داخلا ؛ 6555
پڙهيو ويو ؛ 118
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-15


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تاراهه ڳوٺ

ٽائيٽل ؛ تاراهه ڳوٺ


شاخ : ڳوٺ

تاراهه ڳوٺ: هالا کان 10 ڪلوميٽر -اتر- طرف نيشنل هاءِ وي تي اولهندي طرف ٻه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي -آباد- هن ڳوٺ جو نالو ابتدا ۾ ”علي شاهه جو ڳوٺ“ هو. سيد علي شاهه هجرت ڪري هن علائقي ۾ اچي ويٺو، جنهن جي نالي پٺيان پوءِ ”علي شاهه جو ڳوٺ“ سڏجڻ ۾ آيو. روايتن موجب سيد علي شاهه ارڙهين صدي عيسوي جي آخر ۾ هتي رهائش پذير ٿيو، جنهن جي اٺين پيڙهي هن وقت هتي -آباد- آهي. اها به روايت آهي ته مخدوم نوحرح جي سورهين سجاده نشين مخدوم غلام محمد ”مغموم“ جو هن ڳوٺ ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو. هڪ ڀيري مخدوم غلام محمد هن ڳوٺ جي -تڙ- جي مٺي -پاڻي- جي مناسبت سان ”وڻ ونجهيري، -تڙ- تاراهه“ جو فقرو چيو. جنهن کان پوءِ علي شاهه ڳوٺ جو نالو تبديل ٿي ”تاراهه“ ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ڳوٺ جي ڀرسان شاخ ڪڍي وئي ته -ان- تي به ”تاراهه شاخ“ نالو رکيو ويو.
ڳوٺ -تاراهه- جي اولهه طرف فرلانگ کن جي مفاصلي تي سيد پنهل فقير جو مقبرو آهي، جنهن تي ڪجهه سال اڳ سيد علي شاهه جي اولاد مان مرحوم سيد غلام نبي شاهه ساليانو ميلو لڳرائيندو، پر سندس وفات بعد اهو سلسلو به -بند- ٿي ويو. -تاراهه ڳوٺ- ۾ سيدن کانسواءِ چانڊيا، لاکا، ڳاهوٽي، شيدي، هندو، باگڙي، ڀيل ۽ ڪولهي ذاتين جا لڳ ڀڳ ٻه سئو گهر آهن ۽ سندس آبادي لڳ ڀڳ هڪ هزار جي برابر آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تاراهه ڳوٺ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تاراهه ڳوٺ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن