داخلا نمبر 6230
عنوان تخليق
شاخ ڪائنات
پڙهيو ويو 540 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٻيو
چنڊ جو ڌماڪي چمڪي کان پوءِ جو ٺهڻ

چنڊ جو ڌماڪي چمڪي کان پوءِ جو ٺهڻ

بگ بئنگ جي پکيڙ جو تصويري ڏيک

بگ بئنگ جي پکيڙ جو تصويري ڏيک

شمسي توانائي

شمسي توانائي

انساني نسل جي ارتقا

انساني نسل جي ارتقا

پٿر واري دور جي انسان جو هڪ نمونو

پٿر واري دور جي انسان جو هڪ نمونو

تخليق

تخليق: تخليق جو مطلب آهي پيدا ڪرڻ. انسان جي تخليق جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ چيو ويو آهي ته ”۽ اسان انسان کي سُڪل مٽيءَ ۽ ڪاري گپ مان، جيڪا گاري گپ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي، پيدا ڪيو ۽ جنن کي تيز باهه مان پيدا ڪيو ۽ جڏهن تنهنجي رب فرشتن کي چيو ته آءٌ انسان کي سڪل مٽي، ڪاري گپ گاري مان پيدا ڪرڻ وارو آهيان ۽ جڏهن آءٌ ان کي مڪمل ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان کي سجدو ڪجو.“ (15: 26 کان 29).تخليق ڪائنات متعلق قرآن الحڪيم جي سورة الانبياءَ جي آية 30 ۾ ارشاد آهي ته: ”آسمان ۽ زمين (منڍ ۾) مليل هئا، پوءِ اسان انهن کي جدا ڪري ڇڏيو ۽ پاڻيءَ مان سڀ ساهوارا پيدا ڪيا....“تخليق جي باري ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جو ارشاد آهي ته: ”سڀ کان پهريان الله هو، ان کان پهرين ڪابه شيءِ ڪانه هئي. پهريائين عرش خلقيائين، پوءِ هن آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ لوح محفوظ ۾ هر شيءِ کي لکي رکيو (بخاري).ويدن جي هڪ ڀڄن ۾ ڪائنات جي تخليق بابت چيل آهي ته: ”شروع ۾ ڪجهه ڪو نه هو سواءِ هڪ هستيءَ جي، جنهن جي هستي هن ڪائنات جي تخليق جو سبب بڻي، اهڙيءَ طرح الهامي ڪتابن: توريت، زبور ۽ انجيل ۾ به دنيا جي تخليق بابت ذڪر ڪيل آهي، الهامي ڪتابن ۾ چيو ويو آهي ته خدا شروع ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو، جيئن ته زمين اونداهي هئي، خدا سج چنڊ پيدا ڪيا ۽ سوجهرو ٿيو، سوجهري کي ڏينهن سڏيائين ۽ اونداهيءَ کي رات سڏيائين، خدا حڪم ڪيو ته خشڪي ظاهر ٿئي، ائين خشڪي يعني زمين ٻئي ڏينهن ٺهي، گڏ ٿيل پاڻيءَ کي سمنڊ سڏيائين، نه ته اڳ ۾ زمين ۽ سمنڊ گڏيل هئا، پاڻي مٿان هو، زمين هيٺان، چوٿين ڏينهن آبي جاندار ۽ پکي پيدا ڪيائين، پنجين ڏينهن زمين تي ريڙهيون پائيندڙ جيو پيدا ڪيائين، ائين ڇهين ۽ ستين ڏينهن تائين ڪائنات مڪمل ڪيائين. قرآن شريف ۾ پڻ تخليق جا ڇهه ڏينهن ڄاڻايل آهن. انهن سمورن الهامي ڪتابن موجب ڪائنات ڇهن ڏينهن ۾ جڙي راس ٿي. ڪائنات جي تخليق بابت هندو ديومالا جي اندازي مطابق مطابق ”ڪائنات جي زندگي چئن يگن جي هڪ مها يگ جي ايڪائيءَ سان هن ريت ڪٿي وئي آهي:سو مهايگ= هڪ مان ونترسو مان ونتر= هڪ ڪلپٻه ڪلپ= هڪ برهمني (ڏينهن رات)جن چئن يگن مان ”مهايگ“ جو ايڪو ٺهي ٿو، سي عرصي پٽاندڙ هي آهن: (1) ستيه يُگ 1,728,000 سال، (2) تريتايگ 1,296,000 سال، (3) دواپر يُگ 864,000 سال ۽ (4) ڪَل يُگ 432,000 سال. اهي ڪُل 4,320,000 (ٽيتاليهه لک ويهه هزار سال)=هڪ مها يُگ، ٻه هزار اهڙا مها يُگ = ڏينهن رات =20008,640,000,000=432,000x (8 ارب چوهٺ ڪروڙ سال ٿين ٿا).ڪائنات جي تخليق ۾ ڌرتيءَ جي سالن مطابق 6 x 8,640,000,000 = 51,840,000,000 (51 ارب، 84 ڪروڙ) سال لڳا، هندو عقيدي موجب هر ”مهايگ“ يعني 43 لک ۽ ويهه هزار سالن بعد هڪ نئين دنيا وجود ۾ اچي ٿي. هڪ ”منو“ انهيءَ نئين دنيا کي قادر مطلق جي قاصد طور اچي آباد ڪري ٿو.سائنسي علمن ۾ ”فلڪيات جو علم“ قديم ترين علم آهي، ”علم فلڪيات“ جي هڪ نظريي مطابق ”خلا“ ۾ هڪ جسم ستارو هو، جيڪو هڪ اونداهي کڏ (Black Hole) جي زبردست ڇڪ سبب ان ۾ ڪري غرق ٿي ويو، ڪائنات ۾ اونداهو سوراخ (Black Hole) هڪ اهڙي جاءِ آهي، جنهن جي ڪشش ثقل کان ڪا به مادي شيءِ يا توانائي بچي نڪري نه ٿي سگهي. فلڪيات جي ماهرن، اونداهي کڏ جي طاقتور ڪشش ثقل هيٺ آيل گئس جي تحرڪ جون تصويرون به ورتيون. بعد ۾ آمريڪن ائسٽراناميڪل سوسائٽيءَ جي سالياني اجلاس (منعقد واشنگٽن تاريخ 7 جنوري 1998ع) ۾ سائنسدانن تسليم ڪيو ته ”بليڪ هول“ جي وجود جو حتمي ثبوت ملي ويو آهي، اهو ڪهڪشان جي مرڪز ۾ سج کان ڇويهه هزار (26000) نوري سالن جي مفاصلي تي واقع آهي، مرڪزي بليڪ هول کي سئگيٽارس/ سيجيٽيريس اي. اسٽار (Sagitarius A. Star) نالو ڏنو ويو، ان جي پکيڙ نظام شمسي جي برابر آهي، پر سندس مادو ڪروڙين دفعا وڌيڪ آهي، بليڪ هول جو صحيح اندازو لڳائڻ انهي ڪري مشڪل آهي، جو ان جي زبردست ڪشش ۾ روشني به جذب ٿي وڃي ٿي، هاڻي اهڙا گهڻا اونداها سوراخ خلائي سمنڊ ۾ نظر اچي چڪا آهن.هن کان اڳ سائنسدانن ۽ فلڪيات جي ماهرن جي اونداهي سوراخ واري نظريي (Black hole theory) سان مڪمل اتفاق نه ڪيو هو ۽ ڪائنات جي تخليق متعلق هڪ ٻيو نظريو قائم ڪيو هو، جنهن کي ”وڏي ڌماڪي وارو نظريو“ (Big Bang Theory)چئجي ٿو. انهيءَ تي به اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو هو، جيئن سائنس جي ترقي ٿيندي رهي، تيئن هڪ واحد تخليقي قوت ۽ ڪائنات جي باترتيب تخليق جي حقيقت ظاهر ٿيندي وئي.ڌرتيءَ کان ٻاهر خلا تي تحقيق ڪندڙ فلڪيات جي ماهرن (Astronomers) کي تخليق جي راز معلوم ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ميسر آهن ۽ سندن ڪم به اوترو ئي مشڪل آهي. اسان جي ڌرتي جنهن نظام شمسيءَ (سورج منڊل) جو حصو آهي ۽ ان ۾ گردش ڪري رهي آهي، سو ڪُل ڪائنات جو هڪ اڻ لکو ذرڙو آهي. اسان جو سج اسان جي ڪهڪشان جي هڪ سو ارب ستارن مان فقط هڪڙو ستارو آهي. باقي ستارن جا پڻ پنهنجا نظام شمسي آهن. ان کان سواءِ ڪهڪشان کان پريان ٻيون لاتعداد ڪهڪشائون موجود آهن. اڪثر مذهبي عالم، سائنسدانن جي نظريي کي رد ڪن ٿا. تنهن هوندي به جديد دور جا عالم سائنسي نظرين ۽ مذهبي عقيدن ۾ ڪو خاص فرق محسوس نه ٿا ڪن. اهي دليل ٿا ڏين ته اصل وڏو مادي جو گولو به ڪنهن ته ٺاهيو؟ اهو ئي خالق اڪبر آهي، جنهن باقي تخليق ڪئي آهي ۽ ان کي ڪمال قدرت ۽ باقاعدگيءَ سان هلائي رهيو آهي. ”قدرت جي قانون“ هيٺ مادي جو وڏو گولو ڦاٽو ۽ ڌوڙ جي ڪڪرن مان اسان جو نظام شمسي جُڙيو، جڏهن ڌوڙ جا تابڪاري ذرا ٿڌا ٿي پاڻ ۾ ڳـُتجي ويا، پروٽان ۽ نيوٽران هڪ نيوڪلائيءَ ۾ گڏ ٿي عنصر ٺاهيا ويا ۽ ائٽمي دنيا وجود ۾ آئي، تڏهن ساڍا چار ارب سال اڳ اسان جو نظام شمسي قائم ٿيو. سائنس هن قدرتي عمل جي تصديق ڪري ٿي.بگ بئنگ يا وڏي زوردار ڌماڪي جي نظريي مطابق پندرهن ارب سال اڳ ڪائنات ۾ فقط هڪ وڏو مادو هو، جيڪو مضبوطيءَ سان ڳتيل هو، گهڻي گرميءَ سبب اهو مادو ڦاٽي پيو، جيڪو گرم مادي جي ٽڪرن جي صورت ۾ اصل مادي جي چوگرد ڦرڻ لڳو ۽ تارن جي ميڙن (Galaxies) جي صورت ورتائين. انهيءَ مادي جي پروٽانن ۽ نيوٽرانن جي ميلاپ سان نيوڪلائي (Nuclai) پيدا ٿيا، جن مان عنصر (Elements) ٺهيا. مٽِيءَ جا ذرا (Particles) ۽ گئس پاڻ ۾ ميلاپ ڪري خلا ۾ ٿڌا ٿيا، ۽ مٽيءَ جا ڪڪر ٿي ڄمي پيا. انهن ۾ ڪشش پيدا ٿي ۽ اهي وڌيڪ ننڍن ۽ ڳتيل حصن ۾ تقسيم ٿي ويا ۽ ڦرڻ لڳا. ڦرڻ ڪري مادو ٿلهو ۽ گول ٿيو ۽ مٽيءَ جي ڪڪرن جو ڪجهه حصو مرڪزي مادي جي چوڦير ڦرڻ لڳو. مرڪزي حصو سوڙهو ٿيو ته ان ۾ گرميءَ جو درجو وڌي ويو، جيڪو ٻه ڪروڙ ڊگرين کي وڃي پهتو ۽ ان مان ٿرمو نيوڪليئر (Thermonuclear) رد عمل پيدا ٿيو ۽ بي انتها توانائي (Energy) خارج ٿي، جنهن مان ڌرتيءَ جو سج ٺهيو. اهڙي طرح باقي گردش ڪندڙ مٽيءَ جي ڪڪرن مان گرهه ۽ مادا ٺهيا. سج جا نو گرهه: عطارد (Mercury)، زهره (Venus)، ڌرتي (Earth) ۽ مريخ (Mars) پاڻ ۾ قريب تر آهن ۽ وڌيڪ وڇوٽيءَ تي مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn)، يورينس (Uranus)، نيپچون (Neptune) ۽ پلوٽو Pluto)) آهن.سائنس جو به موقف آهي ته قديم ترين جبلن ۽ شهاب ثاقب جي ٽڪرن ۾ شيهي (Lead) جي آئسوٽوپس (Isotopes) جي نسبتي مقدار وغيره مان عمر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ لڳايو به ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”ڌرتيءَ“ جي ڪل عمر جو ڪاٿو ساڍا چار ارب سال بيهي ٿو. انهيءَ ۾ اٽڪل چار ارب سال ڌرتيءَ جو بيجان زمانو (Pre-Cambrian Age) هو، اٽڪل پنجاهه کان سٺ ڪروڙ سال اڳ ساهوارن جو زمانو (Cambrian Age) شروع ٿيو، ڌرتيءَ جي بيجان زماني جو عرصو اڃا به بحث هيٺ آهي. انهيءَ زماني جا حجري آثار (پنڊ پهڻ Fossils-) فقط ٽي ارب 439 ڪروڙ سال پراڻا آهن. قديم هندو روايت مطابق ڌرتيءَ جي جملي عمر هڪ ارب ستانوي ڪروڙ ۽ ڪجهه سال آهي، پر سائنسي معلومات موجب ڌرتيءَ جو ساهدار زمانو (Cambrian Age) 75 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو ۽ 26 ڪروڙ سال اڳ تائين اهڙا ڇهه دور گذريا، جن کي ملائي، ماهرن ڌرتي جو ٻيو زمانو (Paleozonic Era) ڪري ڪوٺيو، جنهن ۾ بنا ڪرنگهي، پاڻيءَ جي ساهوارن کان وٺي وڏن نانگن، بلائن ۽ پاڻيءَ جي گاهن جو زمانو اچي وڃي ٿو.زمانن جي لحاظ کان ڌرتي جي چئن مکيه زمانن جو نقشو هن طرح آهي:(1) قديم ترين ”پري ڪئمبرين“ (Pre- Cambrian) (ساهوارن کان اڳ) جو زمانو، جنهن جا ڪجهه حجري آثار مليا آهن، جيڪو 3 ارب 49 ڪروڙ سالن کان وڌيڪ اڳ ٿي گذريو. (2) ڪئمبرين (ساهوارن) جو زمانو ”پيليوزوئڪ“ (Paleozoic Era) زماني کان شروع ٿيو، جيڪو 75 ڪروڙ سالن کان 26 ڪروڙ سال اڳ تائين هليو ۽ ان ۾ بنا ڪرنگهي بحري حيوان، وڏا نانگ بلائون ۽ سامونڊي گاهه گهڻي انداز ۾ موجود هئا.(3) وچون زمانو ”ميسوزوئڪ“ (Mesozoic Era) جيڪو 22 ڪروڙ پنجاهه لک سالن کان 13 ڪروڙ سال اڳ تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ”ڊائنو سار“ جو نسل پيدا ٿيو ۽ ناس ٿي ويو، انهن سان گڏ ننڍا کير وارا جانور ۽ قديم پکي پيدا ٿيا ۽ تڳندا رهيا.(4) بيحد ويجهو زمانو ٽيون دور جنهن کي ”پليٽوسين زمانو“ (Pleistocene Era) چئجي ٿو، هي زمانو 7 ڪروڙ سالن کان ٻه لک سال اڳ تائين شمار ٿئي ٿو، ان بعد ”ڌرتي“ جون حالتون ساڳيون رهيون آهن، هن زماني ۾ کير ڌارائيندڙ جانورن کان وٺي پهرين انسان نما جانور تائين ساهوارن جي افزائش ٿي.مٿي ڄاڻايل ارضياتي (Geological) نقشي مطابق زماني جي لحاظ کان پهريون انسان نما جانور ويهه لک سالن کان ڪجهه وقت اڳي پيدا ٿيو هوندو، جڏهن ته ڌرتيءَ جي ساهدار عمر ساڍا ٽي ڪروڙ سالن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ڪل عمر ساڍا چار ارب سال ڪٿي وئي آهي، بلڪل ويجهو زمانو گذريل 11 هزار سالن کان شروع ٿيل آهي.زندگيءَ جي تخليق: سائنسي تحقيق مطابق ڌرتيءَ تي حياتيءَ جي تاريخ سٺ ڪروڙ سال اڳ شروع ٿي، اها تازي تحقيق آهي، جنهن کي دنيا جا سائنسدان ويهين صدي عيسويءَ جي اهم ترين ارتقائي تحقيق تسليم ڪن ٿا، سندن معلومات مطابق 54 ڪروڙ سال اڳ کان ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو وجود هو، ليڪن انهيءَ جو پٿرايل ڍانچو (Fossil) حاصل ٿي نه سگهيو هو، تازو ڏکڻ چين جي ڊوشان تئو (Doushantuo) پهاڙن ۾ اهڙا حجري (پٿرايل) آثار ڍانچن جي صورت ۾ مليا آهن، جيڪي ڏيکارين ٿا ته ڄاريءَ مثل گهڻن خانن ۽ حياتيءَ جي ابتدائي جزن مان ٺهيل نباتاتي يا حيواني جيوت (Multi-cellular plant or animal life) سٺ ڪروڙ سالن جي لڳايل اندازي کان اڳ ڌرتيءَ تي موجود هئي.حجري آثارن تي مبني حياتيءَ جي تاريخ، خوردبينيءَ ذريعي نظر ايندڙ جراثيمن جي ڍانچن (Moulds of microscopic bacteria) کان شروع ٿي، ارتقائي نظريو رکندڙ سائنسدانن مطابق چند هزار سال اڳ برفاني زماني جي ڪڪريءَ جي تري (Grave bed) تي مليل انساني هڏن تائين حياتيات ڦهليل آهي، ليڪن ڌرتيءَ تي موجود اڪثر حيواني ساخت جي ابتدا 54 ڪروڙ سال اڳ ٿيل ساهوارن جي ڌماڪي (Cambrian explosion) کان ٿي آهي. سائنسدان انهيءَ ويچار ۾ هئا ته انهيءَ زماني بابت ڪهڙيءَ طرح تحقيق ڪئي وڃي، جنهن انهيءَ عظيم حياتياتي ڌماڪي کان اڳ اهڙا سبب پيدا ڪيا، جو انيڪ قسمن جا ساهوارا هڪدم وجود ۾ آيا ۽ تڪڙي واڌ ڪرڻ لڳا؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ جسماني حياتي نرم صورت ۾ هئي، جيئن ڪينئان، جيلي فش وغيره، جن کي نه هڏا هئا ۽ نه مٿن کوپو (Shell) هو، جنهن جا حجري آثار هٿ ٿي سگهن، انهيءَ زماني جا اڄ تائين حاصل ڪيل ڪجهه تاثر ۽ نشانيون جيڪي بنيادي طور هڪ گروه جي صورت ۾ معلوم آهن، جن کي ايڊياڪئرن (Ediacaran) چئجي ٿو، اهي شاهديون ايتري قدر ته منجهيل آهن، جو ڪنهن تفصيل تي پهچي نه ٿو سگهجي.انسان جي زندگيءَ جي شروعات تحقيق مطابق اٽڪل 20 لک سال اڳي آفريڪا کنڊ جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ رهندڙ هڪ ساهدار نسل طور ٿي. هن پنهنجو گهر ٺاهيو ۽ ڌرتيءَ تان خوراڪ حاصل ڪئي، هن ۾ بلڪل سادا اوزار ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت هئي ۽ ننڍن جانورن جو شڪار ڪندو هو. انهيءَ اوائلي انسان نما حيوان آسٽريلوپيٿيڪس (Australopithecus) کان پوءِ هڪ سڌريل نسل اٽڪل پنج لک سال اڳ پيدا ٿيو، جنهن کي اڀ پيرو انسان چئجي ٿو، جيڪو بلڪل سڌو بيهي سگهيو ٿي ۽ آسانيءَ سان ڊوڙي حملو يا بچاءُ ڪري سگهيو ٿي. هن باهه جو استعمال ڪيو، اهڙا اوزار ايجاد ڪيا، جن سان وڏن جانورن جو شڪار ڪرڻ لڳو ۽ امڪان نظر اچي ٿو ته هن پهريائين ڳالهائڻ شروع ڪيو، هن جو ڊول باندر کان وڌيڪ انسان مثل هو ۽ سندس مغز، پهرين قسم يعني آسٽريلوپيٿڪس کان گهڻو وڏو هو.سائنس جي تحقيق مطابق ڌرتيءَ تي جديد انسان جي پيدا ٿيڻ کان اڳ هيٺينءَ ريت ارتقائي ۽ ثقافتي دور ٿي گذريا آهن:(1) ڌرتيءَ جو ابتدائي ارتقائي ۽ ثقافتي دور، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ست ڪروڙ سال هليو.(2) ست ڪروڙ سال اڳي پهريون ساهدار (Primate) پيدا ٿيو.(3) ٽي ڪروڙ سال اڳ انسان نما باندر پيدا ٿيا.(4) ست لک سال اڳي ڌرتيءَ تي برفاني زماني (Ice Age) جي شروعات ٿي. (5) ڇهه لک سال اڳي ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان نما مخلوق جو ڍانچو ”زنجان ٿروپڪس“ حجري صورت ۾ آفريقا مان مليو آهي. (6) ”زنجان ٿروپڪس“ جي نسل کان پوءِ پنج لک هڪ هزار سال اڳي ”جاوامئن“ ايشيا ۾ رهندو هو، چار لک سال اڳي ”چيولين مئن“ آفريڪا ۽ ”وچ مشرق“ ۾ آباد هو، ٽي لک سٺ هزار سال اڳي چين ۾ ”پيڪنگ مئن“ جي وجود جي ثابتي ملي آهي ۽ ٻه لک پنجاهه هزار سالن کان هڪ لک پنجاهه هزار سالن تائين، يورپ ۾ هڪ اهڙو نسل آباد هو، جيڪو ”هوموسيپئين“ (جديد انسان) جي صف ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. هڪ لک کان پنجٽيهه هزار سال اڳي تائين قديم پٿر جي زماني جي ترقي يافته تهذيب ”موسٽرين“ جو دور هو ۽ هڪ لک سالن کان ٽيهه هزار سال اڳ تائين انهيءَ دور جو مهذب انسان ”نينڊرٿل مئن“ جرمني (يورپ) ۾ نينڊر ندي جي ڪناري ۽ جهنگن ۾ شڪاري زندگي گذاري رهيو هو، پنجهتر هزار سال اڳ برفاني زماني جو چوٿون ۽ آخري دور شروع ٿيو. (وڌيڪ ڏسو:انسان، جلد: پهريون)ڊاروِن جو نظريو: ڊاروِن ارتقا بابت پنهنجي نظريي جو بنياد فطرت جي انتخاب (Natural Selection) جي اصول تي رکيو، جنهن ۾ مختلف قسمن جي نسلي جنسن (Species) يا مختلف بيهڪ ۽ مهانڊن وارن حيوانن جي وچ ۾ بقا لاءِ چٽا ڀيٽيءَ جو مفروضو قائم ڪيو ويو، انهيءَ چٽا ڀيٽي ۾ جيڪو وڌيڪ ٺهڪي اچي، اهو بچي وڃي (Survival of the fittest) جو نتيجو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جديد دور جو انسان قديم زماني کان مختلف قسمن جي جنسن (حيواني نسلن) سان چٽا ڀيٽي ڪري تڳي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ڊاروِن جي نظريه جو مجموعي اختصار هن ريت آهي:1. وجود قائم رکڻ لاءِ جدوجهد.2. موزون ترين ساهدارن جو تڳڻ.3. قدرتي انتخاب. 4. نئين قسم جي جنسن جو پيدا ٿيڻ. ڊارون جي فطرتي انتخاب جو نظريو ٽن دليلن تي مشتمل آهي:1. سڀ ٻوٽا ۽ جانور پنهنجي جياپي جي امڪانن کان وڌيڪ تعداد ۾ نسل پيدا ڪن ٿا، تنهنڪري انهن ۾ زنده رهڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ چٽاڀيٽي ٿئي ٿي. 2. هر جنس ٻيءَ جنس کان مختلف آهي، ڪي جنسون هڪ ٻئي جي واڌ ۾ مددگار ٿين ٿيون ته ڪي انهيءَ کي روڪين ٿيون. 3. فقط اهي جنسون ساهه تڳائي بچي وڃن ٿيون ۽ پنهنجو نسل وڌائينديون رهن ٿيون، جيڪي حياتيات جي اصولن مطابق پنهنجي ماحول سان ٺهڪي اچن ٿيون ۽ ٻين کان وڌيڪ موزون آهن. (Survival of the fittest) ڊارون مختلف جنسن جي وچ ۾ بقا لاءِ جسماني ساخت کي موزون بنائڻ جي چٽا ڀيٽيءَ جو دليل پيش ڪيو، پر هو اهو سمجهڻ سمجهائڻ کان قاصر رهيو ته هڪ ئي جنس اندر اها چٽا ڀيٽي يا مقابلو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته سندس ارتقا جو نظريو ڄاڻائي ٿو ته ”هومينوائيڊيا“ جي جنس (انسانن ۽ حيوانن جو گڏيل اوائلي نسل يا جنس) شروعاتي مرحلن مان گذري، پهريائين ”پرائيمٽس“ جي درجي کي پهتي، پوءِ مختلف جنسن جي وچ ۾ بقا لاءِ هلندڙ چٽاڀيٽيءَ ۾ انسان جي نسل ڀولڙن مان ارتقا ڪري موجوده جسماني بيهڪ اختيار ڪئي، افريقا جا چمپئنزي (انسان نما باندر) ۽ گوريلا ۽ اوڀر ايشيا جا اورنگٽان ۽ گين، اهڙي طرح باندرن مان انسان بنيا، جن کي هڪ جهڙي جسماني بناوت سبب خاص نالو ”“پوگيڊاني“ ڏنو ويو ۽ جڏهن اهي انساني بناوٽ ۾ آيا ته انهن کي ”هومينائيڊاءِ“ نالو ڏنو ويو، انهن ۾ باندر ليمر (ڪارا ڀولڙا) ٽرسائير ۽ ڪورائيس شامل آهن. نينڊرٿل مئن گهڻي ڀاڱي برف پوش ڌرتيءَ جو انسان هو، غارن ۾ رهندو هو، باهه تي کاڌو پچائيندو هو ۽ پنهنجي جسم کي گرم رکندو هو ۽ هڪ شاطر شڪاري هو، جيتوڻيڪ سندس جسم ننڍو هو ۽ جانورن وانگر اٿندو ويهندو هو، پوءِ به اڳين نسلن جي مقابلي ۾ هڪ سڌريل انسان هو. جديد انسان جو زمانو: جديد انسان جو زمانو نئين پٿر جي زماني (Neolithic Age) کان شروع ٿئي ٿو، تنهنڪري ان کي نئين پٿر جي زماني جو انسان يا (Neolithic Man) به چئجي ٿو، هن زماني جي انسان جون پنج مکيه فضيلتون هن ريت آهن:1. زراعت ۽ پالتو جانورن پالڻ جو رواج پيو. 2. مستقل رهائش اختيار ڪئي وئي، جنهن ڪري ڳوٺن ۽ شهرن قائم ٿيڻ جو رواج پيو. 3. هنرن جي ترقي ٿي ۽ مختلف هنرن جا جدا جدا ڪاريگر پيدا ٿيا.4. ٺڪر جا ٿانو ٺهڻ ۽ استعمال ٿيڻ لڳا.5. شين جي مٽاسٽا ۽ وڻج واپار جو رواج پيو. انهن سڌارن کي گڏي نئين پٿر جي زماني جو انقلاب چئجي ته بجا ٿيندو، انهيءَ انقلاب انساني معاشرن ۽ معاشرتي زندگيءَ جو بنياد وڌو. جئڪئيتا هاڪس (Jacquetha Hawkes) هڪ ماهر آثار قديمه جو چوڻ آهي ته ”انسان پهريون دفعو پنهنجي سلامتيءَ خاطر آزاديءَ جي قرباني ڏني“ نئين پٿر جي زماني جو انسان پنهنجي پوک ۽ پاڻي جي ويجهڙائي ۾ ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو، هن پنهنجا گهر ڪچين سرن، پٿر يا ڪاٺ مان جوڙيا ۽ انهن کي ڪکن ڪانن، يا ڪامن پٽين سان ڇتيو، شايد کڙهه دريا دروازي جو رواج به اوائلي زماني کان شروع ٿيو، ڳوٺ جي چوڦير، ٻاهرين حملي (جانورن) کان بچاءَ لاءِ کاهي يا لوڙهي جو رواج پيو. سنڌ ۾ اڃان تائين ڪيترا ڳوٺ کاهي جي نالي سان آهن، وڏن ڳوٺن ۾ مذهبي پوڄا پاٺ لاءِ مندر ۽ عبادتگاهه ٺهيا، جن ۾ جديد انسان جا ابا ڏاڏا پنهنجي معبودن، بتن يا مخصوص الاهي علامتن جي عبادت ڪندا هئا ۽ قرباني جي رسم به اتي ادا ڪندا هئا. اهڙي نموني مذهب ۽ فن، گڏجي انساني سماج جي اوسر ۾ بهتر ڪم ڪرڻ لڳا، نه ته مذهب فن کان الڳ هو نه فن مذهب کان جدا، مذهبي گيت، ناچ ۽ رسمون فن جو سريلو انداز صرف مذهب جي اوٿپ لاءِ استعمال ٿيو، جڏهن ته مذهب فن جي تخليق ۾ اهم ۽ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هنرن جي ترقيءَ ۾ ڪپڙي اڻڻ (۽ پائڻ) ۽ رلين، اجرڪن کان علاوه ڇٻين ۽ ٽوڪرن ٺاهڻ جو فن به شامل هو، جنهن ڪري هن زماني جي انسان کي مڪمل سڌريل انسان سمجهڻ گهرجي، انهيءَ انسان سئي ايجاد ڪئي ۽ سبيل ڪپڙا پهرڻ لڳو، پير ڍڪڻ شروع ڪيائين، پوءِ مٿي ڍڪڻ جو رواج پيو. انساني ارتقا (Evolution of Man) جي نظريي جا حامي سائنسدان، فلاسافر ۽ اديب انهيءَ ڳالهه تي ضرور اتفاق ڪندا ته سندن سوچ مطابق انساني نسل جن به ارتقائي مرحلن مان گذريو آهي، سي سڀ لازمي طور تي قدرت جي قانون مطابق عمل ۾ آيا هوندا، يعني هر مرحلي تي تخليق جو عمل قدرتي هو، قدرت ۾ قدر (Value) ۽ تقدير (Evalution) جو عمل ڪار فرما آهي، يعني جيڪڏهن ڪو به جسم پنهنجي مدار ۽ محور کان ٻاهر وڃي ٿو ته فنا ٿي وڃي ٿو ۽ جسم جي بقا جو دارومدار انهيءَ مخصوص مدار ۽ محور اندر رهڻ تي آهي، حيواني نسلن سان به اهو ئي قدر جو قانون لاڳو آهي، جيڪڏهن قدرتي بناوت ۽ ان سان لاڳو قدرن ۽ استعمال کان ٻاهر ڪو حيوان پنهنجو جسم آڻيندو ته اهو فنا ٿي ويندو، جسماني ارتقا جو عمل بناوت جي اندر رهي ٿي سگهي ٿو، ان کان ٻاهر هرگز ٿي نه ٿو سگهي، اهڙيءَ طرح ذهني يا دماغي ارتقا، جيڪو انسان ذات جي تاريخ ۾ پڌرو نظر اچي ٿو، قدرت جي قانون جي حدن اندر ڪار فرما آهي. اهي حدون لامحدود آهن، انسان مان پيدا ٿي سگهي ٿو، اهڙي طرح جانورن مان فقط جانور پيدا ٿيندو تخليق بابت سائنسي نظريا ڇڏي باقي هر مذهب وٽ تخليق جو پنهنجو پنهنجو الڳ نظريو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ڪائنات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باب السماءِ
ٻاٽ (اوندهه)
ايشيا
آسمان
تصوف
تخليق
ٽيڪٽونڪ پليٽون
ٽين دنيا
ڪائنات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون