داخلا نمبر 6575
عنوان تارڙ رفيق احمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 148 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

تارڙ رفيق احمد

تارڙ، رفيق احمد: پاڪستان جو اڳوڻو صدر رفيق احمد تارڙ، گوجرانوالا ضلعي جي ڳوٺ پير ڪوٽ ۾، 2 نومبر 1929ع تي ڄائو. شاگرديءَ واري زماني ۾ هو سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندو رهيو، ورهاڱي بعد جڏهن هجرت جو عمل شروع ٿيو ته رفيق احمد تارڙ مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ساٿين سان گڏ هندستان مان لڏي آيل ماڻهن جي مدد ڪئي. 1949ع ۾ هن گريجوئيشن کانپوءِ لا ڪاليج لاهور مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. 1955ع ڌاري هن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان بعد 1970ع تائين پنجاب ليبر ڪورٽ جو چيئرمين به رهيو، ان جي چئن سالن بعد کيس لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، ان دوران هو پاڪستان اليڪشن ڪميشن جو ميمبر به رهيو. جڏهن ته رفيق احمد تارڙ 1991ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جج طور نامزد ٿيو، جتان 1994ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. رفيق تارڙ 1997ع ۾ سياست ۾ پير پاتو ۽ مسلم ليگ (نواز) جي ٽڪيٽ تي 1997ع ۾ سينيٽر منتخب ٿيو. نواز شريف جي خاندان سان ويجها تعلقات هئڻ ڪري کيس تڏهوڪي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڀرپور حمايت حاصل هئي ۽ کيس 31 ڊسمبر 1997ع تي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. هن پهرين جنوري 1998ع تي ملڪ جي نائين صدر جي حيثيت سان حلف کنيو. آڪٽوبر 1999ع ۾ جــنرل پرويــز مشرف، نواز حڪومت کي مفلوج ڪري اقتدار سنڀاليو ۽ نواز شريف کي پهريان گرفتار ڪري پوءِ پرڏيهه موڪليو ويو. رفيق احمد تارڙ تڏهن به ڪجهه عرصو ملڪ جو صدر رهيو، پر اڳتي هلي 20 جون 2001ع تي پي. سي. او (پراونشيل ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر) تحت رفيق تارڙ کي هٽائي پرويز مشرف پاڻ کي صدر چونڊرايو.
رفيق احمد تارڙ کي مذهب، ادب ۽ شاعريءَ سان دلچسپي آهي، ڪلاسيڪي فارسي ادب شوق سان پڙهندو آهي. کيس ٽي فرزند ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو