داخلا نمبر 6151
عنوان تحفة الڪرام
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 356 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيديا جلد ٻيو
تواريخ تحفت الڪرام  جلد اول و دوم

تواريخ تحفت الڪرام جلد اول و دوم

تحفة الڪرام

تحفة الڪرام- جلد اول و دوم (ڪتاب ):فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن ناياب تاريخ جو مصنف سنڌ جو عظيم محقق، اديب، تاريخدان ۽ شاعر مير علي شير قانع ٺٽوي (1140هه/1727ع-1203هه/1788ع) آهي. مير علي شير قانع جو بزرگ سيد شڪر الله شيرازي، شاهه بيگ ارغون جي زماني 928هه/1521ع ۾ شيراز مان سنڌ ۾ آيو. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نه هجي ها ته اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. ”تحفة الڪرام“ جي ٽن جلدن مان پهريون ۽ ٻيو جلد برصغير جي تاريخ بابت آهي ۽ ٽيون جلد سنڌ لاءِ مخصوص آهي. ٽنهي جلدن ۾ نه فقط بادشاهن جو ذڪر آهي، بلڪ انهن جي ڳوٺن، شهرن، جبلن، جهنگن ۽ ماڳن جو به ذڪر آهي، ان سان گڏ درويشن، مجندوبن، صوفين، خوشنويسن، شاعرن، سيدن، قاضين، شيخن، عالمن ۽ فاضلن جو به ذڪر موجود آهي. پهرين ۽ ٻئي جلد ۾ موجود مواد جو تفصيل هن ريت آهي. پهريون جلد: هن جلد ۾ هڪ مقدمو ۽ ٽي باب آهن. مقدمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي هر هڪ حصي جو نالو ”ذڪر“ (بيان) رکيو ويو آهي. ذڪر ۾ مخلوقات جي ابتدا ۽ ٻئي ذڪر ۾ جنن جي پيدائش جو بيان آهي. ٽن بابن مان پهرئين باب جا ٽي ڀاڱا آهن. هر هڪ ڀاڱي کي ”طبقي“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. پهرئين طبقي ۾ بيبين جو بيان آهي، ٻئي طبقي ۾ اسلام کان اڳ ٿي گذريل بادشاهن جو ۽ ٽئين طبقي ۾ انهيءَ وقت جي حڪيمن، زاهدن ۽ مشهور شاعرن جو ذڪر آهي. ٻئي دفتر کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ کي ”مجلس“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرئينءَ ”مجلس“ ۾ حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي پيدائش جي ابتدا، ٻيءَ مجلس ۾ سندن حالات، ٽين مجلس ۾ خلفاءِ راشدين جو احوال، چوٿينءَ مجلس ۾ امامن پاڪن جو ذڪر ۽ پنجينءَ مجلس ۾ اهلبيت ڪرام جي مشهور مشهور هستين جو بيان آهي. ٽيون باب ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيل آهي، هر هڪ ڀاڱي تي طبقي جو نالو رکيو ويو آهي، انهن مان پهرين طبقي کي وري ٽي ڀاڱا ڪري هر هڪ ڀاڱي کي مقصد سڏيو ويو آهي، پهرين مقصد ۾ بني اميه گهراڻي جي حاڪمن جو بيان آهي، ٻئي مقصد ۾ ٽي مقالا آهن،پهريون مقالو خاص بني اميه گهراڻي جي انهن اميرن جي بيان ۾ آهي،جيڪي عراق عرب ۽ عراق عجم جي حڪومت تي سرفراز هئا. ٻئي مقالي ۾ بني اميه جي خراسان وارن اميرن ۽ ٽئين ۾ بني اميه گهراڻي جي ڪن مکيه ماڻهن جو احوال آهي. ٽئين مقصد ۾ خاص انهن ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي، جن بني اميه جي حڪومت واري دور ۾ بغاوتون ڪيون. ٻيو طبقو پنجن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ کي ”مذڪور“ لقب ڏنو ويو آهي. پهرئين مذڪور ۾ عباسي خليفن جو ذڪر آهي، ٻئي ۾ انهن عباسي شخصيتن جو بيان آهي، جن مصر ۾ خلافت جو لقب لڌو، ٽئين ۾ عباسين جي اميرن، وزيرن ۽ سندن نامي گرامي ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي. چوٿين ۾ جن ماڻهن عباسي دور ۾ بغاوتون ڪيون، تن جو بيان ۽ پنجين ۾ قرمطين جو ذڪر آهي. ٽئين طبقي جا حصا ڪيا ويا آهن، هر هڪ حصي جو نالو رکيو ويو آهي ”اساس“. پهرئين اساس ۾ انهن مسلمان بادشاهن جو احوال آهي، جيڪي بني عباس گهراڻي جي خلافت وقت دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي بادشاهه هئا. اهڙن يارهن گهراڻن جو احوال ڏنو ويو آهي. پهريون طاهري گهراڻو، ٻيو صفاري گهراڻو، ٽيون ساماني گهراڻو، چوٿون غزنوي گهراڻو، پنجون غوري گهراڻو، ڇهون آل بويه يعني ديلمي گهراڻو، ستون سلجوقي گهراڻو، اٺون خوارزمشاهي گهراڻو، نائون اتابڪ گهراڻو، ڏهون اسماعيلي گهراڻو ۽ يارهون ڪرمان جو فراختائي گهراڻو. ٻئي اساس ۾ فقط انهن شاهي گهراڻن جو احوال آهي، جن روم تي حڪومت ڪئي. اهڙا اٺ گهراڻا ٻڌايا ويا آهن، پهريون قيصر گهراڻو، ٻيو سلجوقي گهراڻو، ٽيون دانشمندي گهراڻو، چوٿون سليقي بادشاهن جو گهراڻو، پنجون منڪو چڪي اميرن جو گهراڻو، ڇهون قرامان گهراڻو، ستون ذوالقدر گهراڻو ۽ اٺون عثماني بادشاهن جو گهراڻو. ٽئين اساس ۾ حرمين شريفين- زاد هما الله شرفا و تعظيما جي شريفين جو ذڪر آهي. چوٿين اساس ۾ ترڪستان جي خانن يعني چنگيز خان ۽ سندس اولاد جو بيان آهي، پنجين اساس ۾ ابو سعيد خان بهادر کان پوءِ جيڪي ايران ۾ ننڍڙا بادشاهه ٿيا، تن جو احوال آهي ۽ اهڙا پنج گهراڻا هئا. ڇهين اساس ۾ قراقونيلو گهراڻي جي بادشاهن جو احوال ڏنو ويو آهي، ستين اساس ۾ دياربڪر (روسي ترڪستان) جي اقانيلو بادشاهن جو ذڪر آهي، اٺين اساس ۾ ايران جي صفوي گهراڻي جو ۽ نائين اساس ۾ خاص صاحب قران امير تيمور گورگان ۽ سندس اولاد جو احوال آهي، جن ايران ۽ توران تي حڪومت هلائي. ٻيو جلد: هن جلد ۾ ڪل ست مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي. ستن مقالن ۾ ستن ئي ولايتن جو ترتيب وار ذڪر، انهن جي مختصر جاگرافي ۽ اتي جي بادشاهن، اميرن، وزيرن، خداوارن ولين، عالمن ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جو احوال ڏنل آهي. خاتمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حصي کي ”نمود“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرئين نمود ۾ مشهور ۽ مکيه مکيه شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏيکاريل آهي. ٻئي نمود ۾ انهن ملڪن جو مختصر بيان آهي، جيڪي ستن ولايتن جي احاطي کان ٻاهر آهن. هي ڪتاب حسني اثناءَ عشري لکنوء طرفان 1301هه/1883ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو