داخلا نمبر 6552
عنوان تارا ميرچنداڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 368 ڀيرا
داخلا جو حوالو
 اديب تارا ميرچنداڻي

اديب تارا ميرچنداڻي

تارا ميرچنداڻي

تارا ميرچنداڻي: سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، ناول نويس، ڪهاڻيڪار تاراچنداڻيءَ، 6 جولاءِ 1930ع ۾، ديوان ڏيارام هاسارام ميرچنداڻيءَ جي گهر ۾، حيدرآباد (سنڌ) ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو تارا موتيرام ميرچنداڻي آهي. تارا جو والد زميندار هو، ۽ سندس ماءُ، جسي ٻائي، حيدرآباد جي مکين جي آڪهه مان هئي. تارا، ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ڇهون نمبر آهي. هن پرائمري تعليم ڪندن مل گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ساڳئي اسڪول مان 1947ع ۾، سُٺين مارڪن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ فرسٽ ايئر آرٽس وديا نگر (گجرات) مان ڏنائين. بعد ۾ بمبئيءَ وڃي ”جئه هند ڪاليج“ ۾ انٽر آرٽس ۾ داخلا ورتائين. گهرو حالتن جي ڪري هن پڙهڻ ڇڏي ڏنو، ۽ بمبئيءَ ۾ Rehabilitation Finance Department ۾ نوڪري ڪيائين. سندس شادي ساڳيءَ آڪهه جي، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ نوجوان، موتيرام رامچنداڻيءَ سان 1950ع ۾ ٿي. ورهاڱي کان پوءِ سندس وَرَ بنارس ۾ جنرل مرچنٽس شاپ شروع ڪيو.
تارا ميرچنداڻيءَ کي سنڌ اندر اسڪولي تعليم دوران ئي سنڌي ساهت سان دلچسپي هئي. هن 47-1946ع ڌاري ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هڪ گروپ ”وديارٿي سنگم“ جي نالي سان قائم ڪيو، هن گروپ پندرهن وار اخبار ”وديارٿي“ به ڪڍي، جنهن جي ايڊيٽر تارا ميرچنداڻي ٿي. هنن اُن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام جي فيصلي وقت، شاگردن سان ملي حيدرآباد ۾ ’بنارس هندو يونيورسٽيءَ‘ وانگر ’حيدرآباد هندو يونيورسٽي‘ قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي. اهڙيءَ طرح هن جي ادبي شروعات 16، 17 سالن جي عمر ۾ ”وديارٿي“ اخبار جي ايڊيٽوريلن لکڻ سان ٿي. 1948ع ۾ تارا ميرچنداڻي جڏهن جئه هند ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ته پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ کيس ادبي حوالي سان همٿايو ۽ هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جڏهن 1995ع ۾ بمبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) جا تنقيدي ڪلاس شروع ٿيا ته منگهارام ملڪاڻي کيس انهن ڪلاسن ۾ وٺي ويو. هن اتي پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”سرڳ جو سير“ پڙهي، جنهن تي ڪافي نڪته چيني ٿي ۽ هوءَ دل برداشته ٿي وئي، ۽ ٻه ٽي مهينا ساهت منڊل جي گڏجاڻين ۾ نه وئي. اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ٻي ڪهاڻي ”ديوار“ لکيائين، جا ادبي ڪلاس ۾ پڙهيائين ته ڏاڍي پسند ڪئي وئي ۽ هن کي لکڻ جو اُتساهه مليو.
تارا، ادبي ميدان ۾ پنهنجي لاءِ ادب جي ٻن شاخن ڪهاڻيءَ ۽ ناول کي چونڊيو. هن مهل تائين سندس هيٺيان ناول: ’ڪُومايل ڪلي‘ (1949ع)، آشا (1950ع)، ’هٺ يوگي‘ (ناول: ٻه ڀاڱا- 1990ع)، ’لهرن جي گونج‘ (1992ع) ۽ ’سورج جي پهرين ڪرڻ‘ (1998ع)شايع ٿي چڪا آهن. سندس ناول ”هٺ يوگي“ کي، ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي 1993ع ۾، مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جي انعام سان نوازيو.
تارا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻين جا پنج مجموعا: ’آئينو ۽ عڪس‘ (1965ع)، ’رٻڙ جي گُڏي‘ (1966ع)، ’اُلجهيل تندون ريشم جون‘، (1986ع)، ’درد‘ (1991ع)، ۽ ’وسريا نه وِسرن‘ (1996ع) ڇپيل آهن.
تارا ميرچنداڻي سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جو هڪ معتبر نالو آهي. سندس شمار انهن ٿورين ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي مسلسل لکي رهيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ نئين سوچ موجود آهي. هن جا ڪجهه ناٽڪ به لکيا آهن، جن مان ڪي ”آئينو ۽ عڪس“ مجموعي ۾ شامل آهن. سندس ناٽڪ ريڊيو تي به نشر ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ بابت سندس ويچار آهن ته: ”مون کي سڀني ٻولين ۾ سنڌي ٻولي ئي مٺي لڳندي آهي. سنڌي ٻولي زنده رهندي ۽ ضرور زنده رهندي، اهو منهنجو وشواس آهي“. مختلف سرگرمين ۾ به حصو وٺندي رهندي آهي. عورتن جي هڪ جماعت ”جهنڪار ڪلب“ قائم ڪري، ان جي پليٽ فارم تان هنرن جي ترقيءَ، معذور ٻارن ۽ ڪوڙهه ورتل انسانن جي مدد جهڙا ڪم ڪيائين. کيس ادبي خدمتن تي ڪيترا انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن، جهڙوڪ: نئين دنيا پبليڪيشن ممبئيءَ پاران اوارڊ (1991ع)، ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ سهيوڳ فائونڊيشن بمبئيءَ پاران اوارڊ (1992ع)، ناول: ”هٺ يوڳيءَ“ تي ساهتيه اڪادمي اوارڊ (1993ع)، رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر پاران اوارڊ (1994ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد اوارڊ ڪلڪتو (1995ع)، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جو لٽرري اوارڊ (2000ع) وغيرهه.
تارا ميرچنداڻي، مرڪزي ساهتيه اڪادمي ۽ مهاراشٽر راجيه سنڌي ساهتيه ڪميٽيءَ تي ميمبر رهي چڪي آهي. هن وقت ’جئڪ اينڊ جل هائوسنگ سوسائٽي‘ پوني ۾ رهائش پذير آهي ۽ مقامي ادبي تنظيمن جي گڏجاڻين ۾ ريٽا شهاڻي، گورڌن شرما ”گهايل“ ۽ ٻين سان گڏ سرگرميءَ سان حصو وٺندي رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.07.06  عيسوي

تارا ميرچنداڻيءَ ، 6 جولاءِ 1930ع ۾ ، ديوان ڏيارام هاسارام ميرچنداڻيءَ جي گهر ۾ ، حيدرآباد ( سنڌ ) ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون