داخلا نمبر 5439
عنوان تسنيم احمد صديقي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 213 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تسنيم احمد صديقي

تسنيم احمد صديقي

تسنيم احمد صديقي

تسنيم احمد صديقي: 12 آڪٽوبر 1939ع، تي ’ميرٺ‘ ۾ جنم وٺندڙ تسنيم احمد صديقي پاڪستان جي سول سروس سان گذريل ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو لاڳاپيل رهيو. هن سياست ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان سواءِ سماجي شهريت ۽ سماجي ترقيات ۾ ايم. بي. اي جون ڊگريون به حاصل ڪيون. سرڪاري حيثيت ۾ ’حيدرآباد ترقياتي اداري‘ جي ڊائريڪٽر جنرل کان سواءِ ’سنڌ ڪچي آباديز اٿارٽيءَ‘ جي ڊائريڪٽر جنرل، وقف ملڪيت واري ٽرسٽ جي ڊائريڪٽر، لوڪل گورنمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن جي سيڪريٽريءَ، فشريز کاتي حڪومت سنڌ جي سيڪريٽريءَ ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر توڙي ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ اهم ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي. تسنيم صديقي 1995ع ۾ گهٽ آمدنيءَ وارن طبقن لاءِ پنهنجي جڳ مشهور رهائشي اسڪيم ”خدا جي بستي“ تي آرڪيٽيڪچر جو ’آغا خان اوارڊ‘ به حاصل ڪيو. ملڪي ۽ پرڏيهي اخبارن ۽ رسالن ۾ بيوروڪريسي ۽ سماجي ترقيءَ تي ڪيترن ئي مضمونن ۽ مقالن جو ليکڪ به آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.10.12  عيسوي

تسنيم احمد صديقي 12 آڪٽوبر 1939ع ، تي ’ ميرٺ ‘ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون