داخلا نمبر 5336
عنوان ترين شوڪت
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 143 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
شوڪت ترين

شوڪت ترين

ترين شوڪت

ترين، شوڪت: اقتصاديات جو ماهر ۽ سينيئر بئنڪر شوڪت ترين، 1953ع ڌاري ملتان ۾ ڄائو، سندس والد آرمي ڊاڪٽر هو، هن شروعاتي تعليم آرمي جي اسڪولن مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ايم. بي. اي پنجاب يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس تعلق پٺاڻن جي ترين قبيلي سان آهي، کيس بئنڪنگ شعبي ۾ وسيع تجربو رهيو آهي. هو ســٽي بئنـڪ جو ٿائلـينڊ ۾ ملڪي صدر رهڻ کان سواءِ پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ ۽ يونين بئنڪ جو صدر به رهي چڪو آهي. کيس ٻه دفعا ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو چيئرمين پڻ چونڊيو ويو. آڪٽوبر 2008ع تي کيس ناڻي بابت وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ جي دور ۾ کيس 27 جولاءِ 2009ع تي سينيٽر منتخب ڪري ترت ئي پوءِ کيس ناڻي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، جتان 23 فيبروري 2010ع تي استعيفيٰ ڏنائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو