داخلا نمبر 6675
عنوان تازي
شاخ جانور
پڙهيو ويو 174 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٻيو

تازي

تازي: هي اصطلاح اُنهيءَ جانور لاءِ ڪم ايندو آهي، جنهن کي شڪار جي تربيت ڏنل هجي. مثال طور، گهوڙو هجي ته ڀڄڻ ۾ تکو هجي، جيئن شڪار وارو جانور گوهيون ڏئي گهوڙي کان نڪري نه وڃي؛ جي ڪُتو هجي ته اُهو به ڀڄڻ جو ڇوهو هجي، جيڪو ڊوڙي جانور کي جهلي. تازي ڪتو ڊگهين ٽنگن سان، سنهو لاٺيارو ٿيندو آهي، شڪار لاءِ تربيت يافته گهوڙي ۽ ڪُتي کي ”تازي“ چوندا آهن. هاڻي اهڙن ڪتن ۽ گهوڙن جو نسل ئي جدا ٿي ويو آهي. شاهه لطيف به تازي گهوڙن کي ڳايو آهي: ”تازي طبيلن ۾، گهوڙا گهر گهڻا“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

جانور - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باندر
ببر شينهن
ببون
بجري
بچي
بختي
ٻاچ (جانور)
ٻارهن سڱو
بد رڪاب
ٻرون
جانور ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون