نڪتو آهي، ته هن تاجي کي جنگ ڪرڻ لاءِ خط لکيو. مير بجار جو اهو پيغام ٻڌي، تاجي، ميان غلام نبيءَ کي جنگ لاءِ زور ڀريو. مجبوراً ميان غلام نبيءَ کي تاجي جي راءِ مڃڻي پئي، ۽ ان ريت ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ ”لانياريءَ“ واري جنگ لڳي. هن جنگ ۾ ڪلهوڙن جي فوج ٽيهه هزار سپاهين تي مشتمل هئي، ۽ ٽالپرن جي فوج ۾ ڪُل ڇهه هزار بلوچ سپاهي هئا. تاجي ليکيءَ سازش ڪري ميان غلام نبيءَ کي قتل ڪيو، ۽ جنگ مان ڀڄي ويو. ميان صاحب جي شهادت تي مير بجارخان کي گهڻو صدمو پهتو، ۽ هن ميان صاحب جو لاش حيدرآباد ڏياري موڪليو.
جيتوڻيڪ هن جنگ ۾ ڪلهوڙن جي هار ۽ ٽالپرن جي فتح ٿي، ان هوندي به ڪلهوڙن طرفان تاجو، ٽالپرن کي وقت بوقت نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو. سندس سازشن سبب ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ ”هالاڻيءَ“ وٽ هڪ وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن جي فتح ۽ ڪلهوڙن جي هار ٿي؛ ان بعد سنڌ جا حڪمران مير ٿيا. هالاڻي جي جنگ ميان عبدالنبي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي وچ ۾ لڳي. ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ تاجو ليکي، پنهنجن ڀائرن، پٽن ۽ ساٿين سان گڏ قيد ٿي آيو. ميان غلام نبيءَ جي ڀاءُ ميان عبدالنبيءَ سندس قتل جو حڪم جاري ڪيو. ان موقعي تي مير بجار سفارش ڪري، سندس حياتي بچائي. مطلب ته ميرن جي دل ۾ ڪڏهن به تاجي ليکيءَ ۽ سندس ساٿين لاءِ ڌِڪار نه هئي، پر تاجو ليکي هڪ فطرتي سازشي انسان هو. هڪ روايت موجب تاجي ليکيءَ کي معافي ته ملي، پر ٽالپرن خلاف سندس دل مان دغا نه وئي. آخرڪار تاجو ۽ سندس ڀاءُ 1196هه/ 1782ع ۾ ”هالاڻيءَ“ واري جنگ ۾ مارجي ويا. سندس مقبرا گنجي ٽڪر حيدرآباد ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو