داخلا نمبر 5122
عنوان ترائيل
شاخ ادب
پڙهيو ويو 307 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ترائيل

ترائيل: ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي هڪ مقبول صنف آهي، جنهن کي “Triolet” چئبو آهي، اهو سنڌيءَ ۾ 1950ع ڌاري رائج ٿيو. ترائيل جو سنڌيءَ ۾ پهريون تجربو نامور شاعر هري دلگير ڪيو. اُن بعد نارائڻ شيام، هريڪانت، شيخ اياز، امداد حسينيءَ خوبصورت ۽ پختا ترائيل چيا آهن. ترائيل جي بندش ڪجهه ڏکيري آهي. هن ۾ اٺ سِٽون (مصرعون) ٻن قافين تي ٿين ٿيون، جن کي چئن چئن سٽن (مصرعن) جي ٻن بندن ۾ ورهايو وڃي ٿو. پهرين سٽ چوٿين سٽ ٿي ڪم اچي ٿي ۽ پهرين ٻن سٽن (مصرعن) کي آخرين ٻه سٽون (مصرعون) ڪري دهرايو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت پهرين سٽ (مصرع) ٽي دفعا ورجائي وڃي ٿي، اُن ڪري ئي هن نظم جو نالو ترائيل (triolet) پيو آهي. ترائيل ۾ قافين جي ترتيب هن ريت هوندي آهي:
پهرين ۽ ٻي مصرع (سٽ) جا قافيا مختلف هوندا آهن. ٽين ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ پنجين سِٽ ستينءَ سان ۽ ڇهين سٽ اٺينءَ سان هم قافيه هوندي آهي؛ يعني ڪل ٻه قافيا. مثال طور هريڪانت جو هيءُ ترائيل ڏجي ٿو:
پِرهه جي باک جيان ڪنهن ته نهاريو مون ڏي،
زندگي صبح جيان ڀاسي ٿي روشن روشن.
گُهور انڌڪار منجهان ڪنهن ته اُٿاريو مون کي،
پرهه جي باک جيان ڪنهن ته نهاريو مون ڏي.
---
دل بيابان هئي، ڪنهن ته سنواريو تنهن کي،
ڄڻ ته صحرا ۾ به آباد ٿيا باغ و چمن،
پرهه جي باک جيان ڪنهن ته نهاريو مون ڏي،
زندگي صبح جيان ڀاسي ٿي روشن.
هن نظم جي فنڪاري پهرين مصرع کي ٽي دفعا نڀائڻ ۾ آهي. هر دفعي اها اهڙي ته سهج ۽ سڀاويڪ نموني دهرائي وڃي، جو بنهه ضروري محسوس ٿئي؛ ۽ اهو صرف تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن هر دفعي اُن جي معنيٰ جو ڪو نئون پهلو اجاگر ڪيو وڃي يا اُن ۾ سمايل جذبي کي گهرو ڪيو وڃي يا اُن ۾ لڪل طنز کي وڌيڪ چُڀندڙ بنايو وڃي.
يورپ اندر انگريزي، جرمني ۽ ٻين ٻولين ۾ به ترائيل لکيا ويا آهن. اردوءَ ۾ احمد نديم قاسميءَ جا ترائيل سندس ڪتاب ’رم جهم‘ ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻين شاعرن به ترائيل چيا آهن. سنڌيءَ ۾ هري دلگير ترائيل چوڻ جي ابتدا ڪئي، جڏهن ته هريڪانت جي ترائيلن جو مجموعو ”پرهه کان پهرين“ آگسٽ 1961ع ۾، سنڌو پبليڪيشن، نئين دهليءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ نارائڻ شيام ۽ تعارف لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل لکيو هو. امداد حسينيءَ جا ڪجهه خوبصورت ترائيل ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ سندس شعري مجموعي ’امداد آهي رول‘ ۾ ڇپيا آهن. شيخ اياز هڪ پورو ڪتاب ترائيلن جو ’چنڊ ڳليون‘ جي نالي سان لکيو آهي، جيڪو آگسٽ 1995ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو؛ جنهن ۾ سندس 244 ترائيل آهن. جڏهن ته هري دلگير جي ترائيلن جو ڪتاب ”گاهه کليا گس گس“ 2004ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن جا ڪيترائي ترائيل ڏنل آهن. هري دلگير ترائيل ۾ وزن جا تجربا ڪيا آهن. اڪثر ڪري اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ترائيل هڪ خاص چست چال واري وزن ’فاعلاتن، فعلاتن، فعلاتن، فعلن‘ يا ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ تي لکيا ويا آهن. شيخ اياز، هري دلگير وانگر تجرباتي طور ٻيا وزن به ڪم آندا آهن ۽ هئيت گهاڙيٽن کي به ڦيرايو آهي، جنهنڪري سندس ترائيلن ۾ چس رس ۽ ڪن رس وڌي ويو آهي. مثال طور سندس هڪ ترائيل هن ريت آهي:
پِرهه جي هير ۾ رابيل جئن ٽِڙن ٿا پيا،
ائين لڳي ٿو جوانيءَ ۾ تون ٽِڙي آهين!
وهن ٿيون ڪنگريون، کُوهه ڄڻ گِڙن ٿا پيا،
سندءِ وجود مان نغما اِئين ڇِڙن ٿا پيا.
--
اڃا گُلاب کِڙن ٿا ڀَنوَر مڙن ٿا پيا،
ٻه پَل ته ويههُ، ائين ڇو اُتا مڙي آهين؟
پياڪَ سُونهَن ڏِسي، ڪيترو ٿِڙن ٿا پيا!
پرهه جي هير ۾ رابيل جِئن ٽِڙن ٿا پيا!
انهن شاعرن کان سواءِ مير محمد پيرزادي، تاج جويي، محمد صديق منگيي ۽ زبير سومري به ترائيل لکيا آهن. پر ترائيل جي سخت بندش ان جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ترائيل تي سنڌ ۾ مير محمد پيرزادي ۽ رکيل مورائيءَ مضمون لکيا آهن ۽ نوجوان ليکڪ سارنگ جويي 2008ع ۾ ايم. اي جو مونو گراف ”ترائيل، ان جي تاريخ ۽ پسمنظر“ عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ هن تحقيق ڪري ڪافي معلومات مهيا ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو